4. سنگھڻ جا عڪسَ (Olfactorary images)
ڪنهن شيءِ جو لفظن ۾ بيان يا ان جو چِٽُ اهڙي ريت چِٽجي، جو ان جي خوشبو ۽ بدبوءِ جو احساس ٿيڻ لڳي، ته اهڙي عڪس کي سُنگھڻ جو عڪس سڏبو. سُڳنڌ ۽ سرهاڻ شاعرن جو مرغوب موضوع آهي. شاعر ڀونرن وانگر خوشبو جا مشتاق ۽ متوالا هوندا آهن. هو نه رڳو خوشبو جا چاهيندڙ هوندا آهن، پر خوشبو ورهائيندڙ به هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو شاعرن کي محبت، امن، سرت ۽ سرهاڻ جو سفير چيو ويندو آهي. دنيا جي سڀني شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ خوشبو جو ذڪر ڪيو آهي، پر اياز جو انداز ڪجھه اور آهي. هن جي اها حِسَ ايڏي ته بيدار آهي، جو هُن پاڻ نه رڳو انيڪ سڳنڌن جا واس ورتا آهن، پر انهن جو بيان به اهڙي اثرائتي پيرايي ۾ ڪيو آهي، جو پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ خود بخود ان خوشبو جي حصار ۾ ويڙهجي وڃي ٿو.
هر سڳنڌ جو پنهنجو واس آهي. گلن ڦلن کان وٺي مٽيءَ جي سرهاڻ تائين هرخوشبو جو سرور ۽ سڪون پنهنجو ٿئي ٿو، پر محبوب جو هڳاءُ بي مثل ۽ بي بدل آهي. پرينءَ جي تن ۽ بدن جي خوشبو سان، جنهن پنهنجي وجود کي واسِيو آهي، ان کي ٻي ڪنهن سڳنڌ جي ضرورت نه ٿي رهي. اهو ئي سبب آهي، جو اياز پنهنجي هيٺين وائي ۾ چوي ٿو، ’اي منهنجا محبوب! مون پنهنجي تن من کي تنهنجي سرهاڻ سان واسي ڇڏيو آهي. تنهنجي زلفن جي ڀني خوشبو، تنهنجي ساهن جي سرهاڻ، منهنجي ساري وجود ۾ سرايت ڪري وئي آهي. هاڻي ڪنهن اَگر ٻارڻ ۽ چڳون واسڻ جي ڪا ضرورت ڪو نه آهي، ڇو ته تنهنجي بدن ۾ سموري رُتنِ جي رنگيني ۽ اهڙن بَهارنِ جي بوءِ آهي، جنهن جو واس وٺڻ کان پوءِ من مَهڪي ۽ تن تازي گل جيان ٽڙي پوي ٿو‘.
ماڌوري مهڪي،
تنهنجون سارون او سانورڙي.
آنديون ڪامهه ڪي!
ساري گيت چڪورن جا، ٿي
چانڊوڪي چهڪي.....
(چنڊ چنبيليءَ ول، ص107)
اَگَرَ ٻارِ نه تون، چَڳون واسِ نه تون ــ
مون مَنُ توسان واسِئو.
وارَ ورائي ڪنڌ تان، ڇوڙي ڇڏ سَڳيون ــ
مون مَنُ توسان واسِئو.
ڪيڏيءَ ساههَ سُڳنڌَ ۾،رات گذاريسون!
مون مَنُ توسان واسِئو.
جئن ڪي ڦَڳُڻَ ماسَ ۾، مُکڙيون مَروي جون ــ
مون مَنُ توسان واسِئو.
جئن ڪي ڀِنيءَ رات ۾، ٽانگرَ جون ٽاريون ــ
مون مَنُ توسان واسِئو.
مُشڪَ اَنوکي مِرگهه جي، اهڙيون خوشبوئون،
مون مَنُ توسان واسِئو.
سِرکنڊُ سُرهو تو جيان، ڏٺو مُورُ نه مون ــ
مون مَنُ توسان واسِئو.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص79)
مَـــروئــي مهــڪـــارَ، اڃـــا اڱـــڻ سُپـــــريـــن!
اچين جي ٻيهارَ، مهڪي ساٿ سُڳنڌ سان.
پرينءَ جو پهراڻ، جھڙي باک بسنت جـــي،
آهي اڄ مون ساڻ، ڄڻ ڪو گل گلاب جو.
(اڪن نيرا ڦليا، ص17)
’مَرُوئو‘ ٿر جو هڪ خوشبودار ٻوٽو آهي، جنهن جي سُڳنڌ آس پاس جي ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اياز پنهنجي پرينءَ جي اڱڻ ۾ موجودگيءَ جو احساس خوشبوءَ جي محسوسات مان ڪري ٿو. توڙي جو سندس محبوب، اکين کان اوجهل ۽ ٿورو ڀرڀرو اڱڻ ۾ موجود آهي، پر سندس جسم جي مروئي جھڙي سرهاڻ جي محسوسات مان هو ان جي موجودگي کي ڀانپي وٺي ٿو.
ائين ٻي بيت ۾ پرينءَ جي پهراڻ کي باک بسنت جي چئي، گلاب جي گل سان ڀيٽي ٿو. بسنت ۽ گلاب، هڪ طرف خوشبو جو احساس پيش ڪندڙ آهن، ته ٻي طرف اهي سونهن ۽ سندرتا جون علامتون به آهن ۽ انهن ٻنهي جو تمثيلي ۽ تشبيهي استعمال ڪري، اياز انتهائي ڀرپور حسي عڪس جوڙيو آهي. سونهن ۽ خوشبو جي اثرائتي احساس جو هي هڪ ٻيو عڪس به هن بيت ۾ ڏسو:
وينگس ڳاڙهو ويس، پيـلا گل پـلانــد ۾،
دهڪيو سارو ديس، آئي بوءِ بسنت جي.
(وڄون وسڻ آئيون، ص59)
ڳاڙهو ويس پهريل وينگس، پلاند ۾ پيلا گل. جواني ۽ جوڀن جو خمار، جتان ٿي گذري، سارو ديس دهڪيو ۽ حيرت ۾ پئجيو ٿو وڃي. اياز ڪنهن آسماني حور ۽ اَپسرا جو ذڪر نه ٿو ڪري، نه ئي ڪنهن پري ذات جا اوصاف ٿو ٻُڌائي، پر هُو ان مٽيءَ جي مورت، گوشت پوشت جي انسان ۽ ڌرتيءَ جي واسي، حسين وينگس جي حُسن ۽ جوانيءَ جي ڳالھ ٿو ڪري، جنهن جي وک وک مور جي ٽور آهي، جنهن جو ڏيک ۽ ويک ته بهار جيان باغ بهار ڪندڙ آهي، پر هُن جو سارو وجود ئي بسنت جي بوءِ آهي. حُسن جي حصار ۽ وينگس جي وجود جي بسنت جھڙي هڳاءَ ۾، سمورو ماحول ڄڻ ته معطر ٿي وڃي ٿو. مٿيون بيت سندرتا ۽ سڳنڌ جي احساس جو مڪمل ۽ ڀرپور عڪس آهي. اهڙي ئي سڳنڌ جي احساس جو هڪ ٻيو عڪس به ڏسو.
ڪيترو تو ۾ اُهاءُ!
ڪيترو تو ۾ هڳاءُ!
ڄڻ ته ڪوئي کيت آهين سئونف جو!
پيار جي خوشبو لِڪي ڪيئن،
ٿو اُڏامي ڄڻ ته واءُ!
ڄڻ ته ڪوئي کيت آهين سئونف جو!
تون جتي آن سونهن آهي،
اي پرين تنهنجو سماءُ ــ
ڄڻ ته ڪوئي کيت آهين سئونف جو!
(راج گھاٽ تي چنڊ، ص105)
شاعر وٽ ڪمال جي تخليقي قدرت ٿئي ٿي. هو جنهن به احساس کي اورڻ چاهي، جنهن به شيءِ جو لفظي چِٽُ چِٽڻُ گُھري، ان کي پنهنجي اظهار جي ادا سان اظهاري ۽ ان جو عڪس پيش ڪري سگھندو آهي. مٿين سِٽن ۾ اياز حُسن، جمال ۽ خوشبو جو ڀرڀور عڪس پَسايو آهي، پر هيٺين بيتن کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ته اوهان ڪهڙي بوءِ ٿا محسوس ڪيو؟ اوهان جي حِس تي ڪهڙو تاثر حاوي ٿيو آهي؟ خوشبو جو يا بدبوءِ جو؟
ڪيڏي ڇِلُرَ ڇَٽّ، آهي ڪينجھر ڪنڌيئين!
سارا پـڌرَ پَـٽّ، کِــکِيءَ هــاڻيــون کــاريــون!
کِکيءَ کاريون جِندڙيون، هينئان ڇِڇيءَ ڇَڄَّ،
تن کي ڪهڙي لڄَّ، جن کي ساڙ سڳنڌ سان.
تماچي تڙ آءُ، ته ميءَ مُهانڊي ٿي وڃ،
توکان سواءِ سپرين، سڀ ۾ ککيءَ ساءُ،
اَلا، مون کي ماءُ، ڄَڻي ڄاري اُڇليو!
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص93)
بيتن کي پهرين کان آخري سِٽ تائين پڙهي پورو ڪرڻ کان پوءِ مڇيءَ جي بدبوءِ جو احساس ته ويڙهي وڃي ٿو، پر اهو احساس تڏهن ويتر وڌي وڃي ٿو، جڏهن پهرين بيت جي پهرين پد ’ڪيڏي ڇلر ڇٽ‘ کي ٻيهر پڙهجي ٿو. لفظن ۾ منظر نگاري ته ڏسو: ڪينجھر جي ڪنڌيءَ جي سموري پڌر پٽن تي مڇي پکڙي پئي آهي، جاڏي ڪاڏي ککيءَ هڻيون کاريون ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. هر طرف مسڪين ملاحن جي موجودگيءَ جا منظر ٿا محسوس ٿين. ڪي گنجي ۽ گوڏ ۾، ته ڪي پُٺيءَ اگھاڙا سانورا مُهاڻا، جن جي ڪل ڪائنات مڇي ۽ ککيءَ هاڻيون کاريون آهي. لفظ لفظ مان مَڇيرن جي جيوت ٿي جھلڪي ۽ سِٽ سِٽ ۾ ڄڻ ته کک جي بدبوءِ ڀريل ٿي محسوس ٿئي.
”شاعر جي فن جي پختگي ان ۾ آهي، جو هو جنهن به ماحول جو ذڪر ڪري، هوبهو اهو ماحول پڙهندڙ جي آڏو پيدا ٿي پوي. فن رڳو سهڻين، خوشبودار يا نازڪ شين جي عڪاسي ۾ ناهي، پر فن آهي حقيقت نگاريءَ ۾. پنهنجي چوڌاري جهڙو به ماحول هجي، اهو سهڻو هجي يا بڇڙو، سرهو هجي يا بدبو وارو، ان ماحول جي بيان تي قدرت حاصل ڪرڻ ئي ڪمال فنڪاري آهي“(58). اها فنڪاري لاشڪ ته اياز جي شاعريءَ ۾ نه رڳو جابجا ملي ٿي، پر پنهنجي پوري اثر ۽ احساس سميت ماڻهوءَ جي حواسن تي ڇائنجي وڃڻ جي سگهه پڻ رکي ٿي.