شيخ اياز جي بيتن ۾ فني ۽ فڪري سونهن
شيخ اياز ٻين صنفن سان گڏ بيت جي شاعري به جهجھي ڪئي آهي. سندس مختلف ڪتابن ۾ بيتن جو انگ هن طرح آهي. ’ڀونر ڀري آڪاس‘ (بيت 202، ص1ــ 28)، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ (بيت 90، ص3 ــ 16)،’وِڄون وَسڻ آئيون‘ (بيت 186، ص59 ــ 79)، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ (بيت 976، ص75 ــ 294)، ’راج گھاٽ تي چنڊ‘ (بيت 134، ص13 ــ 27)، ’اڪن نيرا ڦليا‘ (بيت 504، ص17 ــ 90)، ’جُھڙ نيڻان نه لهي‘ (بيت 639، ص13 ــ119)، ’هينئڙو ڏاڙهون گل جئن‘ (بيت 228، ص135 ــ 196)، ’اُڀر چنڊ پس پرين‘ (بيت 780، ص25 ــ 219)، ’ڪَتين ڪر موڙيا جڏهن، ڀاڱو1‘ (بيت 1179، ص115 ــ 350)، ’سورج مکي سانجهه‘ (بيت 341، ص21 ــ81)، ’سانجھي سمنڊ سپون‘ (بيت 255، ص81 ــ 112)، ’ڪونجون ڪرڪن روھ تي‘ (بيت 316، ص40 ــ 109)، ’اُٿي اور الله سان‘ (بيت 158، ص11 ــ 30) ۽ ’ڪاري رات ڪهنگ‘ (بيت 563، ص30 ــ 124). اهڙي ريت شيخ اياز جي مختلف شعري مجموعن ۾ شامل بيتن جوتعداد ڇهه هزار پنج سؤ ايڪونجاھ (6551) بيهي ٿو.
بيت جو وڏو ڪمال اهو آهي، ته اهو سنڌي شاعريءَ ۾ صدين کان رائج رهڻ کان پوءِ به اڄ تائين پنهنجي گھاڙيٽي ۽ سٽاءَ ۾ ساڳيو ڇند تي آڌارڪ ۽ پنهنجي هر پد ۾ اکرن جي گھڙت ۽ جَڙت سان مخصوص موسيقيءَ جو رچاءُ رکندو آيو آهي. شاھ ڪريم، قاضي قادن، ميون شاهه عنات، خواجه محمد زمان، شاھ لطيف ۽ سچل کان وٺي اڄ جي جديد دؤر تائين لاتعداد شاعر آهن، جن بيت جي قالب ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر جو امرت اوتيو آهي. بيت جي صنف توڙي جو هيئت جي حوالي سان مختصر ۽ محدود آهي ۽ شاعريءَ جي ٻين صنفن وانگر ان ۾ تجربن جي ايتري گنجائش نه آهي، ڇو ته بيت جو فني سٽاءُ، لئي، مخصوص لهجو ۽ محدود قالب هوندو آهي، پر ان جي باوجود ان جو موضوع لامحدود آهي، انهيءَ ڪري بيت جي نفيس سِٽاءَ ۽ سِٽن ۾ هر قسم جي احساس ۽ خيال کي سمائي سگھجي ٿو. بيت بنيادي طور تي ڌيمي لهجي، رسيلي زبان، سادي خيال ۽ سهڻي پيرايي واري صنف آهي.
”قديم زماني کان هن صنف ۾ سنڌ جي سخي مردن ۽ سورهين جي ساراھ به ملي ٿي، ته رومانوي داستانن جو ذڪر به نظر اچي ٿو. حُسن ۽ عشق جو ذڪر به ملي ٿو، ته هجر ۽ وصال جي ترجماني به دلگداز انداز ۾ نظر اچي ٿي. فڪر ۽ خيال جي گھرائي به ملي ٿي، ته اخلاقي اقدار جي اُپٽار به. صوفيانه اِسرار ۽ رموز جي عڪاسي به نظر اچي ٿي، ته معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي ترجماني به ملي ٿي. مطلب ته مضمون جي لحاظ کان بيت ۾ ايڏي وسعت آهي، جو ان ۾ هر موضوع ۽ مضمون سمائي سگھجي ٿو“(9).
شيخ اياز هن منفرد صنف سخن بابت لکي ٿو: ”شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفى شعر ۾، هم ــ قافيه لفظ ائين سِٽَ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي، ته ان جي پهرين ۽ پوئين سِٽَ جي آخر ۾ نه قافيو آهي، نه رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي ٻي هر صنف کان زياده آهي..... دراصل سُٺي سنڌي بيت جي تخليق نهايت مشڪل آهي. سٺو بيت اهو ئي لکي سگھي ٿو، جنهن کي روح ۾ رواني ۽ ٻوليءَ تي بي انتها قدرت هجي“(10).
اسين جڏهن شيخ اياز جي بيت کي ڏسون ٿا، ته اهو نه فقط لوڪ ۽ ڪلاسيڪي روايتن ۽ جديد دؤر جي رنگن جو حسين سنگم نظر اچي ٿو، پر اياز ان ۾ فڪري ۽ ڪيفيتي نواڻ، لفظي ڪوملتا، تخليقي حسيت ۽ احساساتي رنگيني پيدا ڪري بيت کي جيڪا نئين سونهن، فني سوڀيا، فڪري گھرائي ۽ رومانوي حُسناڪي عطا ڪئي آهي، اها سچ ته اَملھه ۽ بي مثل آهي.
سڄڻ جــو ســاريــوم، ته آيــون هـيـرون هــنج ۾،
جيڏانهن نهاريوم، چوڏينهن جي چانڊاڻ هئي.
چوسيون چانڊوڪيون، تنهنجي مِٺڙي مُنهن مان،
راتـيـن جــو روڪيــون، واڳـــون اسان وقـت جون.
چانڊوڪي ۾ چيٽ جي، سُتو رات سڄڻ،
چمڪيو چوڏينهنءَ چنڊ سان، آڌيءَ ويل اڱڻ،
آلا اَسُر جو سندس مُنهڙيءَ جو مَهڪڻ،
هيرن ۾ ٿي ڄڻ، هن جون هُٻڪارون مليون.
نهاريم نيراڻ ۾، تڪيندي تارا،
ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون، پرهه کان پيارا،
چنڊ پٺيان چارا، رُليم ڪيئي راتڙيون.
(ڀونر ڀري آڪاس، ص1،2،3)
’سڄڻ جي سار سان هيرون هنج اچڻ، هيرن ۾ پرينءَ جون هُٻڪارون ملڻ، مُنهن مان چانڊوڪيون چوسڻ ۽ راتين جو وقت جون واڳون روڪڻ‘ جھڙيون انوکيون ترڪيبون اياز جھڙو باڪمال تخليقڪار ئي تخليق ڪري سگھي ٿو. شيخ اياز لفظن جي گھَڙت، جَڙت ۽ ان جي تُز استعمال جو وڏو ڄاڻو آهي. هن جي ٻولي ڪتابي ۽ نصابي نه، پر عامي ۽ عوامي آهي. هُن جو خيال گھرو ۽ دانشمندانه ڳوڙهائي رکندڙ ضرور آهي، پر سُچيت ۽ اندر ۾ ديد جو دَهو رکندڙ پُرش، سندس فڪري گھرائي ۽ فني حُسناڪيءَ کي آسانيءَ سان سوجھي ۽ سمجھي سگهي ٿو. اياز بيت ۾ نه صرف ڪلاسيڪي ادب جي زبان ۽ ان جي رسدار روايتن کي اَپنايو آهي، پر هن پنهنجي تخليقي جدت، اَڇوتي موضوعن، روان ترنم ۽ جديد ٻولي جي واهپي سان بيت کي نئون جيون اَرپن ڪيو آهي. هن جي بيتن ۾ احساس ۽ جذبي جو نئون روح به آهي، ته فڪر ۽ فن جي نئين ندرت به.
گھاڙوءَ گھڙيو ڪونه، ڳهڻو تنهنجي ڳل جئين،
سورٺ! توتان ڇو نه، ور ور مان واريو وڃـــــان.
(ص75)
ٻانهون ساهڙ ٻک ۾، مٿان ساوڻ چنڊ،
ڏم ته ڏاري هينئڙو، گھر تڙ جيئڻ جنڊ،
ميهر! توسان منڊ، مور نه آهي اوپرو.
(ڪپر ٿو ڪُن ڪري) ــ (ص125)
مٿين بيتن مان پهرين بيت ۾، پرينءَ جي ڳل کي ڳهڻو ڪوٺڻ ۽ ان جي حُسن تان واريو وڃڻ جو احساس ڪو عام ۽ رواجي نه آهي، پر غير روايتي ۽ غيرمعمولي آهي، ڇو ته پرينءَ جي ڳل کي اهڙي حسين ڳهڻي سان تشبيھه ڏنل آهي، جنهن جھڙو سهڻو زيور اڄ تائين ڪو سونارو ٺاهي نه سگھيو آهي. سونو زيور پنهنجي جاءِ تي سهڻو، پر ان کان وڌيڪ حسين ۽ اَمُلهه پرينءَ جو ڳل، شاعر ان تي فدا رڳو ان ڪري نه آهي، ته اهو سهڻو آهي، پر ان تي ور ور وارجي انهيءَ ڪري ٿو، ڇو ته اهو ڳل حسين سان گڏ اَملهه، بي مثل ۽ بي بدل آهي.
ٻي بيت ۾ اياز هڪ ئي وقت گھڻ رخي عڪسن (Complex images) ذريعي سهڻي ۽ ميهار جي عشق ۽ اُڪير، بي ڊپائي ۽ ڪيفيتي احساسن جو اهڙو جاندار نقش چِٽيو آهي، جيڪو نه فقط فني جماليات جي حوالي سان موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي، پر ان ۾ جذبي ۽ احساس جي اُڇل به ڪمال جي آهي.
شيخ اياز سنڌ جي ٿرن، برن ۽ مختلف شهرن جا سفر ڪري، اتان جي لوڪ رس ۽ رنگ جو سواد ماڻي، ان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ فنڪاراڻي نموني سمايو آهي. هن پنهنجي ڪتاب، ’اَڪن نِيرا ڦُليا‘ ۾ جھڙي نمونيءَ سان، ٿري جيوت، اتان جي زبان، ماڻهن جي پيار ۽ پورهئي، گلن، ٻوٽن ۽ فطري منظرن جا حسين عڪس پيش ڪيا آهن، انهن کي پَسي سندس ڏات ۽ ڏانءَ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھجي.
مَروئي مَهڪار، اڃا اَڱڻ سپرين!
اچين جي ٻيهار، مَهڪي ساٿ سُڳنڌ جو.
سرتي سويري، وهنتي جيئن تلاءَ ۾،
آيا اُن ويري، ڳڀرو ڪيئي ڳوٺ جا.
اکين اڄ به ڏٺيون، پر نه اڳي جئن بُکَ سان،
اَنبوهيل گِدريون، گوري تنهنجي گج ۾.
کڙو آهي کڙاھ تي، ڪري چنڊ چٽاءُ،
آڌي اُٿي آءُ، لڪي ساري لوڪ کان.
ڪارونجھر تي اوڙڪون، اڄ به ساڳيا مينهن،
ها، پر جوڀن ڏينــهن، رهــي رهـــن ڪيــنڪــي.
وارن کي جھٽڪو ڏئي، هٽايئه پُٺتي،
چنڊ پيو تاڙي، سَرَ مان توکي سُندري!.
هوءَ ڊاڳي ۾ ڊيل جئن، بيٺي آهي ڪير؟
آئي آهه سوير، دِلو کڻي چيلهه تي.
(اڪن نيرا ڦليا، ص17، 18،19)
’اَنبوهيل گِدريون، گَجُ، سَر، تلاءُ، اوڙڪون، ڊيل، دِلو سڀ اهڙا لفظ آهن، جيڪي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ماحول سان وابسته ۽ ان جو پسمنظر پيش ڪندڙ آهن. ان کان علاوه ’مَروئو ۽ ڊاڳو‘ لفظَ خاص طور تي ٿر ۾ موجود ۽ مروج آهن. ’مَروئو‘ ٿر جو هڪ خوشبودار ٻوٽو آهي. جڏهن ته ’ڊاڳو‘ ٻن ڀِٽن جي وچ واري نرم زمين کي چئبو آهي. ’کڙو ۽ کڙاھ‘ پڻ ٺيٺ ٻهراڙي جا لفظ آهن. کَڙي جي معنى بيٺو ۽ کڙاھ جي معنى ڍنگهر آهي، جيڪو رات جي وقت لنگھه يعني در طور استعمال ٿيندڙ جاءِ تي ڏئي ٻهراڙيءَ جو ماڻهو وڃي آرامي ٿيندو آهي.
مٿين بيتن ۾ جيڪو منظر ۽ ماحول پيش ٿيل آهي، اهو نج ٻهراڙيءَ جو ۽ گھڻو ڪري ٿر جي پسمنظر ۽ رومانس کي ظاهر ڪري ٿو. ڪارونجھر ۽ ان تي اوڙڪون ڪري وَسندڙ مينهن ۽ مينهن جھڙي محبتن مان، ٿريالي پار جا ڏس پڌرا آهن. مَروئي جي مَهڪار سان پرينءَ جي، اڱڻ ۾ موجود هجڻ جو احساس، وينگس جو تلاءَ تي وهنجڻ جو منظر ۽ ڳوٺ جي ڳڀرن جو ڳاهٽ ٿيڻ، گوريءَ جي گج مان اَنبوهيل گدرين جي آرنڀ جا تجلا، ڊاڳي ۾ چيلهه تي دِلو کڻي ڊيل جيان ڪنهن مور جي انتظار ۾ ٽِلندڙ ناري ۽ وارن کي جھٽڪو ڏيندڙ سندريءَ کي سَرَ مان جھاتي پائي ڏسندڙ چنڊ، اهي سڀ اهڙا عڪس آهن، جن ۾ تاثريت ۽ رومانوي رنگينيءَ جو روح اياز پنهنجي اهڙي فنڪاراڻي ڏات ۽ ڏانءَ سان اوتيو آهي، جو انهن عڪسن ۾ جيئري جاڳندي زندگي اُڀري پئي آهي.
شهرن ۾ بلبن جي روشني ۽ ماڻهن جي ڏينهن رات مشين وانگر ڊُڪ ڊوڙ، جنهن ۾ نه کين سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ جي حُسناڪي جو احساس ٿو رهي ۽ نه ئي رات جو آڪاش ۾ اوجاڳيل چنڊ جي خوبصورتي جي ڪائي خبر ٿي پوي، پر ٻهراڙي جي ماڻهوءَ لاءِ سج ۽ چنڊ وڏي معنى رکن ٿا. رات ۽ ڏينهن جا هنن وٽ پنهنجا مفهوم آهن. پرھ ڦٽي سان هنن جي ننڊ جي ڀاڪر ۾ ڀريل اک، کُلندي آهي ۽ هو پکين وانگر پنهنجا ڪکاوان گھر ڇڏي پنهنجي روزي روٽي جي تلاش ۽ جياپي جي جستجو ۾ جُنبي ويندا آهن. هنن لاءِ چنڊ پرين ڏانهن پيغام پهچائڻ جو ذريعو ۽ ان جي آڌي رات جو مسرور ڪري ڇڏيندڙ چِٽائي رومانس ۽ روح رَچندي جي علامت آهي. انهي ڪري ئي اياز، آڌيءَ رات کڙاھ تي چانڊوڪي ۽ چٽاءُ ڪري بيٺل چنڊ ۽ پرينءَ کي ساري لوڪ کان لِڪي اچي ملڻ جو سُندر احساس اظهاريو آهي.
اياز جي مٿين بيتن ۾ نرالي لفظي سٽاءَ ۽ معنوي حُسن سان گڏ هڪ ڀرپور احساساتي تاثر به آهي، جيڪو پڙهندڙ کي نه صرف عجيب لطف آڇي ٿو، پر اهو ان کي پنهنجي داخلي ساروڻين جي سُندر دنيا ۾ گم پڻ ڪري ڇڏي ٿو. ائين اياز پنهنجي شعري مجموعن ’سورج مُکي سانجهه‘، ’ڪَپر ٿو ڪُن ڪَري‘ ۽ خاص طور ’جُھڙ نيڻان نه لهي‘ جي بيتن ۾، سنڌ جي جهر جھنگ، جبلن، ندين، سمنڊ، صحرائن، ڪچي، پڪي، اتر، لاڙ، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ڌرتيءَ جي ٻين خِطن جي ماحول، حالتن ۽ جمالياتي پسمنظر کي انتهائي اثرائتي ۽ موهيندڙ انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
جيئين لَٽو کُنڀ تي، ايئين منهنجو مَن،
توڙي تولئه تَن، اڄ به تانگهي ٿو پيو.
توکان پو منهنجا پرين! جُھڙ ٿيا جھاٽي،
پُڇُ نه ڪئن ڪاٽي، مون رِم جھِم ۾ راتڙي!
(سورج مُکيءَ سانجھه، ص28)
هاڙهي، پٻ، هنگور تي، تنهنجا هي پيرا،
ڪيڏا سويرا، وڃن پيا واٽ تي.
ڪيڏي پياري ڪونهري، جنهن ۾ لرزي چنڊ،
ڄڻ هي سارو منڊ، منهنجي ’مون‘ ۾ ٿو ڇُلي.
تارن ٻيڙيون اُڀ ۾، ڪوئي هَلائي،
ڇَنڊا اُڏائي، ماڪَ وسائي رات جو.
(جُھڙ نيڻان نه لهي،ص27، 34)
جھاڳي جھاڳي جندڙي، ڏينهن تتا ڏونگرَ،
اڄ ڪنهن آڏي لڪَ ۾، ڍُرڪي مٿي ڌرَ،
ڇپون ڪيهر ڪَرَ، اڳتي پنڌ نه اُجھي.
هونءَ ته منهنجي جندڙي، ڪيٽيءَ مٿان ڪونج،
گُرڙ جيان مون گونج، جڏهن ڏيهي ڏک ۾.
ڏس هو ڪويل ڪنٺ مان، ڄَرڪي نڪتي باک،
جئن مون لوئي لاک، تئن هو سامهون سوجهرو!
(ڪپر ٿو ڪُن ڪري،ص227، 232)
شيخ اياز بيت کي روايتي رنگ ۽ رواجي موضوعن کان آجو ڪرڻ ۾ گھڻي قدر ڪامياب ويو آهي. وڏي عرصي کان بيت اڪثر ڪري صوفيانه رازن ۽ رمزن کي اظهارڻ تائين محدود رهيو آهي، پر اياز ان ۾ صوفياڻي رمزيت جو اظهار به جديد ۽ پنهنجي عصري تقاضائن، نئين تشبيهن، استعارن ۽ تمثيلن سان ڪيو آهي، جنهن کي پنهنجي احساساتي تاثريت، تخليقي انفراديت ۽ فڪري حُسناڪي آهي.
مان تنهنجو مذڪور، ٽاري ٽاريان ڪيترو،
مون کان مور نه دور، تنهنجو پاڇائون پرين!
(ص30)
ويرو تارِ وَسين، سائين منهنجي ساهه تي،
پنهنجو ڏسُ ڏَسين، پوءِ به مون کي ڪينڪي!.
(ص35)
ڪوئي مون ڌرمي چوي ڪوئي اَڌرمي،
آنءُ اهو ڪرمي، جيڪو سدا سوچ ۾.
(ص36)
سمجھايان آهي خدا توکي ٻيو مان ڪيئن!
کنڀَ کِنڊيري جيئن، ڇونه ڏسين ٿو مور کي!
(ص37)
هُو جو پرڏيهي پکي، هُيو ڪويل جيئن،
اُڏري ويو ڪيئن، اکين اڳيان اوچتو.
(ص38)
چانڊوڪي ۾ جيئن، واري چمڪي ٿي پئي،
منهنجو جيءُ به ائين، تو آهي جرڪائيو.
(ص46)
ڌرتي ساري ٿي نَچي، نَچي ٿو پاتارُ،
مورَ سڄو سنسار، آندو آهي وجد ۾.
(ص55)
آ ڪيڏي آڪاش ۾ تنهنجي موتين پُوچَ!
هاڻي ڪهڙا ڪوچَ، آنءُ اِتيئي آهيان.
(ص67) ــ (سورج مُکيءَ سانجهه)
شيخ اياز بيت ۾ زندگيءَ جي هر احساس ۽ معاشرتي مسئلن کي کنيو آهي، ايتري تائين جو هُن بيت ۾، ڌرتيءَ ۽ ڌرتي واسين جي ڏکن ۽ سُکن کي سمائڻ سان گڏوگڏ دنيا ڀر جي انسانن جي اهنجن، اذيتن ۽ آدرشي جدوجهد جي آواز کي انتهائي اثرائتي انداز ۾ نه رڳو سمايو آهي، پر ان ۾ انهن جو احساساتي رَتُ ۽ سَتُ به شامل ڪيو آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي بيت کي ’کوريءَ جا کيت‘ سڏي ٿو، جن جي آبياري رت جي ريج تي ٿي آهي.
مان نه ڀٽائيءَ بيتَ، ساميءَ ويس سلوڪڙا،
کورا منهنجا کيتَ، ريج انهن ۾ رَتُ جا.
(وڄون وسڻ آئيون، ص74)
اهي ويٽنام جي آزادي جا متوالا هجن يا ڪيوبا جي انقلابي جدوجهد جا جوڌا ۽ جوان. اهو سنڌ جو پوڙهو باغي هجي يا چليءَ جو انقلاب پسند ڳڀرو وڪٽر هارا، اها نازي فوج جي آمريت جو نشانو بڻجندڙ ائيني فرينڪ هجي يا اسپين ۾ فاشسٽن هٿان قتل ٿيل ڪوي لورڪا، اياز انهن سڀني کي پنهنجي بيت جو موضوع بڻايو آهي.
هاءِ يهوديءَ ڌيءَ، هيءَ تنهنجي آتم ڪٿا،
ڪيئي ڏٺا ڏيهه ۾، تو جھڙا مون جيءَ،
روز سُڪايا سيءَ، ڳاڙها گل گلاب جا!
(ص274)
هي جو پوڙهو جھور، وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾،
اڃا ڏمرجي ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مور،
سوچي ڏسي ڏور، ايندڙ آرڻ ڏينهڙا.
(ص276)
بمن مٿان بم، ڪريا انڌوڪار ۾،
اُڏاڻا آڪاس ۾، هڏن سوڌا چم،
الا ڏس آدم، آزاديءَ لئه ڇا سَٺو!
(ص281) ــ (ڪپر ٿو ڪن ڪري)
شيخ اياز نه فقط روايتون ٽوڙيون آهن، پر هو صحتمند روايتن جو امين به رهيو آهي. هو مڪمل طور روايت شڪن نه آهي. اياز انفرادي طور باغي ۽ جدت پسند ضرور آهي، پر هن جي بغاوت تخريبي نه، پر تعميري آهي. هُن جتي بيت ۾ موضوعاتي وسعت آڻي، ان کي نئين ڪيفيتي نواڻ ۽ نُدرت عطا ڪئي آهي، اُتي هن ڪلاسيڪي روايتن جي پاسداري ڪندي اساسي ڪردارن ۽ ڪٿائن تي نئين رنگ ۽ انداز سان ’سُرَ‘ پڻ سِرجيا آهن. اياز پنهنجي انيڪ پيشرو ۽ هم عصر اديبن ۽ شاعرن جي ڪردارن کي پڻ موضوع بڻائي، انهن تي لکيو آهي. ان سلسلي ۾ شاھ عبداللطيف، سچل، سامي، باهو، بلا شاهه، نارايڻ شيام، سارتري ۽ ائني فرئنڪ جي حوالي سان سِرجيل سُرَ، سلوڪ ۽ بيت چڱي تعداد ۾ موجود آهن، جن ۾ نه صرف اياز جي فڪري ۽ احساساتي اُڏام پَسڻ ۽ پرکڻ جھڙي آهي، پر هن جي ٻوليءَ جي نزاڪت ۽ اظهار جي حسيت ۽ حُسناڪي پڻ هينئين سان هنڊائڻ ۽ محسوس ڪرڻ جهڙي آهي.
توکي ساري سنڌڙي، ساري ڀٽ ڌڻي،
مور نه ٿيندي مارئي، ٻي ڪا ماءُ ـ ڄڻي،
تنهنجي پير پَڻي، ڏات سموري ڏيهه جي.
(ڪُلهي پاتم ڪينرو، ص5)
سچل سچل ٿو ڪرين، سَهندين سچل چَٻَ،
ريٽي تنهنجي رَٻَ، ٻاٽي هن اونڌي ڪئي.
(ص83)
سنڌو تنهنجي لهر جئن، جو نارايڻ شيام،
ڪندو ڪئن وسرام، سو گنگا جي گود ۾.
(ص87)
ڇا لئه جيئڻ ٿو گھُرين، سامي مُدامي،
ڇو نه ٿيئين عامي، تون جئن گل گلاب جو.
(ص111) ــ (جُھڙ نيڻان نه لهي)
مان سوچان ٿو سارتري! اوچو سو انسانُ،
بيهي جيڪو باهه سان، ڪري پاڻ سنانُ،
گُرو! تنهنجو گيانُ، رڳو مَتيون لوڪ کي.
(ص236)
اَئني! منهنجي ڀينڙي، ڏورانهين اَٻلا،
اَڄُ جو منهنجي گهاوَ مان، رتُ ڪيا ريلا،
انهن ۾ تنهنجا، سَهسين سُڏڪا ٿو سُڻان.
(ص276) ــ (ڪپر ٿو ڪُن ڪري)
اياز پنهنجي شعري ڪتاب، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ ۾، نه رڳو يارنهن ڪلاسيڪي سُرن، ’سورٺ، سهڻي، سسئي، موکي، مومل، مارئي، ڪيڏارو، ڪاپائتي، گھاتو ۽ ليلا‘ تي نئين ۽ جديد فڪري انداز سان لکيو آهي، پر هن ڪيترن ئي نئين دور جي سورمن ۽ سورمين کي پنهنجي اظهار جو موضوع بڻائي، انهن تي ’سُرَ‘ رَچيا آهن. هن جي رچيل سُرن جا رڳو ڪردار ڪلاسيڪل آهن، باقي اياز انهن کي جديد فڪري، عصري، رومانوي ۽ داخلي احساسن جي رنگن ۾ رڱي پيش ڪيو آهي. ان حوالي سان هو پاڻ لکي ٿو: ”مون سنڌ جي ڪهاڻين وارا سڀئي سُرَ ٻيهر لِکيا آهن ۽ هر سُر کي توڙ تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کان اڳ هر سنڌي شاعر هر سُر ۾ وحدت الوجود جي فلسفي کي پيش ڪيو آهي، پر مون هر سُر ۾ هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ ان جو سلسلو قائم رکي ان کي گھربل نتيجي تي پهچايو آهي“(11).
شيخ اياز جي اظهار ۽ انداز ۾ جيڪا قادرالڪلامي، فڪري گھرائي، فني نرملتا، رومانوي ۽ جمالياتي رنگيني آهي، ان جي جھلڪ سندس نئين ڪلاسيڪي رنگ ۾ سرجيل سُرن وارن بيتن ۾ پڻ پَسي سگھجي ٿي.
ٽَهڪن ساڻ ٽِڙي، پئي رات رتول جي،
منجھان کيِنءَ کِڙي، ڄڻ ڪا مُکڙي اوچتو.َ
(ص76)
ميهر تنهنجي ٻانهن، ڏڍ انوکو ڏيھه ۾،
دک نه تاتي دانهن، تو ۾ سپنا سک جا.
(ص95)
اڳ ۾ ئي مون هيو، سما تنهنجو ساءُ،
توسان مُنڌَ مِلاءُ، ايئن نه آهي اوچتو.
(ص109)
ٽِم ٽِم، ٽِم ٽِم هينئڙو، رم جھم رم جھم روپ،
سسئي سونهن اَنوپ، جُھري آريءَ جھولَ ۾.
(ص126)
سونهن نه ويندي سومرا! ڏانَ ڏئي ٿو ڏک،
موتيءَ جھڙو مُکُ، اڳي کان اڳرو ٻَري.
(ص172) ــ (ڪپر ٿو ڪن ڪري)
شيخ اياز بيت ۾ نه صرف نئون لهجو، نئين لفظيات، نئون آواز ۽ انداز کڻي آيو آهي، جيڪو گھڻي قدر سڀاويڪ ۽ سُندر لڳي ٿو، پر هُن بيت جهڙي نازڪ ۽ نفيس صنف ۾ ڪيترن نوَن نظرين، نوَن رجحانن، نوَن فلسفن ۽ فڪرن جا بحث پڻ ڇيڙيا آهن، جنهن ڪري ڪٿي ڪٿي بيت جي نِرملتا ۽ نازڪي ڌڪجي ۽ ضربجي پوي ٿي. ان کان علاوه ڀاري، غير مانوس ۽ ڌاري ٻولين جي دقيق لفظن جو واهپو به ڪٿي ڪٿي سندس بيت جي رواني ۽ رنگيني کي ڇِيهو رَسائي ٿو. جيئن هيٺين بيتن ۾ ’مُگرمانَ‘،(ساز جو قسم)، ’ڏنڊوت‘ (سجدو)،’ترل رل‘ (تِڏي جو آواز) ۽ ’تانءِ نان مين‘ (نالو) جھڙن غير فصيح، اڻ چٽي مفهوم ۽ اوپري لفظن جي استعمال بيتن جي رواني ۽ رنگينيءَ کي ڌَڪي وڌو آهي.
رکي مُگرمانَ تي، پنهنجي مٿي کي،
اڄ ڇا ٿو ساري، هر هر حبشيءَ جو هينئون.
(ص27)
ساريون ڳچ اُڀاريون، آهن اُٻڙڪي،
ٿو اونهاري اُس ۾، ٽيٽهر ٽِڙڪي،
آهن ڊَسڙ ڪي، هارياڻيون کِهه ــ ڀُڪليون.
(ص31)
جُهـڪـي ڪــر ڏنڊوتَ، اُن اونهـي اِسرار کي،
چارئي چُني پوت، جنهن جا ڳوڙهي ڳجھه ۾.
تــڏي تِرل رلِ، چــانـڊوڪـي ۾ چـــيٽ جي،
ٿي ويئي رلِ ملِ، ڀنڀرڪي ۾ ماڪ سان.
(ص47) ــ (جُھڙ نيڻان نه لهي)
چنڊ جڏهن اُڀري آيو تانءِ نان مين تي،
چمڪي ائين رَتُ تي تڏهن چانڊوڪي،
ڄڻ ڪا قدرت جي، بي پروائي ٿي بَکي!
(اُڀر چنڊ پَس پرين، ص108)
بيت جي شاعري درحقيقت ان نفيس گل وانگر آهي، جيڪو صرف موافق موسم ۾ ئي ٽانگر تي ٽڙندو، مَهڪندو ۽ ٻَهڪندو آهي ۽ غير موافق سردي ۽ گرميءَ ۾ مُرجھائجي ويندو آهي.”شيخ اياز پنهنجي شعر (بيتن) ۾ جدا جدا وصفن جھڙوڪ اشارن، ڪناين، تشبيهن، استعارن، تلميحن، ترڪيبن، ديومالائي حوالن ۽ ٻين صنعتن معرفت جيڪو جمالياتي حُسن پيدا ڪيو آهي، تنهن جو مثال دنيا جي شاعريءَ ۾ ڪن ٿورن هنڌن تي ملندو. سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شبد ــ ڀنڊار ۽ نئين تهذيب جي تقاضائن موجب عام ماڻهن جي گفتار جي جديد زبان جو سنگم، سندس مخصوص عبارت ۾ اهڙي ته ميزان ۾ ملي ٿو، جو ائين پيو لڳي ڄڻ هن لفظن جو نئون ساز خلقيو آهي، جنهن جا سُر علحدا، موسيقي نرالي ۽ آلاپ نوان آهن“(12).
اياز پنهنجي شاعريءَ جي ٻين صنفن وانگر بيت ۾ پڻ فڪري پختگي ۽ فني نُدرت جي هڪ نئين ۽ نرمل دنيا تخليق ڪئي آهي. سندس بيتن ۾ موجود فن جي گوناگون ۽ حسين وکر مان چند تشبيهن، استعارن ۽ من موهيندڙ ٻوليءَ جا مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا.
جيئين گل رابيل جو، ٽِڙي آڌيءَ رات،
مون کي منهنجي ڏات، ائن آڇيون سَرهائيون.
(ص144)
هيءَ جا ماکيءَ مَکِ، ڄڻ مان اڳينءَ جوڻ ۾،
چوي پئي چَک، سارا ڦول ڦلار ۾.
(ص150)
باک ڦُٽيءَ جو ٿو کِڙي، سورج مُکي جيئن،
سپنو ساڀيان تئين، نيٺ ته ٿيندو ساٿيو!.
(ص159)
تون بادل جي بُرج جئن اُڀري آئي آن،
مون تي ڇائي آن، اڄڪلهه سانوڻ مينهن جئن.
(هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن)ـــ (ص163)
سانجهيءَ سج لهي ويو، ان کان ڪهڙي پوءِ،
وڃ نه پرين ووءِ، منهنجو جيءُ جُھري پيو.
(ص23)
هي چوٽا، هي چهچٽا، ٻيهر ملندا ڇا؟
ٻيهر کِلندا ڇا، چَپ کير ــ ولين وانگيان.
(ص25)
روحَ هڻي تون روڻَ، ٻوڙان ٻوڙ ڪري وئينءَ،
ڪيا پيار پروڻ، سارا بند سماج جا.
(ص27)
هي جي روح رهاڻيون، هي سڀُ ڪجهه ڪي ڏينهنَ،
ايئين جوڀن ڏينهڙا، وِڄُ جئن وَسندي مينهن،
پياري! ايئن پَرينهن، شايد ڪو پَل گهارئين!.
(سورج مُکيءَ سانجهه) ــ (ص30)
صدين کان سينڌو هُيس، ڄڻ تنهنجو آئون،
تنهنجون صدائون، آيون ٿي آغوش مان.
(ص28)
اک مِلي اَڙجي وڃي، ائين ڪوههُ ٿئي،
جَڙجي لوههُ ٿئي، ماڻهو ماڻهوءَ ٻَک ۾.
(ص29)
ڪُهه ڄاڻان سنسار ۾، ڪهڙي رِڻَ ڪاهن،
اڻَ ــ ڄاتل آهن، تنهنجون هرڻيءَ جئن اکيون.
(اُڀر چنڊَ پَسُ پرين) ــ (ص43)
شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۾ رواني، لئه، رنگيني، ترنم ۽ موزون لفظن جي جَڙاءَ سان سنگيت جو هڪ نرالو جهان جُڙي ٿو، جنهن ۾ آبشار ڌارا جھڙي بي ساختگي، سونهن ۽ ڪشش به آهي، ته پهاڙي جھرڻي جي پاڻيءَ جھڙو مِٺاس ۽ تاثير به. حقيقت ۾ اياز جي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ رڌم جو حسين سنگم سندس هڪ حيرت انگيز ڪارنامو آهي. هن جي هر لفظ ۾ لهرن جھڙي رواني ۽ سِٽَ ۾ موتين مالها جھڙي جَڙاوَت، اهڙي صوتياتي سنگم جو نتيجو آهي، جنهن کي اياز جھڙو غير معمولي تخليقڪار ۽ اندر ۾ سُر ۽ رڌم جو روح رکندڙ سرجڻهار ئي تخليقي سگهي ٿو.
ڪونجون ڪرڪن روھ تي، ڪٿي آهين تون؟
توکي ڳولي مون، ڪيڏا پنڌ پُڇائيا!
(اڀر چنڊ پس پرين، ص42)
هيٺان شهر بتيون، ٽم ٽم ٽم ٽم واءُ ۾،
مٿان نيري نڀ ۾، ڪارونڀار ڪَتيون،
چارئي پار چَتيون، ڄڻ آڌي اِسرار ۾.
مٿين بيتن مان پهرين بيت ۾’ڪ‘ اکر جو پنج ڀيرا ’ن ۽ ي‘ جو ست ۽ ’پ‘ جو ٻه ڀيرا ورجاءُ آهي. ٻي بيت ۾ پڻ ’ڪ، ن، ي، چ، ٽ، م ۽ ت‘ اکرن جي تجنيس ملي ٿي، جيڪا ترنم کي پيدا ڪري ٿي. ان کان علاوه ٻي بيت جي ٽنهي پدن ۾ استعمال ٿيل قافين’بتيون، ڪتيون ۽ چتيون‘ سان گڏ ’ڪار، نڀار، چار ۽ پار‘ جا جيڪي اندروني ۽ سهڪاري قافيا موجود آهن، اهي صوتي اثر کي اُڀاري بيت ۾ ڄڻ ته، لفظي رقص جي رنگ کي جنم ڏين ٿا.
’ٽم ٽم‘ لفظ جو چار ڀيرا تواتر سان ورجاءُ پڻ بيت ۾ ترنم ۽ روانيءَ کي پيدا ڪري ٿو. اياز جي سموري شعر ۾ نه رڳو اها حرف تجنيس ۽ لفظن جي اندروني ترنم جي يڪتائي نظر اچي ٿي، پر هو پنهنجي شاعري ۾ ٻين به ڪيترين ئي فني ذريعن سان لئه ۽ ترنم پيدا ڪري ٿو.
شيخ اياز شاعريءَ ۾ فني تجربن ۽ فڪري تغير جو جيترو جوکم کنيو آهي، ايترو شايد ئي ٻي ڪنهن شاعر کنيو هجي. بيت ۾ ٻٽي رديف ۽ ساڳي لفظ کي قافئي طور استعمال ڪرڻ جي تخليقي تجربي کان وٺي بيت جي پهرين ۽ ٻي پد ۾ قافيئي ۽ رديف ـــ رنگ جو تجربو به اياز جي دين آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ هن کان اڳ ۾ ورلي ڪنهن شاعر وٽ ملندو.
ڀر تي ويرون جيئن، ڏاڍو ٻُرن ڪوڏ ۾،
تون ڀي مون تيئن، ويرو تار وَڄين پيو.
ادي اڄ اداس، آهي منهنجو جيئڙو،
پرين ساڳو واس، ڪوهه اواڳيو هينئڙو.
ويو واچوڙو، ليٽائي وڻ واٽ تي،
ها، ڪوڪو ٻُوڙو، ٻوڙائپ جنهن ٻاجهه ڪئي.
تيسين تائين ڀون، رهندي تنهنجي تاڪ ۾،
جيسين تــائين تــون، ورنــدين وطن ياتري.
(جھڙ نيڻان نه لهي، ص47،69)
چئي سگھندين چنڊ، تو ڏي مان ڇو ٿو تڪيان،
ڏئي سگھندين چنڊ، مون کــي پــار پــرينءَ جــا.
ستارن سان رات، چوريم ڳالهيون چنڊ جون،
ملندي ڪيئن نجات، سونهون ناهيان سونهن جو.
آهيان راڳيندڙ، ڪنهن روحاني راز جو،
ڪيو سِر سُگھڙ، روح رچي ويو رمز ۾.
پڃري ۾ پيهي، آئي بوءِ بسنت جي،
پکي پرڏيهي، پرڙا پتوڙڻ لڳا.
ادي اڄ اداس، آهي منهنجو جيئڙو
پرين ساڳيو واس، ڪوهه اَواڳيو هينئڙو!
روحن جي راحت، پکيئڙو پرديس جو،
اُڏرڻ جي عادت، ان کي آهي اصل کان.
(ڀونر ڀري آڪاس، ص1،16،17)
ان کان علاوه شيخ اياز جي بيتن ۾ قدرتي حُسن، انساني سونهن، فني سوڀيا، عالمي امن، سياسي ۽ سماجي بيداري، مزاحمت، پورهئي ۽ پيار، وجدان، سُورَ ۽ صوفياڻي رمزيت جو جمال اثرائتي ۽ احساساتي پيرايي ۾ موجود ملي ٿو.