شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات, ليکڪ : فياض لطيف

شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات
ليکڪ : فياض لطيف
ڪيٽيگري : لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
ڇپيندڙ : انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو
شايع ٿيڻ جو سال : 2018
شامل ڪيو ويو : 2020-05-29
ڏِٺو ويو : 2059 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 556 ڀيرا
ھي ڪتاب ڊاڪٽر فياض لطيف جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي (سنڌي) لاءِ پيش ڪيل تحقيقي مقالو آھي. ڊاڪٽر شير مھراڻي لکي ٿو:
”ڊاڪٽر فياض لطيف جي تحقيق ۾ شيخ اياز جماليات جي معراج تي پهتل نظر اچي ٿو. هن ثابت ڪيو آهي ته، اياز جي فڪر کان فن تائين، وجدان کان درد تائين، مزاحمت کان تحرڪ ۽ تحريڪ تائين، وطن دوستيءَ کان انسان دوستيءَ تائين، فطرت کان فلسفي تائين ۽ رومانس کان دعائن تائين وارين سٽن ۾ جماليات ئي جماليات آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف جي هيءَ ٿيسز نه صرف اياز جو اڀياس ڪندڙن لاءِ هڪ اهم دستاويز هوندي، بلڪه سنڌي ادب ۾ جماليات تي هڪ مستند ڪتاب پڻ هوندو. ڊاڪٽر فياض جي هن ڪتاب کانپوءِ سنڌيءَ ۾ جماليات تي تحقيق ڪندڙ نوجوان محققن کي هڪ سگهارو رفرنس بوڪ ملي سگهندو، جنهن سان کين ’سونهن/ جماليات‘ جي موضوع تي تحقيق ڪرڻ ۾ تمام گهڻي سولائي ٿيندي. “

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2021 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ