شيخ اياز جا ڇهه سِٽا
شيخ اياز جو تخليقي روح ڪنهن سانت نديءَ وانگر شانت ۽ ڌيمو نه آهي، پر پهاڙي جهرڻي جيان روان ۽ بي قرار آهي، جيڪو نه رڳو ڪنهن ڪوهَه جي ڪُکِ منجهان خود بخود ڦُٽي نڪرندو آهي، پر پنهنجا رستا ۽ پيچرا به پاڻ ٺاهيندو آهي. اياز جي شاعري به سندس اندر مان ڦُٽي نڪتي آهي. هو پنهنجي شاعريءَ جي فڪري توڙي فني سفر ۾ سدائين تخليقي، تغير جو قائل ۽ ترقي پسند رهيو آهي. اياز جيترو پنهنجي خيال جي اُڏام ۾ آزاد ۽ اَرڏو رهيو آهي، ايترو ئي شاعريءَ جي فني ۽ هيئتي تجربن ۾ گهڻ رُخو ۽ انفرادي نوع جو حامل آهي. هن سنڌي شاعريءَ ۾ نه صرف فني تجربن جو ساهس ساري نوان هيئت، گهاڙيٽا، وزن ۽ اسلوبَ متعارف ڪرايا آهن، پر انهن کي اهڙو فطري رنگ ۽ رچاءُ بخشيو آهي، جو اهي شاعريءَ ۾ مروج ۽ مقبول ٿي ويا آهن.
عام طور تي نظم جا ڪيئي سِٽاءَ آهن، جن تي اهو سِرجيو ويندو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ گھڻو ڪري مثنوي، مثلث، مربع، مخمس ۽ مسدس جي فارم ۾ نظمَ لکيا ويا آهن ۽ اياز جي اڪثريتي نظمن ۾ پڻ اهو ئي سِٽاءُ نظر اچي ٿو، پر هن جي شعري مجموعي، ’رڻ تي رم جهم‘ ۾ ’او سُپنا، سُپني جا سُپنا‘ جي سِري سان ’ڇهه سِٽي‘ سٽاءَ ۾ لکيل مختصر نظمن جو هڪ جُھڳٽو ملي ٿو، جيڪو نه فقط اياز جي اڳئين نظمن جي هيئت ۽ گهاڙيٽي کان مختلف ۽ الڳ آهي، پر وزن، ترنم ۽ اظهار جي لهجي ۽ لطافت جي لحاظ کان پڻ نئون ۽ نرالو آهي.
ويهن صفحن تي ڦهليل هي 79 منفرد ڇهه سِٽا نظمَ، جن مان هر صفحي تي ٻه ڇهه سِٽا ڏنل آهن، ۽ انهن مان هر ڇهه سِٽو، هڪ مڪمل نظم جو احساس ۽ تاثر پيش ڪري ٿو، سچ ته اياز جو نظم ۾ اَڇوتو تجربو آهن. هنن ڇَهن سِٽن ۾، نه رڳو مختلف داخلي ڪيفيتن جا اثرائتا عڪس ۽ محبت جي موضوع جو تسلسل ملي ٿو، پر انهن ۾ واقعن، منظرن، احساسن، خيالن، اظهار ۽ اسلوب جي خوبصورتيءَ جو پڻ هڪ انوکو ڳانڍاپو آهي، جيڪو پاڻ ۾ مِلي جهڙوڪر هڪ طويل نظم جي تاڃي پيٽي ۽ تسلسل کي جنم ڏئي ٿو. هن طويل ڇهه سٽي نظم ۾ اياز فن ۽ اظهار جون مختلف ۽ منفرد ’ٽيڪنڪس‘ استعمال ڪيون آهن. ڪٿي ان جي اظهار ۾ منظر ڪشي آهي، ڪٿي تشبيهن جي حُسناڪي، ڪٿي استعارن جي نُدرت ۽ نرملتا، ته ڪٿي وري ’ڊائلاگ فارم‘ ۾ هن پنهنجن احساسن ۽ پنهنجي پرينءَ جي جذبن جي هن ريت اور اوري آهي.
مون چيو، ’تون خواب آهين‘
تو چيو، ’ڇُهي ڏس تون
ڪيمخواب جئن آهيان،
تنهنجي ٻانهن جي ٽاريءَ
تي ٽِڙِي پئي آهيان
ڪنهن گلاب جئن آهيان.‘
مون چيو، ’گُلِ بخمل
ڇو ڏسي رهي آهين؟
هي ته تو جيان ناهي!
تون هزارين خوشبوئون
هن جو رنگ تو جهڙو
بو مگر ڪٿي آهي‘؟
(رڻ تي رم جهم، ص101)
هن طويل ڇهه سِٽي نظم جو بنيادي موضوع ’محبت‘ ۽ ان سان لاڳاپيل جذبا، جولان، حسرتون، وصل، جدائي، قرار ۽ بي قراريءَ جون ڪيفيتون آهن. حقيقت ۾ هي نظم اياز جي آتم ڪٿا جو هڪ منظوم رومانوي باب آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي محبت جون حسين ساروڻيون ۽ موهيندڙ پيار جون ساعتون محفوظ ڪيون آهن. ڊاڪٽر ادل سومري هڪ ڀيري ذاتي ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته اهي ڇهه سٽا، اياز پنهنجي ڄام شوري جي هڪ محبوبه سان گهاريل يادگار گهڙين ۽ محبت جي پسمنظر ۾ لکيا آهن.
ساڳي ڳالهه جو اياز پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ اعتراف ڪندي لکي ٿو، ”هوءَ سچ پچ منهنجي زندگيءَ ۾ موتين ۽ مُگرن جون جهوليون ڀري آئي هئي، جن جي هُڳاءَ ۾ مان اڃا تائين ويڙهيل آهيان. صبح جو هلڪي بارش پئجي رهي هئي، جڏهن راحت جي مون سان پهرين ملاقات ٿي هئي. مون کي ائين محسوس ٿيو هو، ته اهو تقدير ۾ اڳي طئي ٿيل هو ته اسين ملون. جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مون ڀانيو ته اها هيءَ ئي آهي، جنهن کي مان ڪيتري وقت کان ڳولي رهيو آهيان. هن کي ڏسي ڄڻ منهنجو تن من جرڪي اُٿيو هو..... مون هن جو قرض چُڪايو آهي ۽ هن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ امر بڻائي ڇڏيو آهي. مون ’رڻ تي رم جهم‘ ۾ هن تي اسي (درست انگ 79) ڇهه سٽا لکيا آهن، پر اڃا تائين هن جو مون تي قرض آهي ۽ مان سوچان ٿو ته اهو قرض ڪيئن لاهيان؟“(40).
’چانڊوڪي رات جون چلولايون، بارش جون بوندون، ڄام شوري جون هوائون، خواب جهڙيون ساعتون، رات جي سانت ۾ هوائن جون رباب جهڙيون سرگوشيون، چنڊ جهڙي پرينءَ جو ساٿ، پکي جيان اُڏامندڙ جواني‘ اهي سڀ اهڙيون سُندر ترڪيبون، تشبيهون، موهيندڙ منظر ۽ احساسن سان ڀرڀور سچايون آهن، جن سان شيخ اياز جي انهن ڇهه سٽن جي ابتدا ٿئي ٿي.
جهومندڙ هوائن ۾
رات ڄام شوري جي
ڪنهن رباب وانگر آ.
عمر اِئن اُڏامي ٿي
ڄڻ پکي پَرن تي آ
وقت خواب وانگر آ.
بيهجي وئي بارش
رات جي صراحيءَ ۾
چاندني شراب آهي.
مان ۽ منهنجي بي خوابي
تو جيان هوائن ۾
چنڊ محوِ خواب آهي.
(ص89)
شيخ اياز اهو خوش نصيب شاعر آهي، جنهن تي سڄي زندگي ’محبت ۽ شاعري‘ مهربان رهيون ۽ انهن ٻنهي سندس من کي سدائين سرشار ۽ شگفته رکيو.
اي گلاب جئن جانان!
تون شگفته رهڻي آن
منهنجي شاعريءَ وانگر،
تون سدا حيات آهين
موت جي شڪست آهي
شعر عاشقيءَ وانگر.
(ص125)
تون جڏهن هُئينءَ مون سان
اِئن لڳو پئي ڪَوتا
ڄڻ ته بي چَسي آهي،
تنهنجي سار آئي آ
منهنجي ڏات اڄ مون تي
مينهن جئن وَسي آهي.
(رڻ تي رم جهم) ــ (ص127)
فڪري ۽ احساساتي طور سَرنهن جي ڦولار جھڙي حُسناڪي ۽ جاذبيت رکندڙ هي ڇَهه سٽا نظمَ، فني حوالي سان پڻ پنهنجي نزاڪت ۽ نفاست رکن ٿا. ننڍي ۽ منفرد بحر تي سِرجيل اياز جي انهن منفرد نظمن بابت تاج جويو پنهنجي هڪ مقالي ۾لکي ٿو، ”هنن ڇَهن سِٽن جو بحر وزن ’فاعلن مفاعيلن‘ آهي، پر انهن جو ردم، گهاڙيٽو، ننڍي بحر جو استعمال، خيال جي ڳوڙهائي ۽ حُسنڪاري، موهيندڙ ۽ مست ڪندڙ آهي. هيءَ هيئت، نج اياز جي تخليق آهي، جيڪا فطري لڳي ٿي ۽ ان ۾ ڪا به مصنوعيت نه آهي“ (41).
اياز جي هنن ڇهه سِٽي نظمن مان هر هڪ نظم جو سِٽاءُ ۽ ان ۾ صوتي آهنگ اهڙو سرل ۽ مترنم آهي، جو انهن کي پڙهندي دل خود بخود جهونگارڻ ۽ گُنگنائڻ لڳي ٿي. ڪجهه ڇَهه سِٽا نظم هيٺ نموني طور ڏجن ٿا، جن ۾ ڪيفيتن جي ڪيف سان گڏ فطري رواني ۽ ردم جي سُرور کي ماڻي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
راتڙي جهڙالي آ
آسمان تي تارا
ڪي ٻه ٽي رهيا آهن
اڄ ته تنهنجي لوئيءَ ۾
انگ منهنجي ٻانهن لَئه
ڄڻ اُتاولا آهن.
تنهنجي آلي سيني تي
اي اُتاولي، منهنجا
چَپ لوڻ لوڻ آهن،
تنهنجي منهنجي ڀاڪر ۾
پيار جا سوين سپنا
ڄڻ ته جوڻ جوڻ آهن!
(ص132)
ڀرت ڀرت ڪُڙتي مان
مان سندءِ انارن کي
راهه تان ڏسان ٿو پيو،
ڪنڌ کي جهُڪائي تون
مُرڪندي هلي ويئينءَ
مان اڃان ڏسان ٿو پيو.
آءٌ تنهنجي ڀرسان هان ــ
انب تنهنجي ڇاتيءَ تي
ائن لُڏي رهيا آهن،
ڄڻ ته ڪوئي واچوڙو
اوچتو اچي ويو آ
وڻ ڌُڏي رهيا آهن.
(ص111)
تنهنجا هٿ چمين کان پو
ڄڻ ٽِڙي پيا آهن
مينهن ۾ گلابن جئن،
ڪائنات گونجي ٿي
ڇا وَڄي رهيو آهي
روح ۾ ربابن جئن!
چاندني پکيڙي ٿي
تِلڪُ تنهنجي ماٿي تي
چنڊ جئن کِڙيل آهي،
ڄڻ بسنت آيو آ
تنهنجو چمپئي جوڀن
ايترو ٽِڙيل آهي!
(ص100)
تون پري سُتل آهين
رات ڄڻ ته هرڻيءَ جان
دور آهي چشمي کان.
ويندي چنڊ ساوڻ جو
تو ڏي مون ڏي گهوري ٿو
ڪيتري نه حيرت مان!
سَروَ جي درختن کي
چاندني چمي ٿي پئي
چنڊُ سون ــ ورنو آ ــ
ڇانوَ ۾ ٻَٻُر جي مان
چپ ٿو چمان تنهنجا
ننڊ ڄام شورو آ.
(رڻ تي رم جهم) ــ(ص95)
مٿين ’ڇَهن سِٽن‘ ۾ اياز فطرتي ۽ جسماني جمال جا ڪيئي جلوا پَسايا آهن. هن نه رڳو نظر ايندڙ سونهن ۽ سُندرتا جا نقش چِٽيا آهن، پر هڪ ماهر مصور وانگر اهڙن انيڪ احساسن، اُڌمن ۽ اک سان نه پَسي سگهجندڙ سچائين کي پڻ پنهنجي لفظن جي برش سان پينٽ ڪيو آهي. ’جهڙالي رات ڪڪرن جي ٻانهن ۾ لڪل ٻه ٽي تارا، بارش ۾ ڀِڳل، چانڊوڪيءَ جهڙا بدن، انگن جي اتاولائي، ڀرت ڀريل ڪُڙتي اندر اَنارن جهڙا انگ، چاندنيءَ ۾ چمپئي جوڀن جون چاهتون، سَروَ جي وڻن جون قطارون، انهن جي ٽارين کي چُمندڙ چنڊ جا ڪِرڻا، رات جو سندر سَمو، پرينءَ جي قرابت، اڃايل هرڻ جهڙي پياس، چپن تي چمين جي بارش ۽ ننڊ جي آغوش ۾ آهليل ڄام شوري جا ننڊاکڙا ۽ خماريل عڪسَ‘، اهي سڀ منظر اياز جي نظمن جي فريم ۾ موجود ملن ٿا.
شيخ اياز جي ڇهه سِٽن جي هڪڙي خوبي اها به آهي، ته اهي هڪ ئي وزن ’فاعلن مفاعيلن‘ تي لکيل آهن، انهيءَ ڪري انهن ۾ ترنم جي يڪتائي سان گڏ هيئت جي يڪسوئي به محسوس ٿئي ٿي. هر ڇهه سِٽي جي ٽين ۽ ڇهين سِٽَ پاڻ ۾ هم قافيا آهي، جڏهن ته ٻين سِٽن ۾ قافيي جي ڪا پابندي ڪونهي، پر انهن جو لفظي سِٽاءُ ۽ سنگمُ انتهائي سجيلو ۽ اندروني قافيا ۽ تجنيسي حرفَ لڙهَه ۾ موتين وانگر مَڙهيل آهن، جنهن ڪري سِٽن ۾ هڪ نئين نغمگي ۽ تازگيءَ جو احساس ملي ٿو.
تون بنارسي ساڙهيءَ
۾ ڦِري رهي آهين
رنگ رنگ پوپٽ جئن،
تون جا پاڻ گل آهين
پيار ۾ اُڏامن ٿا
تنهنجا انگ پوپٽ جئن.
تون جا پاڻ گل آهين
تون جا پاڻ پوپٽ آن
ڪير تو جيان ڄاڻي،
’عشق خود تصوف آ
پنهنجي پيار ۾ آهي
پاڻ کي پيو ماڻي!‘
(ص107)
عشق کي به ڄڻ آهن
ڪنهن عقاب جئن گهُنگهرو
جهڙپ ڏي ته ڇم ڇم ٿئي،
اي اکيون اڃا ترسو
پوءِ هن سان ڳالهايو
هي هجوم ڪجهه ڪَم ٿئي!
مون گھڻو ڇُپايو، پر
مِرگهه جي کٿوريءَ جئن
ڦهلجي وئي آهين،
مان گھڻو جُهڪايان، پر
تون سندم نگاهن جو
طرف ٿي وَئي آهين!
(ص100)
ماڪ جو ڪرشمو آ
رات رات ۾ مُکڙي
ڄڻ ٽِڙي پئي آهي،
بات بات ڄڻ تنهنجي
ڪنهن ستار جئن پياري
اڄ ڇِڙي پئي آهي.
مون کي جئن چمين ٿي تون
تنهنجا چپ شعلن جئن
منهنجا چپ ٻارن ٿا،
تنهنجا پيار اي سرتي!
وارَ وارَ تي منهنجي
ڪائنات وارِن ٿا.
(رڻ تي رم جهم) ــ(ص102)
مٿين ڇهه سِٽن ۾ انيڪ استعارن، خوبصورت تشبيهن، اَڇوتين ترڪيبن، اندروني مترنم قافين ۽ ٻٽن متضاد لفظن جي استعمال سان گڏوگڏ اياز جي احساسن جي رومانوي رنگيني پڻ من ۾ پيهي ويندڙ آهي.