شيخ اياز جي هائيڪن / ٽه سٽن ۾ فني ۽ فڪري سونهن
هڪ اندازي موجب اياز 1140 جي لڳ ڀڳ هائيڪا / ٽه سِٽا لکيا آهن، جڏهن ته هائيڪو جي باني باشوءَ جي هائيڪن جو انگ 1000 ٻُڌايو وڃي ٿو. اهميت انگ جي نه آهي، پر انهيءَ فڪري ۽ فني رنگ ۽ روح جي آهي، جنهن کي اياز پنهنجي تخليقن ۾ اوتيو ۽ سمايو آهي. شيخ اياز جو اهو وڏو ڪارنامو آهي، ته هن شاعريءَ جي هر صنف ۾ نرالي نُدرت ۽ انفراديت پيدا ڪئي آهي.
تاج جويو، اياز جي هائيڪن بابت لکي ٿو،”اياز هن صنف کي ڇُهيو ته، چيريءَ جي هِن گل جو حُسن تبديل ڪري ڇڏيائين ۽ ان کي پيرون ۽ پُسيءَ جي ديس جو ونُ ۽ ويس اوڍائي ڇڏيائين. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته، اياز هائيڪو کي گربيءَ جي سُٿڻ ۽ کُهنبي رنگ ـ رئو پارائي، ان کي نج ۽ نبار سنڌي صنف بنائي ڇڏيو“ (46).
هائيڪو بنيادي طور تي ننڍي هيئت ۽ محدود موضوعن جي صنف آهي، انهيءَ ڪري اڪثر شاعر ان راءِ جا آهن ته، ان ۾ زندگيءَ جي گوناگون مسئلن، مامرن، حُسن ۽ حقيقتن کي بيان نه ٿو ڪري سگهجي، هائيڪو جي مؤجد باشوءَ تي پڻ سندس نقادن جي اها تنقيد هئي، ته هن جي شاعري ۾ موضوعاتي وسعت نه آهي ۽ اها سماجي ڪارج کان وانجهيل ۽ غير افادي آهي، پر اياز جي هائيڪن کي پَڙهڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته هن جي هائيڪن / ٽه سِٽن ۾ نه رڳو گھڻ رُخي اظهار جي حُسناڪي ۽ عڪسيت آهي، پر هن جي ڪيترن ئي هائيڪن ۽ ٽه سِٽن ۾ ڀرپور سماجي حقيقت نگاري ملي ٿي، جنهن جو پنهنجو جمالياتي حُسن ۽ فڪري ڪارج آهي.
ائين نه مرندي ڪونج
جيسين پورين روهه ۾
ان جي پوري گونج.
(ص1)
چئه، چئه چيهي کي
مٽيءَ هاڻا پيرڙا
ٽانگر تي نه رکي!
(ص2)
ڌرتيءَ ڪئي ڌڪ ڌڪ،
جڙ کي جھونجھاڙي وئي
ڪاٺَ ڪُٽي ٺَڪِ ٺَڪِ.
(ص7)
واهوندا ورندا،
پُسيءَ ڳاڙها گلڙا
پُڇُ نه ڇا هوندا!
(ص15) ــ (پن ڇڻ پُڄاڻان)
شيخ اياز جي هائيڪن/ ٽه سِٽن تي مشتمل مجموعن ’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ (1985ع) ۽ ’مينهن ڪَڻيون‘ (1999ع) جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو، ته انهن ۾ ڪجھه هائيڪا، هائيڪن جو اصل مزاج ۽ عڪسيت رکن ٿا، ته ڪجھه سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل موضوعن ۽ احساساتي ڪيفيتن جي رنگ ۾ رتل نظر اچن ٿا. اياز انهن کي ’ٽه سِٽا‘ جو نالو ڏنو آهي. اهڙا ڇاهٺ کن ’ٽه سِٽا‘ سندس ڪتاب، ’چنڊ چنبيليءَ ول‘ ۾ پڻ آهن، جن ۾ اياز ڪيترن ئي موضوعن مثال طور،’چنڊ، چانڊوڪي، سج، تارن، آڪاش، بادلن، ماڪ، بهار، خزان، محبت، وصال، جدائي، غربت، حب الوطني، گلن جي سونهن ۽ آبشارن جي اوجر کي اظهاريو آهي، پر خاص ڪري هن پنهنجن شاعرن ۽ تخليقڪارن کي انتهائي محبت، پنهنجائپ ۽ خلوص سان پڻ ياد ڪيو آهي.
چوڏهين چنڊُ اُجين
۽ هيءَ ڪاليداس جي
هيڏي ساري دين!
(ص121)
مان به ته آهيان شيام
’نارائڻ‘ تنهنجو رڳو
ناهي اهو نام.
(ص131)
لوءِ نه ساڳي لوءِ!
وڄون وريون ڀٽ تي
ڀٽ ڌڻيءَ کان پوءِ!
ميران توکان پوءِ
يڪتارو ڪنهن جي ڪُلهي
ڪنهن کي سڌ نه هوءِ!
(ص118)
ڇا هي خالي جامُ،
ٻيهر ڀربو ڪينڪي؟
مري ويو خيام!
پيا رِندَ اچن،
ڇو ٿا پيمانا رڳو
حافظ، حافظ ڪن!
(ص117)ـ (چنڊ چنبيليءَ ول)
شيخ اياز جي ٽه سِٽن ۾ مختلف موضوعن، ماحول، احساسن ۽ خيالن جي عڪاسي ملي ٿي. اهي هائيڪو جي مزاج، مواد ۽ منظرن بدران ڪٿي بيت جي سادگي، سڀاءُ ۽ سلاست پيش ڪن ٿا، ته ڪٿي انهن ۾ رومانوي لوڪ ڪٿائن جو رَچاءُ ۽ رنگيني ملي ٿي. ڪجهه اهڙن بيت مزاج هائيڪن/ ٽه سِٽن جا مثال:
ڀٽائيءَ تي باس
ٿر ٻاٻيهو ٿي مران
شال نه ٻُجھي پياس!
(ص92)
ڏسُ هي خالي مَٽَ!
موکي ڪالهه مري وئي
ڳاٽَ لڳن ٿا ڳَٽَ.
مومل سان ماڻو!
ڪاڪ رُٺي، ڪرها رُٺا
رُسي ويو راڻو!
(ص210)
ميهر نه ميھرُ
وات نه ساڳي ونجهلي
پڳَ نه ساڳيو ورُ.
(ص211)
راڻا او راڻا!
چانڊوڪيءَ جا چيٽ ۾
وستين وڇاڻا!
ڪيچ ڪَرايون ڇڏ!
پنهون ايندو پاڻ ئي
ونــــــدر وايـــــون ڇــــــڏ!
(ص222) ـ (پن ڇڻ پُڄاڻان)
شيخ اياز بيت کان علاوه پنهنجن ڪجھه ’ٽه سٽن‘ ۾ وائي جو موضوع ۽ مواد به سمايو آهي. وصل ۽ جدائي جون ڪيفيتون، پنهونءَ جا پنڌ ۽ پيچرا، سسئي جا داخلي اُڌما ۽ احساس ۽ ٻيو گھڻو ڪجھه، جيڪو ’وائي ــ رنگ‘ جي ڏِکَ ڏئي ٿو، سو سندس هنن ٽه سٽن ۾ نظر اچي ٿو:
واويلا وڻڪار
رات بري ڀنڀور مان
هوت هليا هالار.
(ص203)
الا اوءِ الا!
ڪاريون ڪجريون اکڙيون
۽ ٻي روپ ڪلا!
(ص57)
ڪهڙيون ميارون!
آيون سانوڻ مينهن جئن
آيل اُڇنگارون!
(ص86)
اڃا ته آهي ڏينهن
اُگھه منهنجون آليون اکيون
ويھه ته رُڪي مينهن!
(ص61)
موڙ نه مينديءَ ڏار
سسئي سڀ سپنو هيو
اُٺن تي اوٺار.
(ص221) ــ (پن ڇڻ پڄاڻان)
هائيڪو دراصل زندگي ۽ فطرت جي سونهن ۽ صداقت جي شاعري آهي. قدرت جي رنگن ۽ زندگيءَ جي موهيندڙ مظهرن جي منظرڪشي ۽ چِٽسالي آهي. گلن تي ٽپڪندڙ ماڪ ڦڙن ۽ خزان جي موسم ۾ وڻن جي اُجڙيل ٽارين جي تصويرڪشي آهي. پکين جيان اُڏامندڙ سُندر پَلن کي اک ڇنڀ ۾ جهٽي، ڪاغذ جي ڪينواس تي لفظن جي برش سان پينٽ ڪرڻ جو نالو ’هائيڪو‘ آهي.
اياز جا اهڙا ڪيترائي هائيڪو آهن، جن ۾ هائيڪو جو نه رڳو اصل عڪس ۽ احساس موجود آهي، پر انهن ۾ زندگيءَ جون جيئريون جاڳنديون تصويرون پنهنجن مِڙني حُسناڪين سان متحرڪ ۽ موهيندڙ نظر اچن ٿيون. انهن ۾ قدرت جا موهيندڙ منظر به ملن ٿا، ته انسان جون پنهنجي سونهن جي مَنڊَ ۾ مُنڊي ڇڏيندڙ حسين صورتون به نظر اچن ٿيون. انهن ۾ ’ڪجلي اکڙين جا اوسيئڙا به آهن، ته مينديءَ رتي هٿڙن جي حُسناڪي به، ڳلن تان لڙندڙ لڙڪن جي لارن جو عڪس به آهي، ته پرينءَ سان ملي گل جيان ٽڙي پوندڙ وينگس جي سرهائيءَ جو احساس به. آڪاش ۾ قطارون ڪري اُڏمندڙ ڪونجڙين جا ڪرلاءُ به آهن، ته مور جي رقص جا منظر به‘، مطلب ته اياز پنهنجي هائيڪن جي ڪوزي ۾ زندگيءَ جي انيڪ ڪيفيتن، حقيقتن ۽ حُسناڪين جو سمنڊ سمايو آهي.
گذري رات وئي
ڪئن آ مندر گھنڊ تي
پوپٽ ننڊ ڪئي!
(ص85)
پَلَ اُڏامن ٿا
ڪان ڪان ڪري واءَ ۾
اَلَ اُڏامن ٿا.
(ص95) ــ (مينهن ڪڻيون)
پاڻيءَ بتيلو
اُڏريا پکي مُند جا
ٻه طرفو ٻيلو.
(ص15)
رنگ رتي جو شام
آيو ڪانگل اوڏڙو
لمي مٿي لام.
(ص100)
ٻهڳڻ ٻري ٿي
ڪنڌ جھڪائي جنڊ ۾
ڏکڙا ڏري ٿي.
جمڙائوءَ جو تڙ
رڍون پاڻي پيئندي
ڀر تي گھاٽو بڙ.
(پن ڇڻ پڄاڻان)
اياز جي مٿين هائيڪن ۾، نه صرف وقت، وٿ، مڪان، تاثر سان ڀريل عڪسيت ۽ جمالياتي پَلَ جي ڀرپوريت ملي ٿي، جيڪا هائيڪي جي اصل ڳَرُ ۽ ڳُڻائپ ليکي ويندي آهي، پر انهن ۾ خالص معروضي عڪس، احساس ۽ منظر به ساھ کڻندا محسوس ٿين ٿا. مندر جي گھنڊ تي پوري رات ننڊ ڪندڙ پوپٽ، واءَ ۾ ڪان ڪان ڪري اُڏمندڙ اَلَ، رنگ رتي شام، لام تي لُڏندڙ ڪانءُ، جنڊ تي ڪنڌ جھڪائي، اَنَ جي ٻن پُڙن ۾ پنهنجا ڏکڙا ڏريندڙ ناري، ٻه طرفي ٻيلي جي وچ ۾ ڍنڍ، ڍنڍ جي پاڻي تي ترندڙ بتيلو ۽ آڪاش ۾ اُڏمندڙ پکين جا ولر، اهي سڀ جيئرا، چُرندڙ پُرندڙ ۽ زندگيءَ جي مختلف رنگن سان رتل منظر آهن، جن جو ظاهري طور توڙي جو هڪ ٻي سان ڪوئي مربوط ڳانڍاپو ڪونه آهي، پر هائيڪو جي ڪئنواس تي اهي هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي هڪ تصوير بڻجي پيا آهن. ٻي طرف جمڙائوءَ جي تڙ تان پاڻي پيئندڙ رڍن جو ڌڻ، ان جي ڪناري تي بڙ جو گھاٽو وڻ، جنهن جي ٿڌڙي ڇانو هيٺ ٿڪل ڌراڙ ڪي پل ويهي پنهنجو ٿَڪُ ڀَڃي ٿو. هڪ ئي هائيڪو ۾ ٽي منظر، هر منظر جو پنهنجو حُسن، پنهنجي جاذبيت ۽ پنهنجي دلڪشي آهي.
پهرين سِٽَ ۾ جمڙائوءَ جي تڙ جو دلڪش نظارو. پري پري تائين پاڻي ۽ ان پاڻيءَ تي سج جي جھلملائيندڙ ڪِرڻن جو رقص، منجھند جو ٽاڻو، اُس، گرمي، پياس. ٻي سِٽَ ۾ پياسي رڍن جي ڌڻ جو جمڙائوءَ جي تڙ تان پاڻي پيئڻ جو عڪس ۽ ٽين سِٽَ ۾ جمڙائوءَ جي ڪناري تي بڙ جي گھاٽي وڻ جو منظر ۽ انهن سڀني منظرن گڏجي هائيڪو ۾ انوکي مصوراڻي احساس ۽ عڪسي ڪيفيت کي اُڀاريو آهي. حقيقت ۾ هائيڪو فطرت ۽ زندگيءَ جي حسين رنگن جي اهڙي جاذب ۽ جاندار تصويرڪشي آهي، جنهن جو هر رنگ من کي موهي ۽ هر منظر اندر کي تراوت بخشي ٿو.
اياز جي ڪجھه هائيڪو نما ٽه سٽن ۽ ٽه سٽا نما هائيڪن جي انفراديت ۽ اهم خوبي اها به آهي، ته اهي نه فقط هائيڪو جي روايتي هيئت (11 ــ 13 ــ 11) ۾ هڪ منفرد تبديلي جي تجربي يعني (13 ــ 11 ــ 11) جو ڏَسُ ڏين ٿا، پر انهن ۾ هڪ نرالي قسم جو فني ۽ فڪري رچاءُ به ملي ٿو. جيئن ڪجهه هائيڪن جي پهرين مصرع ۾ سواليا انداز آهي، ٻي سِٽَ ۾ منظر ۽ ٽين سِٽَ ۾ جواب آهي، جيڪو سوال جو منظر سان تعلق جوڙي، خيال ۽ احساس جي واضح تصوير کي خوبصورت جنم عطا ڪري ٿو.
هرڻ ــ اکي ڪيڏانهن؟
رائو سارو رڃ آ
آءٌ وڃان تيڏانهن!
هرڻ ــ اکي ڪيڏانهن؟
تتر ــ کرڙي اُڀ ۾
آءٌ وڃان تيڏانهن!
(ص212)
اَمر ڪارونجهرَ
ڇا هو مورَ مري ويا؟
ڏيئا جي ڏونگرَ.
اَمر ڪارونجهرَ
آيو سج ڪپار تي،
ڪيسين ننڊ نگر؟
(ص214) ــ (واٽون ڦلن ڇانئيون)
پهرين سِٽَ ۾، هڪ وينگس کان سوال ’هرڻ ـ اکي ڪيڏانهن‘؟، ٻي سِٽَ ۾ رڃ ۽ صحرا جو منظر ’رائو سارو رڃ آ‘، جنهن ۾ اَڄاتي اُڃ، تڙپ ۽ پياس جي تصوير ۽ آّخري سِٽَ ۾ وينگس جي ورندي، ’آءٌ وڃان تيڏانهن‘!.وقت ۽ وٿ جو انتهائي خوبصورت امتزاج ته مٿئين سِٽن ۾ ملي ٿو، پر انهن ۾ پنهنجي نوع جي هڪ علامتي سونهن به آهي. جوڀن ۽ جواني جو ڀرپور احساس، هڪ منظر جي فريم ۾ ڄڻ ته بيان نه ڪري سگھجندڙ ’عشق جي اُساٽ‘ پنهنجي سموري حقيقت ۽ حُسناڪيءَ سان موجود آهي.
ساڳي نموني سان ٻي هائيڪو ۾ ڪارونجهر جبل کان سوال آهي، ته ڇا اهي مورَ مَري ويا، جيڪي ڪارونجهر جي سونهن ۽ ان ڏونگر لاءِ ڏيئن سمان هئا. هڪ طرف هائيڪن ۾ عڪسي سونهن آهي، ته ٻي طرف انهن ۾ گهرو علامتي احساس ملي ٿو. علامت ۽ فڪر جي ڳوڙهائي ڀل ته روايتي هائيڪي جو حصو نه به هجي، پر اياز جي هن انداز ۽ اظهار کي بهرحال پنهنجي هڪ الڳ ڪيفيت، معنى ۽ ڀرپوريت ضرور آهي.
شيخ اياز ڪيترن هائيڪن، ٽه سِٽن ۾ پنهنجن پرين پيارن جون سُندر ساروڻيون ساريون آهن ۽ پنهنجن سيرن سفرن جي يادگيرين کي قلم بند ڪرڻ سان گڏوگڏ ادب ۽ فنون لطيفه جي انيڪ ڪردارن کي پڻ سمايو آهي، جنهن ڪري سندس هائيڪن مان آپ بيتي ۽ جڳ بيتي ٻنهيءَ جو ساءُ ۽ لطف ماڻي سگهجي ٿو.
هاڻي سڀ باتيون
هو گيتا ۽ راج سان
لنڊن جون راتيون!
آءٌ ابو سينا
هوٽل، وڊُڪا، رات جو
روسي اِرينا.
چڱو گل رخسار!
مون جهڙا ٻيا نرَ سوين
تو جهڙي ڪا نار؟
(ص127)
پُشڪن جو پيالو
خالي؟ جنهن جي ڳيت سان
ايڏو اُجالو!
(ص129)
منهنجا ننڍا ڀاءُ
چِڪي پيو لورڪا
مون مان تنهنجو گهاءُ.
(ص133)
تُرڪي اندر آنءُ
وٺي سگهان ڪونه ٿو
ناظم حڪمت نانءُ!
آءٌ نه اڪيلو
پبلو ڪالهه ڇڏي ويو
دنيا جو ميلو.
سڀ ڪجهه پائي تنگ
هي تُرڪي ۾ بائرن
جنگ نه هن جي جنگ!
(ص134) ـ (پن ڇڻ پُڄاڻان)
شيخ اياز جي شعري مجموعن، ’راج گھاٽ تي چنڊ‘، ’بڙ جي ڇانو اڳي کان گھاٽي‘، ’چنڊ چنبيليءَ ول‘، ’رڻ تي رم جھم‘ ۽ ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ ۾ مختلف جاين تي ٽي سوَ کان مٿي اهڙا هائيڪا ۽ ٽه سٽا ملن ٿا، جيڪي ڪٿي گھاڙيٽي ۾ يڪسانيت رکن ٿا، ته ڪٿي وٿ، فڪر ۽ ترنم جي وهڪري ۾ ڌار ڪيفيتن جا حامل آهن. هن جي ڪيترن ئي هائيڪن ۽ ٽه سٽن جو منظر، مواد، پسمنظر، محاڪات ۽ هيئت ايترو رَليل مِليل آهي، جو سندس انهن هائيڪن ۽ ٽه سٽن ۾ امتياز ڪرڻ مشڪل ۽ اوکو ٿي پوي ٿو. جيئن:
آڻي نيڻين نير
ڪجھه ته سوچي ٿو پيو
مٽيءَ مَٿِ ڪبير!
(ص117)
کنوڻ جي تاڙي ــ
دودي بنا هيکلي
هيءَ روپا ماڙي!
(ص118) ــ (چنڊ چنبيليءَ ول)
هي جڳ مڳ جيون
ڇا ڇا هن سنسار جو
سهسين رنگ سپن!
(ص126)
ڪيئن وساريان؟ ڪيئن؟
ڄاريَنُ پيرون مٺڙا
ڪنهن جي چمين جيئن
(ص127) ــ (راج گھاٽ تي چنڊ)
مجموعي طور تي اياز جا هائيڪا/ ٽه سِٽا پنهنجي محاڪاتي سونهن، داخلي ڪيفيتن، گھڻ رُخي فڪري گهرائيءَ ۽ فني ڪوملتا سبب پوپٽ جي پَرن جھڙي رنگينيءَ جو احساس پيش ڪن ٿا ۽ انهن ۾ گھڻ جُهتي فني ۽ فڪري جماليات آهي.