شيخ اياز جي نثري نظمن ۾ فني ۽ فڪري سونهن
اياز جي نثري نظمن ۾ پڻ سندس شاعراڻي جولان جي جهلڪ ملي ٿي. هن جي نثري نظمن جي ٻولي رسيلي ۽ رنگين آهي، انهيءَ ڪري انهن ۾ تاثر جي تازگي ۽ معنويت جي ڀرڀوريت محسوس ٿئي ٿي. هن جي منظوم شاعريءَ ۾ موسيقي ۽ فڪر جي بي ساختگي موهيندڙ آهي، جڏهن ته سندس نثري شاعريءَ ۾ موضوعاتي وسعت، خيال جي اُڇل، اظهار جي نفاست ۽ فلسفياڻي احساس جون خوبيون ملن ٿيون، جن ۾ پنهنجي هڪ تخليقي ۽ شاعراڻي حُسناڪي آهي.
يا خدا! مون کي ڏات ڏي،
ته انسان کي ڪاٺ ڪُٽي جا پَرَ ڏئي سگهان،
۽ شرابي شام، غروب ِ آفتاب جي ساغر کي
منهنجي شاعريءَ ۾ اوتي،
جيئن مان هُن جي پياس ٻُجهائي سگهان!
يا خدا! پنهنجي مِهر مون تي وَساءِ
جيئن منهنجي روح ۾
سڀ شعلا ٻُجھي وڃن،
۽ مان روهيڙي جي گل وانگر ٽِڙي پوان...
(هرڻ اَکي ڪيڏانهن، ص374)
گلاب جي مُکڙي چپ کولي پڇيو، ’ڪٿان ٿو اچين؟‘
’اُتان جتان ماڪ آئي آهي‘، ماڌو لال حسين جواب ڏنو.
’ڪيڏانهن ٿو وڃين؟‘، مُکڙيءَ وري پڇيو.
’تيڏانهن، جيڏانهن ماڪ وڃڻي آهي.‘،
ماڌو لال حسين جواب ڏنو.
(ٽُڪرا ٽُٽل صليب جا، ص52)
منهنجا گيت!
تون وِڄُ جي ٽاريءَ تي
گل وانگر ٽِڙيو آهين،
ڇا مند پوري ٿي ويندي
ته تون به ڇڻي ويندين؟
آويءَ ۾ رڳو ٿانوَ نه پَچي رهيا آهن
آويءَ ۾ منهنجن هٿن جو،
اهو ڇهاءُ به تپي ويو آهي.
جنهن اهي ٿانوَ لَسايا آهن.
ساز اُجھامي ويا آهن،
رڳو ڏيئو ٻِتِ ٻِتِ ڪري رهيو آهي سناٽي ۾!
تون ڪٿي آهين، جنهن مون کي گيت ڏنا هئا؟
تون جا پاڻ هر گيت کان وڌيڪ
سَرل ۽ سُريلو گيتُ هُئينءَ!
(واٽون ڦلن ڇانئيون، ص262، 263)
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته، اياز جي نظم توڙي نثر ۾ اها سگھه ۽ سُندرتا آهي، جيڪا من جي سانت تارن کي ڇيڙي، ان ۾’مي رقصم‘ جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. هن جي نظم ۾ جيڪڏهن پازيب جھڙي جھنڪار آهي، ته سندس نثر ۾ ڪنهن رقاصا جي رقص جھڙي رواني ۽ نفاست محسوس ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ سندس نثري تخليقون، ’پتڻ ٿو پُور ڪري‘، ’ٽڪرا ٽٽل صليب جا‘، ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘، ’سر لوهيڙا ڳڀيا‘، ’جر ڏيئا جھمڪن‘، ’هرڻ اکي ڪيڏانهن‘، ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘، ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘، ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ ۽ ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ وغيره وڏو ثبوت آهن.
اياز جون سموريون نثري تحريرون سندس شاعراڻي رنگين مزاجي، رسيلي ٻولي، فڪر جي تازگي ۽ فلسفياڻي رنگ جي رچاءَ ۾ رچيل آهن، پر اهي سڀئي نثري نظم جي ذمري ۾ نه ٿيون اچن. توڙي جو اڪثر اياز پاڻ انهن کي نثري نظمن جي مجموعن ۾ شامل رکيو آهي، پر انهن مان گھڻو تعداد اياز جي مطالعي ۽ مشاهدي ۾ آيل حقيقتن، خيالن، فڪري نقطن، احساساتي ڳالهين، سياسي تجزين، ادبي ويچارن، لوڪ چوڻين، داخلي ڪيفيتن ۽ خوبصورت ٽڙيل پکڙيل نثري ٽُڪرن جو آهي، جن کي پنهنجي هڪ الڳ سونهن ۽ سُندرتا آهي.
شيخ اياز جي نثري مجموعن ۾ آيل نثري تحريرن کي جيڪڏهن ڇنڊبو ۽ ڇاڻبو، ته انهن مان نثري نظم چڱي تعداد ۾ نڪري ايندا، جيڪي نه رڳو نثري نظم جي تقاضائن جو پورائو ڪن ٿا، پر انهن ۾ جديد حسيت ۽ نثري نظم جي ’نظميت‘ جو اختصار به ڪمال جو ملي ٿو. سندس چند نثري نظمَ نموني طور هيٺ پيش ڪجن ٿا.
تون مون کان پُڇي رهيو آهين،
’تون دهريو آهين ڇا‘؟
۽ مان هُن رنگبرنگي ڪيئين ڏانهن
جو منهنجي رابيل جي ڪونڊيءَ ۾
ڏانڊيءَ تي چڙهي رهيو آهي،
پيار سان نهاري رهيو آهيان.
شايد تون سمجھي سگهين
ته منهنجي اها نهار
تنهنجي سوال جو جواب آهي! (ص14)
ڪالهه منهنجو انڌو پاڙيسري
سج کي بُجو ڏئي چئي رهيو هو،
’جي مان ڏسي نه ٿو سگھان
ته تون چمڪين ڇو ٿو‘؟ (ص51)
(پتڻ ٿو پور ڪري)
تمر ڀٽائيءَ کي چيو:
”سائين! پير هيڏانهن ڪيو، ته اوهان کي جُتي پارايان“!
هن ڀٽائيءَ جي جُتيءَ جو پادر کنيو ته سندس ٻانهن مان ٽاٽ نڪري وئي.
”سائين! ايڏي ڳوري جُتي“! تمر رڙ ڪئي.
ڀٽائي وراڻيو: ”تمر! اِن جي پاتاون ۾ منهنجو ورهين جو ٿَڪُ به ته آهي نه“!
(ٽُڪرا ٽٽل صليب جا، ص19)
”بابا! هن کي گولي ڪنهن هنئي آهي؟“
”آزادي“
”بابا! هن کي ڦاهي ڪنهن چاڙهيو آهي؟“
”آزادي“
”بابا! هن جو ڪَنڌ ڪنهن ڪَپيو آهي؟“
”آزادي“
”بابا! ڇا آزادي ڪنهن جلاد جو نالو آهي؟“
”هائو پُٽَ! پر اهو جلاد وڏو جادوگر آهي،
هڪ ڀيرو ان جا هٿ چُمندين ته
سِرَ جي سار وسري ويندئي!“
(پتڻ ٿو پور ڪري، ص146)
محبت سان محبت ڪر
هن گلاب ۽ رابيل جي گل سان محبت ڪر
ڇو ته اهو تنهنجي پرينءَ جي ڳلن جھڙو آهي.
هن چنڊ سان محبت ڪر
ڇو ته اهو هن جي مُنهن جھڙو آهي.
محبت سان محبت ڪر
ڇو ته اها ڪائنات جي تخليق جو باعث آهي،
ڇو ته اها خدا آهي
۽ خدا محبت کان سوا
ٻيو ڪجھه به نه آهي!
(هرڻ اکي ڪيڏانهن، ص44)
چون ٿا ته،
نه رڳو ماڻهو سمنڊ ۾ ترندو آهي
پر سمنڊ، ماڻهوءَ ۾ ترندو آهي ۽
ٻُڏندا به ٻئي هڪ ٻئي ۾ آهن.
جي تون هن ڪائنات تي سوچيندين،
ته تو کي اها ڳالهه
سمجهه کان مٿي نه لڳندي.
(شيخ اياز، ’شاعري ــ 8‘، ص40)
شيخ اياز جي مٿين نثري نظمن ۾، نه صرف موضوعن جي نواڻ، تخليقي ميٺاج، مونو لاگ، ڊائلاگ ٽيڪنڪ، خوبصورت تشبيهون ۽ استعارا، خوبصورت لهجو، من کي ڇُهندڙ تاثر، نرمل رومانوي انداز، خيال جي اَڇوتي اُڇل ۽ لفظن جي مترنم ترتيب نظر اچي ٿي، پر انهن ۾ هڪ مخصوص قسم جو احساساتي رنگ ۽ رچاءُ به آهي. هن جا نثري نظم، نثراڻي نُدرت ۽ نظماڻي احساس جو سهڻو امتزاج آهن، جن ۾ جذبي، جولان ۽ تاثر جي وحدت کي پَسي، من خود بخود انوکي خمار ۽ مستيءَ ۾ مَگن ٿي وڃي ٿو.
هتي اهو سُتل آهي
جنهن وٽ هزارين گيت ها
جي هو لِکي نه سگهيو.
اي آسمان! هن کي ڏسي
توکي ساڙ ٿيندو هو ته،
هي ڪير ٿيندو آهي
منهنجن بادلن کان
وڌيڪ گيت لکڻ وارو!
هي ڪير ٿيندو آهي، جنهن کي
منهنجن ستارن کان به گهڻا ساز آهن،
جي اڄ تائين وَڄندا ٿا رهن،
نه ڄاڻان ڪيستائين وَڄندا رهندا!
(سر لوهيڙا ڳڀيا، ص400)
نثري نظم، بنيادي طور تي ٽن اهم نقطن تي مداريل هوندو آهي، جيڪي ان جي ترتيب، توازن ۽ تاثر جا ضامن هوندا آهن. پهريون لفظن جي چونڊ، ٻيو جملي جي ترتيب ۽ توازن ۽ ٽيون تاثر يا ڪلائيميڪس. لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي ترتيب، خيالن ۾ هڪ توازن پيدا ڪري ٿي ۽ اهو مربوط توازن، ترنم سان گڏ نثري نظم ۾ شعري آهنگ ۽ احساس کي جنم ڏئي ٿو. نثري نظم عام فهم ۽ اثرائتو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن ان ۾ فڪر جو هڪ ئي نقطو بيان ڪري، ان کي اندروني معنائن، خوبصورت تشبيهن، تمثيلن، ترڪيبن ۽ استعارن سان اظهاريو وڃي ٿو.
شيخ اياز جا ڪيترائي اهڙا نثري نظم آهن، جن ۾ مٿيون سموريون خوبيون ملن ٿيون، پر سچ اهو آهي، ته هن جي منظوم شاعري ۾، جيڪا ڪيفيتي لطافت، اظهار جي شائستگي، ترنم جي تازگي ۽ جمالياتي تاثر جي وحدت ۽ رنگيني آهي، اها سندس نثري شاعري ۾ گهٽ نظراچي ٿي.ان جو اعتراف ڪندي هو پاڻ لکي ٿو: ”جيتوڻيڪ مون ڪافي نثري شاعري ڪئي آهي، پر.... مان پنهنجي منظوم شاعريءَ کي جيتري اهميت ڏيان ٿو، اوتري نثري شاعريءَ کي نه ٿو ڏيان، توڙي جو ان کي به ڪافي الهامي ڪيفيت آهي“ (27).
بهرحال اياز جي نثري نظمن ۾ فڪري بي ساختگي ۽ فني ندرت جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد رنگ آهي، جيڪو نه فقط پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن جي دل تي دستڪ ڏئي، سندن خيالن ۽ احساسن جون نيون دريون کولي ٿو، پر انهن جي من کي نئين تازگي ۽ جمالياتي تراوت بخشڻ جو ساهس پڻ رکي ٿو.