شيخ اياز جي شاعريءَ تي متقدمين جا اثر
شيخ اياز جو اڀياس وسيع ۽ گھڻ رخو هو. هن جو فڪشن کان وٺي شاعري، تاريخ، فلسفي، نفسيات، سائنس ۽ ٻين جديد علمن بابت چڱومطالعو هو، انهيءَ ڪري هن جي شاعريءَ جو جيڪڏهن گھرائيءَ سان مطالعو ڪبو، ته سندس شاعريءَ ۾ شاهه لطيف، سامي، سچل، باهو، بلا شاه، شاھ حسين، وارث شاھ، ماڌو لال حسين، بابا فريد، ولي، نظير اڪبر آبادي، مير، غالب، عمر خيام، رومي، خسرو، اصغر گونڊوي، حافظ، ڪبير، ميران، رتن ٻائي، بهاري لال، ود وياس، ڪاليداس، اُمارو، وديا پتي، تُلسيداس، رحيم خانخانان، مَلڪ محمد جائسي، چندي داس، ڀرتري هري، امرءُ القيس، خليل جبران، ٽئگور، نذرالاسلام، تورودت، پئبلو نرودا، وڪٽر جارا، شيوسانگ، پشڪن، بادليئر، ٽالسٽاءِ، دوستوفسڪي، سارتر، شوپنهار، ڪافڪا، ڪاميو، شيلي، شيڪسپيئر، چاسر، ملٽن، ڪيٽس، وليم بليڪ، بائرن، ٽيني سن، ورڊس ورٿ، والٽ وٽمئن، ٽي ايس اليٽ، ليوپارڊي، ايڊگر ايلن پو، لورڪا، ناظم حڪمت، ائنا اخمتوا، ڪازان زاڪس، هيمنگ وي، رسول حمزه توف، هومر، سئفو ۽ ٻين لاتعداد پرڏيهي ۽ ڏيهي عالمن، اديبن ۽ مفڪرن جا فڪري، فني۽ احساساتي اثر سندس شاعريءَ ۾ نمايان نظر ايندا.
شيخ اياز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ان جو اعتراف هن ريت ڪري ٿو: ”مان دنيا جي ڪيترن ننڍن توڙي وڏن اديبن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ انهيءَ اڀياس منهنجي فڪر ۽ نظرئي تي پنهنجو اثر وڌو آهي. ڪاليداس کان وٺي ٽئگور تائين، ڊانتي ۽ ورجل کان وٺي اَٽالو ڪَئلوِنو تائين، هومر کان وٺي ڪازان زاڪس ۽ جديد دور جي يوناني ترقي پسند ادب تائين، گالزوردي ۽ بالزاڪ کان وٺي سارتري، سيمان دي بيو تائين، پُشڪن کان وٺي مينڊل السٽام، ايتوشينڪو ۽ ووزنياسينڪيءَ تائين، غرض ته سڄي دنيا جي ادب مان فائدو ورتو اٿم“(35).
شيخ اياز جي شاعريءَ جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته هو سگهاري لب و لهجي، منفرد اسلوب ۽ نرالي تخليقي ۽ فني روايتن جو شاعر آهي ۽ هن جي شاعري نئين شعور ۽ فڪري سجاڳي جي پيغام سان گڏوگڏ مختلف ۽ منفرد جمالياتي جُهتن سان مالامال آهي. هُن جي شاعري يقيناً سندس ذاتي مشاهدي، تفڪر، گھري فسلسفياڻي تخيل ۽ فنائتي تخليقي سگهه جو نتيجو آهي، پر اها به حقيقت آهي، ته بنيادي طور هن جي سموري فڪر، فلسفي ۽ اظهارِ بيان تي ڇهن روايتن جو تمام گھڻو ۽ گھرو اثر آهي، جن مان پهريون لوڪ ڏاهپ ۽ قديم گيت ۽ سنگيت جي روايت آهي، جنهن اياز جي سُرت ۽ سماعتن کي ننڍي وهيءَ ۾ ئي سُر ۽ تخليقي سوچ ڏانهن راغب ڪيو. ٻيو فارسي علم ۽ ادب، خاص طور تي فارسي شاعريءَ جي اظهار جي بي باڪي، خيال جي نُدرت، اظهار جي رنگيني، احساس جي سرمستي، فلسفياڻي گھرائي ۽ حُسن پروري جو سندس شاعريءَ تي نمايان اثر نظر اچي ٿو.
ٽيون سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صوفياڻي ۽ بي مثال تخليقي روايتن مان پڻ هن ڀرپور لاڀ حاصل ڪيو آهي. چوٿين هندي شاعريءَ جي فڪر، فلسفي، ٻوليءَ جي نرملتا، احساس ۽ اظهار جي جمالياتي روايت آهي، جنهن مان اياز گهڻو پرُجهيو ۽ پِرايو آهي. جڏهن ته پنجين ترقي پسند تحريڪ آهي، جنهن جي فڪر ۽ فلسفي، خاص ڪري انسان پرستي، پورهيت دوستي، امن پسندي، حقيقت نگاري، آمريت ۽ استحصال کان انڪار واري قدرن جا اياز تي نه رڳو ديرپا اثر رهيا ۽ عملي توڙي علمي طور هو انهن جو داعي ۽ پرچارڪ رهيو، پر هن جي شاعريءَ جو وڏو حصو ان فڪر جي اثر ۽ احساس هيٺ سرجيل ملي ٿو. ڇهين يورپ جي آزاد خيال شعري روايت آهي، جنهن کان پڻ اياز گھڻو مرغوب ۽ متاثر هو. اهي ڇهه ئي روايتون هڪ خوبصورت ۽ انوکي تخليقي امتزاج سان هن جي شاعريءَ ۾ نه صرف موجود ملن ٿيون، پر سندس احساس ۽ اظهار کي وڌيڪ سُپڪ، سندر، پُراثر ۽ پُرتاثير بڻائين ٿيون.
مذڪوره روايتن کان علاوه اياز جي مطالعي، مشاهدي ۽ دنيا جي علم ۽ ادب مان ورتل اثرن جو دائرو به تمام گھڻو ڪشادو ۽ وسيع آهي، جنهن جو مڪمل احاطو هتي ممڪن نه آهي، پر هيٺ اياز ۽ ان جي پيش رو شاعرن ۽ فنونِ لطيفه سان لاڳاپيل ڪجھه ملڪي ۽ غير ملڪي تخليقڪارن جي فن ۽ فڪر جو مختصر ذڪر پيش ڪجي ٿو.
هڪ وڏي شاعر جي خوبي اها به هوندي آهي، ته هو فن ۽ فڪر جي حوالي سان پنهنجي دؤر کان اڳ جي وڏن تخليقڪارن کان پاڻ متاثر به ٿيندو آهي، ته ٻين کي متاثر ڪرڻ جي سگھه به رکندو آهي. شاه عبداللطيف جھڙو عظيم شاعر پنهنجي ماضيءَ جي لوڪ ۽ ڪلاسيڪي شاعرن کان تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي، جنهن لاءِ چند مثال پيش ڪجن ٿا.
درمياں قعر دريا تخته بندم کرده اے،
باز ميگوئي که دامن تر مکن هشيار باش.
(شمس تبريز)
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اُڀا ائين چَون، مَڇڻ پاند پُسائيين.
(شاهه لطيف)
در هزاراں مرد مردِ ره يکست،
آدمي بسيارا تماشه يکي ست.
(رومي)
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه، اچي بوءِ بهار جي.
(شاهه لطيف)
پڙھ پڙھ نفل نماز گذارين،
اُچيان ٻانگا چانگا مارين،
منبر تي چڙھ وعظ پڪارين،
ڪيتا تينون علم خوار...
(بلا شاھ)
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوھ چڙهن، جئن ورق ورائن وترا!
(شاھ لطيف)
تون چئه الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سِکُ،
سچو اکر من ۾، سوئي لِکيو لِکُ.
(شاھ عبدالڪريم)
اکر پڙھ الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
(شاھ لطيف)
پڙھ پڙھ حافظ ڪرن تڪبر، ملان ڪرن وڏائي هُو،
گليان دي وچ ڦِرن نماني، دِسن ڪتابان چائي هُو،
دوهين جهانين مٽي باهو، جنهان کاڌي ويچ ڪمائي هُو!
(سلطان باهو)
ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به ولها ـــ (قاضي قاضن)
ڪي اوڏو اک کي، ڪي نظران ڏور ـــ (خواجه زمان)
ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين ـــ (شاھ)
شاهه لطيف پنهنجن متقدمين جا اثر ورتا آهن، پر هن پنهنجن معاصرين ۽ ويندي اڄ جي اديب ۽ شاعراڻي ٽهيءَ تي پڻ پنهنجي فن ۽ فڪر جا وڏا اثر ڇڏيا آهن ۽ اها سندس شاعراڻي عظمت ئي آهي، جو سوين صديون گذرڻ باوجود، اڄ به سندس شاعري ۾ ساڳي نُدرت ۽ تازگي آهي ۽ ان کي هر مڪتبِ فڪر جو ماڻهو يڪسان محبت ۽ عقيدت سان پڙهي، پُرجھي ۽ اپنائي ٿو. غالب، اقبال ۽ فيض پڻ پنهنجن متقدمين جا اثر قبول ڪيا آهن. غالب، بيدل دهلويءَ جي هيٺين فارسي شعر:
بوئے گل ناله دل دودِ چراغ محفل،
هر که از بزم تو برخواست پريشان برخواست.
جو اردوءَ ۾ ڪيترو نه تُز ۽ سليس ترجمو ڪيو آهي:
بوئے گل ناله دل دودِ چراغ محفل،
جو تيري بزم سے نکلا وه پريشان نکلا.
”اقبال جي سِٽَ ’پھول کي پتي سے کٹ سکتا هے هيرے کا جگر‘، ڀرتري هريءَ جي هڪ شلوڪ جو لفظي ترجمو آهي“(36). ساڳيءَ طرح W. B. Yeats جي خيالن"This Night beaten morn, This spotted Light" : کي فيض احمد فيض، ’يه داغ داغ اُجالا، يه شب گزيده سحر‘ جهڙن خوبصورت احساسن سان پنهنجي شاعريءَ ۾ منتقل ڪيو آهي (37).
ائين سچل سرمست ۽ ساميءَ پڻ پنهنجي پيش رو شاعرن جو اثر ورتو آهي. ساڳيءَ ريت شيخ اياز ڪيترن ئي قديم شاعرن جي فڪري، فني ۽ جمالياتي اثرن وٺڻ سان گڏوگڏ ڪلاسيڪل سنڌي شاعرن شاھ ڪريم (1536ع ــ 1623ع)، خواجه محمد زمان (1713ع ــ 1774ع)، لطف الله قادري (1611ع ــ 1679ع)، ميون شاهه عنات، شاھ عبداللطيف (1689ع ــ 1752ع)، سچل (1739ع ــ 1829ع)، سامي (1743ع ــ 1850ع) ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جو تمام گھڻو اثر قبول ڪيو آهي، جنهن جو اعتراف هن پنهنجي نثر توڙي نظم ۾ کُليءَ دل سان ڪيو آهي.
ڪنهن ڪنهن جو ڪاپو ڏسي، ڪتي مون هيءَ تار،
پــوءِ به مـنـهـنـجـو ٿـو لـڳـي، ڌاڳــو ســـڀ کـــــان ڌار،
اَرٽ نــــــوان اســـرار، آتـــــڻ ســـــــان اوري پــــــيــــــو.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص227)
شيخ اياز، سما دور جي ستن درويشن، جيڪي ماموئي فقيرن جي نالي سان مشهور آهن ۽ انهن سان ست بيت منسوب ٿيل آهن، تن کان پڻ متاثر نظر اچي ٿو. ماموئي فقيرن جو هڪ بيت هن ريت آهي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
اياز ساڳي خيال کي وڌيڪ وسعت ۽ فڪري ندرت سان پنهنجي تخيل ۾ هن طرح پيش ڪري ٿو.
ٻيهر وهندو هاڪڙو، ويندي سَمئهِ سوڙههَ،
بِههَ، مڇي ۽ لوڙههَ، سڀ لئه ٿيندا سوکڙي.
(سورج مکيءَ سانجهه، ص75)
شيخ اياز جتي قاضي قادن ۽ شاھ ڪريم جي شاعريءَ جي اسلوب، صوفياڻي رازن ۽ رمزن کان مرغوب ٿيو آهي، اُتي لطيف کان پڻ تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي. شاھ لطيف سان اياز جو اُنس، عقيدت ۽ عشق بي مثال آهي. اياز فڪر ۽ فن جي لحاظ سان سڀ کان وڌيڪ اثر لطيف جا ورتا آهن. هو پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي لکي ٿو: ”جيڪڏهن ڪوبه اهڙو انسان آهي، جنهن جي آدرش جي ڪسوٽيءَ تي مان پنهنجي ڪردار کي پرکڻ لاءِ ٻَڌل ٿو سمجھان، ته اهو ڀٽائي آهي.... اهو ئي هڪ شاعر ۽ شخص آهي، جنهن جي زندگي ۽ جنهن جي شاعريءَ منهنجي زندگي ۽ منهنجي شاعريءَ تي بي انتها اثر ڇڏيو آهي“(38).
هو وڌيڪ لکي ٿو، ”مون کي ڀٽائيءَ سان ايتري عقيدت ٿي ويئي آهي، جو هر ڪتاب جو عنوان هُن جي ڪلام مان کڻڻ چاهيان ٿو. مون کي هميشه ائين لڳو آهي، ته اهو عنوان ڄڻ منهنجي ڪتاب جي سرورق تي ڀٽائيءَ جو هٿ آهي“(39). اياز گھڻو ڪري پنهنجن اڪثر ڪتابن جا عنوان ڀٽائي جي شاعريءَ جي سٽن مان کنيا آهن، جھڙوڪ: ’ڀونر ڀري آڪاس، ڪلهي پاتم ڪينرو، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، راج گهاٽ تي چنڊ، وڄون وسڻ آئيون، جهڙ نيڻان نه لهي، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن، سر لوهيڙا ڳڀيا، هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن، اُڀر چنڊ پَس پرين، پتڻ ٿو پور ڪري، پنهل کان پوءِ، ڪپر ٿو ڪن ڪري، لڙيو سج لڪن ۾، هينئڙو ڏاڙهون گل جئن‘ وغيره.
شيخ اياز پنهنجي ڪتاب، ’ڪونجون ڪرڪن روھ تي‘ جي ارپنا لطيف سائين کي هن ريت ڪري ٿو، ”پنهنجي پيشرو سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نالي، ’تون پارس مان لوھ، سڃين ته سُون ٿيان‘ تنهنجي جُتيءَ جي مٽي، شيخ اياز“(40). هو پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ جابجا لطيف کي خراج پيش ڪري ۽ پنهنجي عاجزي ۽ انڪساريءَ جو اظهار هن طرح ڪري ٿو.
آهيان آءٌ اُساٽ، تنهنجي مڌ جي او ميان!
تون سا ڪُوءِ ڪلال جي، جنهن مان منهنجي واٽ،
توکان ٻاهر ٻاٽ، تو تائين آ سوجھرو.
آءُ ڀٽائي آءُ، تنهنجي کِھَه، منهنجون اکيون،
ڏِس مون تنهنجو ڪينرو، ڀوريو ناهي ڀاءُ،
ســـاڳيــو جــوڳَ جـــَـڙاءُ، ســاڳـيـــا ســــڏڙا ســـــاز جـ¬¬¬¬¬ــــــا.
(ڪلهي پاتم ڪينرو، ص5)
ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي، جهلي بيٺس جهول،
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي.
ڪَڻا کنيم ڪيچ مان، کِليا تنهنجي کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون.
(ڀونر ڀري آڪاس،ص21)
ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنان ٿانءُ؟
آهي تنهنجي ٻاجھه سان، ميان منهنجو نانءُ،
ڪٿي هجان آنءُ، جي نه هجين تون جوءِ ۾!
سائين! مون کي سگھه ڏي، اَڏيءَ ڪنڌ ڌريان،
چارڻ! تنهنجي چنگ ۾ ڪائي باهه ڀريان،
ٻيهر آءٌ ڪريان، سِر جي صدا سنڌ ۾.
(ڪپر ٿو ڪُن ڪري،ص225)
تون سورج آن، آنءُ ڄڻ سورج مکيءَ کيت،
منهنجو هر هڪ بيت، ٻري تنهنجي ٻاجهه سان.
(اُڀر چنڊ پَس پرين، 207)
نيسر مان جئن ٿو پوي آهڏ ۾ پاڻي،
ڀٽائي ڄاڻِي، ڇا ڇا مون نه پِرائيو!
(سورج مکيءَ سانجهه، ص32)
شيخ اياز جي ڀٽائيءَ سان عقيدت ۽ محبت شخصي ۽ ذاتي نه، پر فڪري ۽ آدرشي آهي، ڇو ته سندس نظر ۾ ذات نه، پر ڏات وڏي شيءِ آهي، ان ڪري ئي چوي ٿو:
اسان لاءِ سيد ته ڪا شيءِ نه آ،
اسان لاءِ شاعر وڏي بات آ.
(ڀونر ڀري آڪاس، ص80)
اياز پنهنجي حياتيءَ ۾ نه رڳو لطيف جي فڪر ۽ فن جا اثر ورتا، پر هو مرڻ کان پوءِ به سندس ڀر ۾ ڀيڙو ٿيڻ جي خواهش جو اظهار هن ريت ڪري ٿو.
ڄَر ۾ ٿو ڄَرڪان، ڳائي تنهنجا گيت مان،
مَري شل مَرڪان، ڀٽائيءَ ڀيڙو وڃي!
(اڀر چنڊ پس پرين، ص84)
شيخ اياز تي شاھ جي فڪر، فن، موضوعن توڙي هيئت ۽ اسلوب جو اثر نمايان آهي. هُن بيت ۽ وائيءَ ۾ گھڻو ڪري لطيف جو رنگ اپنايو آهي، پر ان ۾ پنهنجي دؤر جي حالتن ۽ حقيقتن سان گڏ پنهنجي تخيل ۽ خيال جو نرالو روح پڻ اوتيو اَٿائين، جيڪو نه رڳو فڪري ۽ فني طرح منفرد لڳي ٿو، پر احساساتي طور پڻ انوکو آهي. نموني طور شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي بيتن ۽ وائين مان چند مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا، جن ۾ اياز تي شاهه لطيف جو فني ۽ فڪري رنگ نمايان طور پَسي سگهجي ٿو.
اکين ۾ ٿي ويهه، آءٌ واري ڍڪيان،
توکي ڏسي مَ ڏيهه، آءٌ پَسان مَ ڪي ٻيو!
(شاهه، سر آسا، د ــ 2)
توکي ڏسي ڪونه ٻيو، اکيون شال ڏسن،
ساريو ايئن ڦِسن، جئن سانوڻ ۾ مينهڙا.
(اياز، سورج مکيءَ سانجهه، ص23)
رهيا اٿئي رات، صبح ويندءِ صابري،
لُنءَ لُنءَ منجهه لطيف چئي، ڪر تنين جي تات،
سندي جوڳن ذات، ٻي ڀيري مَسَ مِڙي.
(شاهه، سر رامڪلي، د ــ 8)
هي جي رهيا راتڙي، پِرهه ويندا پار،
تن سان جهٽ گذار، جيسين سيڪن باهڙي!
(اياز، اڀر چنڊ پس پرين، ص43)
پڙاڏو، سو ئي سڏ، جي ور وائيءَ جو لهين،
هئا اڳي ئي گڏ، پر ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
(شاهه)
تون جا منهنجي سڏ جو پڙاڏو آهين،
مون کي ٿي چاهين، مان جو تو ۾ ٿو ٻُران.
(ص41)
مان جو تنهنجي بنسري مون ۾ ٻُرين تون،
توکي ڪڏهن مون، ڌار نه سمجهو پاڻ کان.
(ص74)
سيڌائي ٿو سڏ پڙاڏي لئه پار تان،
توڙي ان سان گڏ جوڙي وانگر جاٽ ۾.
(اياز، اڀر چنڊ پس پرين،ص105)
وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
جيڏيون مون جئن وِسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ،
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
(شاهه، يمن ڪلياڻ، د ــ 5)
تتر تيز اُڏار،
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
مون اڳ چئي ڪا نه ڪا، جا مون اڄ چئي،
ڳُجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.
(اياز، شاعري ــ 6، ص459)
اياز ڪٿي شاهه جي فن ۽ هئيت کي اَپنايو آهي، ڪٿي سندس فڪري جوت مان جِلا حاصل ڪئي آهي، ته ڪٿي وري لطيف جون سٽون تضمين طورکڻي پنهنجي شعري اظهار ۾ سمايون آهن. انهن سڀني اندازن ۽ ادائن ۾ اياز جي ڪمال ڏات ۽ فني ڏانءُ پڻ شامل آهي. خاص طور تي هن پنهنجي ڪوتا ڪتاب، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري،‘ ۾ لطيف جا گهڻ رخا ۽ جهجها اثر قبول ڪيا آهن. ان ڪتاب ۾ اياز ڪجهه ڪلاسيڪي داستانن تي جديد انداز سان لکيو آهي، جنهن ۾ هن شاھ جي سورمن ۽ سورمين کي نئين ۽ تخليقي نموني پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ان حوالي سان لکي ٿو: ”اياز اهي ڳالهيون هڪ نقال وانگر بيان نه ٿو ڪري، جيڪي شاھ صاحب چيون آهن، بلڪه انهن موضوعن جي ٻين پهلوئن کي ڇيڙي ٿو“(41).
حقيقت اها آهي، ته اياز، ڀٽائيءَ جي روايت جي راھ اپنائي به هر ڪردار ۽ خيال کي پنهنجي انداز ۽ مختلف احساس سان پيش ڪري ٿو. مثلا: شاھ لطيف ’سُر سورٺ‘ ۾، راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي داستان کي بيان ڪري ٿو، جڏهن ته اياز انهن ٻنهي ڪردارن يعني راءِ ڏياچ (سُر تي سِر گھوريندڙ) ۽ ٻيجل (سُر ۾ سِر جي صدا ڪندڙ) جي ڪٿا پُرسوز انداز ۾ بيان ڪرڻ سان گڏ سورٺ جي حُسن ۽ جمال جو موهيندڙ عڪس پڻ پيش ڪري ٿو.
سورٺ! سونارنِ پياليون هيئن نه پلٽيون،
آڌيءَ رات اُڀار ۾، ڇا ڇا تنهنجي تن!
وني! تنهنجي ونِ، ڪُندن ڪاڻيارو لڳي.
موتي موتي ٿي ويو، سورٺ تنهنجو مُکُ،
ڌرتيءَ ويڙهيو دکُ، تو جو ڏنا ٽهڪڙا.
تو جو نيڻ نِمائيا، مِرگهن کاڌي مات،
اکين مان الماس جان، اُڀرينءَ آڌيءَ رات،
تن ۾ ٻاري تات، ڪيڏي آنديءِ ڪامنا!
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص75، 76)
شيخ اياز جي سورٺ ۽ ٻيجل، ڀٽائي جي سورٺ ۽ ٻيجل کان بنھه مختلف آهن. اياز جي سورٺ سراپا سونهن ۽ سندس ٻيجل اهڙو چارڻ آهي، جنهن جي سُرن ۾ صدين جي پيڙائن جا پڙلاءَ پيا ٻُرنِ ۽ هن جي سُر ۾ ڪنهن هڪ راءِ ڏياچ جي سرِ جي صدا ناهي، پر هُو سئن هڻي، ساري ديس جي دردمند دلين کي اهڙو سرمست بنائڻ ٿو چاهي، جو اهي ديس لاءِ سِرُ تريءَ تي کڻي دان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.
هي جي گل گرنار جا، تن ۾ آڳ سماءِ،
هڪڙي سِر مان ڇا وري، در در سئن لڳاءِ،
اهڙو رنگ رچاءِ، ڏيھه سڄو ئي دان ڏي!
(ص244)
ڪنڌ ڪِريو جو پنڌ ۾، ڄڻ ڪا ڏياٽي!
اڳ جئن اونداهي نه آ، گوندرَ جي گهاٽي،
وکَّ نه وِهاٽي، پويان ڪنهن جي ماڳ ۾.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص255)
آغا سليم لکي ٿو: ”اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن، خاص ڪري ڀٽائيءَ اسان جي لوڪ داستانن کي تمثيلي رنگ ڏنو آهي. انهن جي ڪردارن، واقعن ۽ منظرنامي کي علامتن طور استعمال ڪري پنهنجي وحدت الوجودي عقيدي جي ڳالھه ڪئي آهي....پر اياز انهن لوڪ داستانن جي ڪردارن جي صوفياڻي تشريح ڪرڻ بدران انهن جي پنهنجي دؤر جي اهنجن، ايذائن، تقاضائن، پنهنجي سوچ ۽ فڪري روين جي حوالي سان تشريح ڪئي آهي“(42).
ڀٽائيءَ جي مارئي حب الوطني ۽ ثابت قدميءَ جي علامت سان گڏ سنڌ جي روايتي عورت جي سادگي ۽ نماڻائي جو مثالي روپ آهي ۽ کيس مروج رسمي قدرن ۽ رواجن جي پرواھ آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هوءَ عمر جي محل ۾ کڄي اچڻ کان پوءِ معصوم ۽ نردوش هجڻ باوجود عجيب اُلڪن ۽ انديشن جو شڪار بڻجي، ’مُنهن ميرو ٿيڻ‘ ۽ اتي وڃڻ، جتي ’هلڻ ناهي حسن ريءَ‘ جي خود قياسيءَ جو بَکُ بڻجي مختلف خيالن، وهمن ۽ سوسوسن جي لهرن ۾ ٻُڏڻ اُپڙڻ لڳي ٿي.
سونهن وڃايم سومرا، ميرو مُنهن ٿيوم،
وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهي حُسن ريءَ.
(مارئي، د ــ 5)
جڏهن ته اياز جي مارئي خود اعتماد ۽ روايتي اَٺسٺن کان آزاد آدرشي عورت جو اهڃاڻ آهي. هن جي نظرياتي پختگي ۽ شعور نه رڳو هن کي روايتي انديشن ۽ اُلڪن کان بچائي ٿو، پر سندس ڏڍ ۽ آٿت بڻجي، هيڻي هجڻ باوجود پُرعزم ۽ اڏول بڻائي ٿو. بقول آغا سليم: ”اياز جي مارئي کي محل ۾ حياءَ جو هَسُ پاتل آهي... ۽ هن کي پنهنجي عصمت پروريءَ تي پورو ويساھ آهي“(43). ان ڪري ئي يقين ۽ خود اعتماديءَ سان چوي ٿي:
ڪوجھي ڪندو ڪير، مون کي ملڪ ملير ۾؟
اُتي گاھ ڦُٽي پيو، جت مون ڌريو پير،
مون ۾ ڪهڙو مير، آءٌ اها ئي مارئي.
ڏسي ڦول ڦِڪو ٿئي، مان جي کڻان مُنهُن،
سچ نه آڇي سُنهُن، آءٌ اَڇُتي سومرا!
سونهن نه ويندي سومرا! ڏانَ ڏئي ٿو ڏُکُ،
موتيءَ جهڙو مُکُ، اڳي کان اڳرو ٻَري.
(ص173)
متان ڀانئين ايءُ، ڪوجهي ڪندا مارئي،
سَتُ سدائين سج جان، جرڪائي ٿو جيءُ،
ڪئن ڌرتيءَ جي ڌيءُ، لوٺي سڏبي لوڪ ۾!
(ڪپر ٿو ڪن ڪري) ــ(ص176)
اياز جي مارئيءَ کي نه رڳو پنهنجو پاڻ تي ڀروسو آهي، پر هوءَ پنهنجن مِٽن مائٽن جي حوالي سان به پُر اعتماد آهي، تڏهن ئي ته چوي ٿي:
ماروُ ڄاڻن ٿا، سَتُ بَکي ٿو سونهن ۾،
سدا لوئي لَڄّ جا، لاک ڏئي جهلڪا،
لَڇڻ لوٺين جا، پَريان ئي پڌرا ميان!
(ڪپر ٿو ڪن ڪري) ــ (ص173)
شيخ اياز، ڀٽائيءَ کي پنهنجو فڪري رهبر سمجھي، ان جي فڪر ۽ فن مان اُتساھ ورتو آهي، پر ڪٿي ڪٿي ساڻس اختلاف ڪندي جوابي بيت به لکيا آهن. لطيف فرمايو:
پريان سندي پار جي، مِڙئي مِٺائي،
ڪانهي ڪَڙائي، چَکين جي چيت ڪري.
اياز ان جي موٽ ۾ چيو:
ڪير چوي ٿو ڏيھه ۾، مِڙئي مِٺائي،
مون آ چَکي چيت ڪري، ساري ڪَڙائي،
آهي اَجائي، ڳالھه پريان جي پار جي.
لطيف سائين نمي کمي نهارڻ، غصي کي پيئڻ ۽ صبر منجھان سُک پِرائڻ جي هدايت ۽ تلقين ڪري ٿو:
نمي کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏک،
منجھان صبر سک، جي سنواريا سمجھين.
جڏهن ته اياز ان جي برعڪس صبر ۽ شڪر بدران سُرت ۽ ڏک کي ڏڍ بڻائي، پنهنجي منزل ۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏونگر ڏارڻ جي ڳالھه ڪري ٿو.
ڪير چوي ٿو، بانورا! صبر وڏو سُک،
آءٌ چوان ٿو، مَٽبو، هن ڌرتيءَ جو دُک،
هي جو ماڻهوءَ ڏک، ڏونگر ڏاري ٿو وجھي
(ص264)
ڀِٽ ڌڻيءَ فرمايو:
ستر ڪج ستار، آءٌ اُگهاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻهار، ڏئي پاند پناهه جو.
شيخ اياز اهڙي ڍڪَ ۽ اوڇڻ، پاند ۽ پناهه کان انڪار ڪري ٿو، جنهن سان سچ ۽ صداقت جي نفي ٿئي ٿي.
ڍَڪِ نه ڍڪڻهار، آءٌ اُگهاڙو ئي چڱو!
مٿان سچ ميارَ، هرڪو پاند پناهه جو.
(ڪپر ٿو ڪُن ڪري، ص271)
”اسين ڀٽائيءَ جي سُر ڪاپائتيءَ کي ڏسون ٿا، ته اسان کي اهڙيون ڪاپائتيون به نظر اچن ٿيون، جيڪي ڪَتن به ٿيون، ته ڪَنبن به ٿيون.... انهن ڪاپائتن ۾ ڪا اهڙي ڪاتار به نظر ٿي اچي، جنهن سنهو سُٽُ ڪَتڻ سِکيو ئي ناهي، پر صرافن جي رعايت سبب هن جو ٿلهو ۽ ٿورو سُٽُ اگھامجي ٿو وڃي...جيڪي پنهنجي هنرمنديءَ سان سنهون سُٽُ ٿيون ڪَتن، تن جو صراف دُڪو به داخل نه ٿا ڪن“(44).
جا سنهون نه سِکي، سا مَر رنڊا ئي روڙي،
سُٽُ تنين جو سَڦرو، ويا تارازيءَ توري،
ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وڙُ ٿيو.
(شاھ)
”اياز، ڪاپائتي ۽ صراف واري ان ساري تصور کي رد ڪري ٿو. اهو انياءُ ۽ ناانصافي آهي، ته جن رنڊا روڙيا اهي صرافن آڏو سرهيون آهن ۽ جن جو سُٽُ سنهون ۽ سڦرو آهي، تن جو صراف دُڪو داخل نه ٿا ڪن. اياز جي ڪاپائتي رڳو ڪَتي ۽ ڪَنبي نه ٿي، پر صراف سان سينو ساهي، کيس ڦورو ڦولي، سُٽُ پرکي پوءِ اَگھائڻ لاءِ اصرار ٿي ڪري“(45).
توري پوءِ اَگھاءِ، ڦورو ڦولھه ته مان وڃان،
سُٽُ ان کان سَڦرو، جي ڪو آهي ٻُڌاءِ،
وونئڻن هوندي واءِ، مون پڄاڻان، پارکو!
سون سريکا هٿڙا، گھُرنِ ٿا انصاف،
جي تون سچ صراف، ڦورو ڦولھه ته مان وڃان
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص207)
شيخ اياز، سچل جي بي باڪي، سرمستي ۽ اوچ نيچ کان آزاد انساني محبت جي فڪر جو پڻ تمام گھڻو اثر ورتو آهي. هُو سچل کي پنهنجي محبت جو منظوم خراج هن ريت پيش ڪري ٿو:
آءُ درازا هل!
تنهنجا سارا مولوي،
منهنجـو هڪ سچل.
(پن ڇڻ پُڄاڻان، ص125)
اياز تي سچل جي شاعراڻي فڪر ۽ فن جا گھڻ رخا ۽ جهجھا اثر آهن، جنهن جي جھلڪ هيٺين مثالن ۾ پَسي سگھجي ٿي.
عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب ڪل شناسي،
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.
گل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي،
عاشق ڏسڻ کُون ڪاٿي، رهندو پتنگ پياسي.
ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري،
وحدت جنين وساري، تن تن مِٽي اَڻاسي (46).
اياز، سچل جي مٿئين خيال سان ملندڙ جُلندڙ احساس کي ساڳي ئي قافيي ۽ آهنگ ۾ هيئين اظهاري ٿو:
جي تو اڃان نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اَجايو، تنهنجي مِٽي اڻاسي.
لالڻ! نوان لَڪَن ۾، نڪتــــا نــياڻ آهــن،
ايندا جتي لُـڪُــن ۾، پانــڌيــئــڙا پـيــاسي.
(ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص320)
سچل چوي ٿو:
ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،
مان جو ئي آهيان، سوئي آهيان.
ڪو مومن چوي، ڪو ڪافر چوي،
ڪو ساحر چوي، ڪو شاعر چوي...
ڪو رد چوي، ڪو بد چوي،
ڪو بي دينو بي حد چوي....!
اياز پڻ ساڳي سرمستي ۽ گج گرج سان چوي ٿو:
ڪافر مومن ناهيان وو، ڪافر مومن ناهيان وو،
آءٌ ڀٽائي، آءٌ درازي، ساڳيو نينهن نڀايان وو،
ساڳيا سڏ ورايان يارو، سوريءَ سيج سجايان وو!
(ڪلهي پاتم ڪينرو، ص28)
سامي، اياز جو ڳوٺائي هو ۽ اياز کيس پنهنجو ڀٽائيءَ وانگر ورثو سمجھي ٿو. هن پنهنجن ڪتابن، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ (ص207،222)، ’هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جئن‘ (ص167، 196) ۽ ’جُھڙ نيڻان نه لهي‘(ص95، 119) ۾، ۽ ’نوان سلوڪ ساميءَ جي نالي‘ سان لکي کيس خاص طور تي ياد ڪيو آهي. شيخ اياز، ساميءَ لاءِ لکي ٿو، ”هو منهنجيءَ شخصيت جو هڪ پُراسرار حصو ٿي رهيو آهي. جڏهن به ماحول مون کان ڏاڍو ٿي ويندو آهي، مان ساميءَ کان سام گھرندو آهيان. هونءَ منهنجو ساميءَ سان سدائين جھيڙو هوندو آهي ۽ مان هن جي ويدانيت کان لهرائيندو آهيان“(47).
اياز ماديت پسنديءَ جي اثر هيٺ به رهيو. ماديت پسندن جي خيال موجب هي سنسار ۽ ان جي سونهن ۽ سندرتا ئي سچ آهي. جيڪو ڪجھه آهي، هن ’دنيا‘ ۾ ئي آهي. جڏهن ته سامي ويدانتي هو ۽ ويدانتي ۽ وحدت الوجودي عينيت جا پيروڪار ٿيندا آهن. ساميءَ جي فڪر جو متو اَوديا، مايا جي موھ ۽ من جي اِڇائن کي نندڻ ۽ ساڌن، ڀڳتن ۽ سنتن جي صحبت ۽ سڪ کي ساراهڻ آهي، انهيءَ ڪري اياز، ساميءَ جي شاعرانه ذات ۽ ڏات کان متاثر هوندي به، سندس فڪر ۽ سوچ سان نه رڳو اختلاف ڪري ٿو، پر ان کي هن ريت رد به ڪري ٿو:
مُنهن مڙهيءَ پائي، اوندھ ٿاڦوڙا هڻين،
توکي ڀُلائي، وڌو جوٺيءَ وديا.
سَت گُر سارا ڪوڙ جون، پٽيون پڙهائن،
چمڙا اونده ۾ جيئن پرڙا ڦڙڪائن،
وڃيو من لائن، نيٺ ندوريءَ نانھه سان.
مايا ڏيوالي؟ سامي! تون ڇا ٿو چئين؟
لکين گل رابيل جا، توکان سوالي،
اَکٽ نِکٽ اُڀ ۾، خال نه ڪو خالي،
مَڌُ سان متوالي، هر شيءِ هن سنسار جي.
(جھڙ نيڻان نه لهي، ص97، 111)
ان طرح اياز تي روحل (1734ع ــ 1804ع) ۽ عثمان فقير (1778ع ــ 1860ع) کان وٺي خليفي نبي بخش (1776ع ــ 1863ع)، بيدل (1814ع ــ 1872ع)، خواجه غلام فريد (1845ع ــ 1901ع)، آخوند گل (1808ع ــ 1855ع) ۽ عبدالحسين سانگي (1851ع ــ 1924ع) تائين ڪيترن ئي شاعرن جا اثر آهن. سانگيءَ جي غزل جي مطلع آهي:
جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا،
چپ چاشنيدار چکائي ويا،
سُتي سورن کي ته جاڳائي ويا.
(ڪليات سانگي، ص7)
شيخ اياز ساڳي زمين ۾ پنهنجي خيالن جي پوکي هن طرح پوکي آهي:
جي پنهنجو نور نچوئي ويا
۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا
پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها،
سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو،
جي دل ۾ درد دُکائي ويا.
(وڄون وسڻ آئيون، ص119)
ائين هن جي شاعري ۾ فڪر ۽ فن، حُسن ۽ نزاڪت، انفرادي اسلوب ۽ احساس جي هڪ انوکي جمالياتي دنيا موجود آهي ۽ ان دنيا کي اياز ڪيترن ئي خارجي اثرن ۽ داخلي احساسن جي آميزش سان آباد ڪيو آهي.رسول بخش پليجي درست چيو آهي ته، ”اياز جي شاعري ڪنهن هڪ فرد جي خالص ذاتي ڪرامت ڪانهي، اها سنڌ بلڪ دنيا اندر شعر، فڪر ۽ شعور جي صدين جي ارتقا جي خاص منزل جو هڪ خوبصورت ۽ شاندار نشان آهي. مشرق ۽ مغرب جي قديم ۽ جديد عظيم شعري ورثي جي غيرموجودگيءَ ۾ اياز جي شاعريءَ جو وجود ۾ اچڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. ساڳيءَ طرح جي،شاھ عنات، لطيف، سچل، سامي ۽ بيدل جي سنواريل ۽ اُجاريل سنڌي زبان ۽ اندازِ بيان کيس ورثي ۾ نه ملن ها، ته منجھس اها دلربائي، اها اٿاھ ڪشش ۽ نفاست هرگز نه ملي ها“(48).
مٿين بيان سان ملندڙ جلندڙ ٽي ايس ايليٽ جا لفظ آهن ته، ”ڪو شاعر ۽ فنڪار کڻي ڪهڙي به فن سان لاڳاپيل هجي، پر هو اڪيلي سِر ڪائي وقعت نه ٿو رکي. سندس اهميت ۽ عظمت ان ۾ آهي، ته هن جو پنهنجي متقدمين سان ڪهڙو رشتو آهي ۽ انهن کان فڪري ۽ فني طور ڪيترو متاثر رهيو آهي“(49).
اهو سچ آهي، ته اياز پنهنجي پيش روئن جي فڪر ۽ فن جو تسلسل آهي ۽ هن پنهنجي متقدمين جا فڪري ۽ فني اثر ورتا آهن، پر اها به حقيقت آهي، ته هن پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ سان انهن ۾ غيرمعمولي اضافا ۽ واڌارا ڪري، پنهنجي نرالي انفراديت قائم ڪئي آهي، ائين جيئن ڀٽائي پنهنجن اڳين شاعرن جي ورثي کي نه رڳو اپنايو آهي، پر انهن کي پنهنجن خيالن ۽ فنڪارانه صلاحيتن سان ويتر حسين ۽ پُراثر بڻايو آهي. وڏي ڳالھه ته اياز وقت جي مروج روايتن کي ٽوڙي نئين سرِ جوڙڻ جي جرئت ڪئي آهي. اياز جي انهيءَ جرئت کي ساراهيندي اڪبر لغاري، اياز تي لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو، ”هن پنهنجي شاعراڻي سگھه ۽ بلند حوصلي کي استعمال ڪندي، پنهنجي خيالن جو وڏي واڪي ابلاغ ڪيو. مذهب جي نالي ۾ ٺهيل هن ملڪ ۾ مذهب جي مخالفت ڪرڻ لاءِ وڏو جگر کپي ۽ ان کان به وڏو جگر کپي، سنڌ ۾ رهندي شاھ لطيف سان فڪري اختلاف رکڻ، پوءِ اهو جزوي ئي ڇونه هجي. پنهنجي فڪر جو آزادانه اظهار اياز جو قد وڌائي ٿو ڇڏي“(50).
شيخ اياز پنهنجي عظيم ڪلاسيڪل شاعرن جي راھ اپنائيندي، نه رڳو انهن جا فني ۽ فڪري اثر ورتا آهن، پر ڊاڪٽر اسحاق سميجي چواڻي،”انهن جي تضمين ۽ روايت کي پاڻي ڏيڻ جي صورت ۾ کين خراج پيش ڪيو آهي، بلڪه انهن شاعرن جي ڪلام جا اهڙا شاهڪار ترجما به ڪيا آهن، جھڙا لطيف ’اکين ۾ ٿي ويهه، واري آءٌ ڍڪيان‘ جي صورت ۾ ڪيا هئا“(51). ماڌو لال حسين جي ڪافي”مئن ڀي جاڻان جھوڪ رانجھن دي، نال ميري ڪوئي چلي“، جو اياز جنهن موهيندڙ انداز ۽ تز اسلوب ۾ ترجمو ڪيو آهي، اهو جي ماڌو لال حسين خود پَسي ها، ته حيرت گاڏڙ سرهائي محسوس ڪري ها:
ڪوئي ته مون سان هلي...
آءٌ اڪيلو، پنڌ پري آ
ڳاٽ نه ڪنهن جو ڳَلي
ڪوئي ته مون سان هلي!
جُھڙ ڦُڙ جھڙيون ڳالهڙيون ڪي
جيءُ پيو ٿو جَلي!
ڪوئي ته مون سان هلي..!
(رڻ تي رم جھم، ص35)
ائين اياز، امير خسرو جي سِٽن، ’سَکي پِيا ڪو جو مين نه ديکون، تو ڪيسي ڪاٽون انڌيري رَتيان‘ جو روح پنهنجي هڪ غزل جي سِٽن ۾ هن طرح اوتيو آهي:
سَکي! پِيا کي مِلين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي،
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻي رات ڪانه ٿيندي.
نه ديپ دونهاٽجي ڪڏهن هي، للاٽ جي لاٽ شال جرڪي،
پرهه پري آ، پتو نه آهي ته رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي.
(وڄون وسڻ آئيون، ص168)
ساڳيءَ ريت زيب النساءِ مخفي جي فارسي شعر جو اياز ڪهڙو نه تُز ۽ تخليقي ترجمو ڪيو آهي.
بشکند دستي کي خم در گردن ياري نه شد،
کورُبه چشمي کے لذت گير ديداري نه شد.
اکيون شل هن کان سوا ٻيو ڪجهه ڏسو ڪونه!
واري هن جي اونَ، اوهان انڌيون ئي چڱيون.
(سورج مُکيءَ سانجهه، ص24)
اياز، ميران ٻائي جي هيٺين دوهي جو رنگ ۽ روح پڻ پنهنجي هڪ دوهي ۾ انتهائي سهڻي سليقي ۽ سيبتائيءَ سان سمايو آهي.
ساجن ميں جو جانتي، پريت کرے دکھ هوءِ،
نگر ڈنڈڊورا پيٹتي، پريت کرے نه کوءِ.
هاڻي مان سمجهان پيو ڪنهن ڪلهه ڇا جي لاءِ،
نگر ڍنڍورو هو پِٽيو پريت نه ڪري ڪاءِ.
(شيخ اياز، شاعري ــ 9، ص367)
غالب جي هيٺين فارسي شعر جو اَلٿو پڻ اياز پنهنجي ماحول ۽ معروضي حالتن سان جوڙي ڏاڍي سهڻي انداز سان ڪيو آهي.
تو اے که محوِ سخن گسترانِ پشين،
مباش منکرِ غالب که در زمان تُست.
(غالب)
(تون جو اڳين شاعرن ۾ محو آهين، غالب کان اِنهيءَ ڪري انڪار ٿو ڪرين، جو هو تنهنجي دور جو شاعر آهي!)
سچل، ساميءَ، شاههَ ڪلهه جيڪي توکي ڏنو،
سو تو سانڍيو ساههَ، مون سان ماڻا ٿو ڪرين.
(سورج مُکيءَ سانجهه، ص32)
ان کان سواءِ بُلا شاھ جي’تيري عشق نچايا ٿئيا ٿئيا‘، سلطان باهوءَ جي ’تن من ميرا پُرزي پُرزي جيون درزي دي لِيران هُو‘، ۽ وارث شاهه جي ڪافيءَ ’چورَ پَوَن راتين گھر سُتيان دي، ديکو دِني، بزار وچ مُٺي آن مَئن‘ جي ٻولن کي اياز پنهنجي زبان جي پيالي ۾ هيئن پَرٽي ٿو:
بُلا ڀئيا!
توکي مون کي
عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!
تنهنجي منهنجي هيءَ ڌرتي آ
سڀ جي سنڌو مَئيا،
ڀئيا!
عشق نچايو ٿئيا ٿئيا...!
(رڻ تي رم جھم، ص38)
اهڙو وقت به ايندو آهي
جو ماڻهوءَ جو تن من ’باهو‘
پُرزا پُرزا ٿيندو آهي
ڪنهن درزيءَ جي ليڙن وانگر....!
(رڻ تي رم جھم، ص43)
تون مان ڏينهن ڏٺي جو وارث
وچَ بزار مُٺاسين!
توڙي کِنَ ڀر اک نه لاتي
پوءِ به يار مُٺاسين!
(رڻ تي رم جھم، ص37)
بلا شاھ جي لئي ۽ ترنم سان ملندڙ جُلندڙ هڪ بنگالي گيت،’هَيا هَيا هَيا، او... دور وڃي ٿي نَيا‘ جو پڻ اياز ڏاڍو سُپڪ ۽ سهڻو ترجمو ڪيو آهي، جيڪو سندس ڪتاب، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۾صفحي45 تي موجود آهي ۽ ان جي نشاندهي هن پاڻ ان ڪتاب ۾ڪئي آهي. ساڳي ڪتاب جي صفحي49 تي اياز فريد جي هڪ ملتاني ڪافيءَ جو خوبصورت ترجمو ڏنو آهي. ائين سندس شاعريءَ جي ڪتاب، ’ڀونر ڀري آڪاس‘ جي صفحي97 ۽ 139 تي هنديءَ جي حُسناڪ شاعر ودياپتي ۽ لبنان جي ڪوي خليل جبران جي شاعريءَ جا ترجما ڏنل آهن، جن ۾ اصلوڪي سڳنڌ ۽ سندرتا جو احساس ملي ٿو.
شيخ اياز ٻين ڪيترن ئي مشرقي ۽ مغربي ٻولين جي شاعرن جي شاعريءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اَلٿو اهڙي ته پنهنجائپ ۽ اصلوڪي رنگ ۾ ڪيو آهي، جو انهن تي ترجمي جو گُمان گھٽ ٿئي ٿو. اهڙا ترجما سندس مختلف شعري مجموعن ۾ موجود ملن ٿا، جن جي اياز ڪٿي پاڻ نشاندهي ڪئي آهي، ته ڪٿي بنا حوالي جي سندس تخليقن جو حصو بڻيل آهن. خاص ڪري سندس نثري شاعريءَ تي، دنيا ڀر جي ادب ۽ آرٽ جي مطالعي جو گھرو اثر غالب آهي. آرمينيا، روس، آمريڪا، يونان، ترڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي برک شاعرن ۽ ليکڪن جا اهڙا انيڪ نثري نظم، ناولن ۽ ڪهاڻين مان کنيل ٽُڪرا اياز جي نثري نظمن جي ڪتابن، ’پتڻ ٿو پور ڪري‘، ’ٽڪرا ٽٽل صليب جا‘، ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ ۽ ’هرڻ اکي ڪيڏانهن‘ ۾ شامل آهن، بهر ڪيف اياز جيڏو وڏو شاعر آهي، جيترو وڏو سندس مطالعو ۽ مشاهدو آهي، ايترا ئي دنيا جي اديبن، عالمن، آرٽسٽن ۽ شاعرن جا مٿس وڏا اثر به آهن.
شيخ اياز کي هندي شاعريءَ جو به گھرو اڀياس ۽ ادراڪ هو، انهيءَ ڪري ئي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ قديم هندستان جي ڪيترن ئي شاعرن جي اسلوب، خيال ۽ ڪردارن کي انتهائي سليقي ۽ سيبتائيءَ سان ڪتب آندو آهي.
شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ نصير مرزا لکي ٿو، ”هُن ڀڳتي تحريڪ، يوگ جوگ جي گيتن، ڀڳتي نرت ۽ موسيقي، ميران جي ڀڄنن، ڪبير جي دوهن، راءِ داس، سورداس، تلسي داس،(ڪاليداس، امارو، ودياپتي، ڀرتري هري) گيت گوند واري جئديو، چنڊي داس ۽ گرو نانڪ جي ٻاڻين مان ڀرپور لاڀ ماڻيو آهي“(52). جنهن جو اقرار اياز خود پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪري ٿو:
مان ئي سارو ورش هان، وڪرم کان به اڳي،
منهنجي ڀاءُ سَڳي، ڳاتو ڪاليداس ۾.
هُيس ڪالهه ڪبير جو چرخو به آئون،
منهنجو ڪاشيءَ کان پري، من گائون مائون،
ڇا ائن ڏنائون، دوها مون کي دان ۾.
(ص22)
رهيا منهنجي روح ۾، پدماڪر جا گيت،
متان ڀانئين ميت، آءٌ اچانڪ آهيان.
(ص23)
ايئن ڪويتا ڀونءِ تي، ڏٺئه اڳ آجي؟
ڀوشن، شيوا جي، منهنجي رڳ رڳ ۾ هيا.
ميران ٻائي، جائسي، توڙي تلسيداس،
هي جو منهنجو سُواس، تنهن ۾ سڀ سڳنڌ جئن.
(جُھڙ نيڻان نه لهي) ــ (ص24)
شيخ اياز، ڪبير جي فن ۽ فڪر جو ڪيترن ئي حوالن سان اثر وٺڻ سان گڏوگڏ سندس ڪجهه دوهن جي مرڪزي خيال کي پڻ پنهنجي اظهار ۾ سمايو آهي. مثال لاءِ ڪبير جو هڪ مشهور دوهو ۽ اياز جو هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ تخاطب، خيال ۽ تاثر جي مماثلت ملي ٿي.
کانگا سب تن کھائيو، چُن چُن کھائيو ماس،
دو نينان مت کھائيو، جن پِيا مِلن کي آس.
(کبير)
پرينءَ کي پهچاءِ، ڪانگا! منهنجون ماڻڪيون،
جنهن جي سونهن سواءِ، ڏسان ته ڏوهي ٿيان.
(ڪلهي پاتم ڪينرو، ص10)
اردو ۽ فارسي شاعريءَ ۾ اقبال، غالب، مير، خسرو، خيام، رومي ۽ حافظ، سموري زندگي اياز جي مطالعي جو حصو رهيا آهن. هُن شعوري اک کُلندي ئي گھر ۾ اردو ۽ فارسي ڪتابن جا انبار ڏٺا، جن جي مطالعي، پروڙ ۽ پُرجھه ۾ سندس والد گھڻي معاونت ڪئي ۽ سندس چواڻي هُن ننڍي عمر ۾ ئي انيڪ شاعرن جي شاعري حفظ ڪري ورتي هئي. اياز لکي ٿو: ”مان جڏهن پنجون درجو انگريزي پڙهندو هوس، ته مون کي عمر خيام جون سموريون رباعيون، حافظ جو سارو ديوان، علامه اقبال جا ڪجھه ڪتاب، ديوان غالب ۽ گلستانِ سعدي جو نثر به ياد هوندا ها“(53). اهو ئي سبب آهي، جو اياز جي شاعريءَ ۾ خيام جي ’خمريات‘، سعديءَ جي ’رازِ ازل‘، حافظ جي ’لسان الغيب‘، سعديءَ جي ’اشاريت‘، خسروءَ جي ’تخاتبِ نفاست‘، روميءَ جي ’وجدانيت ۽ سرشاري‘، اقبال جي ’اسرارِ خودي‘ ۽ غالب جي ’روايت شڪنيءَ‘ جا رنگ نمايان نظر اچن ٿا.
ها آءٌ گنهگار، گنهگار، گنهگار،
مون پيار ڪيو، پيار ڪيو، پيار ڪيو، پيار.
هي غنچه و گل، هي مه و انجم، هي مي و جام،
بس آهي گھڙيون چار، ميان آءُ، اکيون ٺار.
هن کي ته ڇڏي ڏينس پيئڻ لاءِ جيئڻ لاءِ،
هي شاعرِ آفاق ”اياز“ آھ، اڙي يار.
(ڀونر ڀري آڪاس،ص106)
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون، پرين!
سُتي ساھ جاڳي، وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪَتين جا سوين قافلا رهگذر ۾،
سفر ۾، سوين ڪائناتون،
نه آغاز جن جو نه انجام جن جو
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون
ازل کان ابد تائين سُک جون براتون،
جڏهن موٽ کائون،
سوين راز آڻيون،
سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون،
سوين چنڊ چايون، ستارا تِڳايون
انهن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!
(ڀونر ڀري آڪاس،ص 106)
تخليقڪار ۽ فنڪار هڪ ٻئي کان ٻن حوالن سان متاثر ٿيندا آهن. هڪ فڪر، خيال ۽ نظرئي ۽ ٻيو فن، انداز ۽ اظهارِ بيان جي پيشڪش مان. اهي ٻئي اثر مطالعي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندا آهن. جڏهن ته ڪلاڪارن ۾ ڪجھه فطري ۽ اتفاقي هڪجھڙايون به هونديون آهن، جيڪي مطالعي بدران وجدان ۽ تخليقي ڏات جو نتيجو ٿينديون آهن.
شيخ اياز تي شاعراڻي فڪر ۽ فن جي حوالي سان ڪيترن ئي مغرب جي پيش رو شاعرن ۽ اديبن جا اثر آهن، جيڪي ڪٿي فڪر، فن ۽ اندازِ بيان جي حوالي سان آهن، ته ڪٿي اتفاقي، وجداني ۽ تخليقي ڏات جي نسبت سان. خاص ڪري سندس نظم ۾ مشرقي ۽ مغربي فڪر جو خوبصورت امتزاج ملي ٿو. توڙي جو اياز جي اظهار ۾ فني ڏانءُ نج پج پنهنجو ۽ اصلي آهي، پر سندس خيالن ۾ مغربي مزاج ۽ جديديت جي آميزش ضرور موجود آهي، جيڪا سندس شاعريءَ ۾ سونهندڙ ۽ سيبائتي لڳي ٿي.
فرانس جو بادليئر (Baudelaire)(1821ع ــ 1867ع)، بنگال جو رابندرناٿ ٽئگور (Rabindranath tagore) (1861ع ــ 1941ع)، يونان جو نڪوس ڪازان زاڪس (Nikos Kazantzakis) (1883ع ــ 1957ع)، روس جو ولاڊيميئر ماياڪووسڪي Vladimir Mayakovsky))(1893ع ــ 1930ع)، اسپين جو گارشيا لورڪا (Garcia Lorca) (1898ع ــ 1936ع)، ترڪيءَ جو ناظم حڪمت (Nazim Hikmet) (1902ــ 1963ع) ۽ چلي جو پئبلونرودا (Pablo Neruda) (1904ع ــ 1973ع) اهڙا شاعر آهن، جن جي ڪلام ۾ اياز سدائين پنهنجي دل جي ڌڙڪن محسوس ڪئي آهي.
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ لورڪا وانگر دشمن کي للڪار، ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان پيار، خانه بدوشن جي زندگيءَ جي جھلڪ ۽ انهن جي لوڪ گيتن جي گونج ملي ٿي. لورڪا اسپين جو ناميارو شاعر، ڊرامانگار، راڳي ۽ بهادر محبِ وطن سپاهي هو. هو جڳ مشهور ليکڪن جيان رامن جمنيز (Juan Ramon Jimenez)، ليوئس بيونيئل (Louis Bunuel)، پئبلونرودا (Pablo Neuroda) ۽ آرٽسٽ سالوڊار ڊاليءَ (Salvdor Dali) جو قريبي دوست هو.
لورڪا اسپين ۾ فرانڪو جي فاشيت خلاف هو. هو اسپين جي خانه جنگيءَ (1936ع) ۾ هڪ بهادر سپاهيءَ طور لڙيو ۽ 20 آگسٽ 1936ع تي غرناطه ۾ بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو. هن جي شاعريءَ ۾ اسپيني لوڪ ادب جي روايتن جي رنگن ۽ تمثيلن سان گڏوگڏ فنڪار جي داخلي درد جا احساس پڻ انتهائي اثرائتا آهن، جنهن جي جھلڪ سندس ’الوداع‘ جي سري سان سرجيل هن نظم ۾ پَسي سگھجي ٿي.
Fare Well
If I die
leave the balcony open.
The little boy is eating oranges.
(From my balcony I can see him.)
The reaper is harvesting the wheat.
(From my balcony I can hear him.)
If I die
leave the balcony open! )54)
(جيڪڏهن مان مري وڃان،ته ورانڊو کُليو ڇڏجو. ننڍڙو نينگر نارنگيون پيو کائي، ورانڊي مان آءٌ ان کي ڏسي سگھندس. هاري سنگ پيو لُڻي، ورانڊي مان آءٌ سندس آواز ٻُڌي سگھندس. جيڪڏهن مان مري وڃان، ته ورانڊو کُليو ڇڏجو).
اياز، لورڪا جي جرئتمند ڪردار ۽ جپسي شاعراڻي احساس کان گھڻو مرغوب آهي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي شاعريءَ جي ڪتابن،’ڪتين ڪر موڙيا جڏهن‘ ۽ ’ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون‘ ۾ لورڪا کي انتهائي محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪيو ۽ منظوم ڀيٽا پيش ڪئي آهي. لورڪا وانگر اياز جي جيءَ جي خانه بدوشي هن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو نمايان نظر اچي ٿي، پر خانه بدوشن جي جيوت جو نقش پڻ هن جي ڪوتائن ۾ ڪيترين جاين تي ملي ٿو. ايترو ئي نه پر هن پنهنجا ٿري لوڪ گيت، لورڪا جي جپسي لوڪ گيتن جي مطالعي کان متاثر ٿي لکيا آهن. حمايت علي شاعر، اياز تي لکيل پنهنجي ڪتاب، ’شيخ اياز شخص اور شاعر‘ ۾ لکي ٿو، ”لورڪا وانگر هِن (اياز) به ٿر جي لوڪ گيتن جي آهنگ سان پنهنجي شاعريءَ جي لي تراشي آهي“(55).
شيخ اياز، ناظم حڪمت ۽ وڪٽرهارا جي فني ندرتن ۽ سندن فڪري وشالتا کان پڻ ڪافي متاثر آهي. ان حوالي سان اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي، ’جڳ مڙيوئي سپنو‘ ۾ لکي ٿو، ”مغربي فلسفي برڪلي (Berkly) کي مخاطب ٿي لکيل ناظم حڪمت جي نظم ’او برڪلي‘ مون کي ايترو متاثر ڪيو هو، جو مون هڪ ويدانتي شاعر ساميءَ کي مخاطب ڪري پنهنجو نظم ’نوان سلوڪ‘ لکيو هو“(56). ائين ماياڪووسڪي، پئبلونرودا ۽ بودليئر به اياز جا محبوب شاعر آهن. هو لکي ٿو، ”جڏهن مون ساهيوال جيل ۾ بودليئر جا نظم ’بديءَ جا گل‘ (Flowers of Evil) پڙهيو هو، تڏهن مون کي ائين محسوس ٿيو هو، ته اهو ڪتاب مون لکيو آهي“(57).
ماياڪووسڪي روس ۾ فيوچرسٽ تحريڪ (Futurist movement) جو روحِ روان ۽ شعلا بيان شاعر هو. هن انقلابي شاعري سان گڏ للي (Lily) نالي هڪ نازنين سان افلاطوني عشق ڪيو ۽ ان خاطر ئي پنهنجي جيون جو انت آندائين. شيخ اياز به ماياڪووسڪيءَ وانگر ادب ۾ هڪ انقلابي زندگي گذاري آهي ۽ ان جيان ئي هن جي شاعري پنهنجي دور جي درد جو گرجدار آواز آهي. ماياڪووسڪي پنهنجي شاعريءَ کي پنهنجي عهد جي اونداهيءَ ۾ سورج بڻائي، پنهنجي ديس واسين کي روشن رَندن ۽ راهن پَسائڻ جي جستجو ڪئي ۽ سندس آواز سدائين ڪويل جي صدا بڻجي فضائن ۾ گونجندو رهيو:
Come, poet, up
Lets’ sing and shine,
How ever dull the earth is.
I will pour the sunshine that is mine,
And you – your own, in verses!
The wall of gloom, the jail of night
Our double salvo crushed, and helter –skelter,
Verse and light, in jolly tumult rushed.
The sun gets tired and says good night
To sleep away his cares,
Than I blaze forth with all my might,
And day once more up flares.
Shine up on high, shine down on earth,
Till lifes’ own source runs dry.
Shine on- for all your blooming worth… (58).
(اچ شاعر اچ، ته ڳايون ۽ روشني ڦهلايون. ڌرتي ڪيتري به اونداهي آهي، پر اچ ته، تون ۽ مان پنهنجي ڪوتائن جو سج جرڪايون. غم ۽ اونده جي قيد ڪڙن کي پنهنجي جوت ۽ جرئت سان ڊاهيون. سج ٿڪجي، بي الڪو ٿي وڃي سُتو آ، مان پنهنجي جوت جلا جو نئون سج جرڪايان ٿو. جيسين ساھ سلامت آهي، تون به پنهنجي ڏات جو ڪو اهڙو سج اُڀار، جو ڌرتي کان آڪاش تائين جرڪي.)
ساڳيءَ ريت اياز به ساڳي احساس ۽ سورج ــ ورکا سُرت جو شاعر آهي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ به ماياڪووسڪي وانگر ڌرتي ۽ وطن واسين لاءِ جلڻ، جھيڙڻ ۽ جيئڻ جو وشواس موجود آهي:
اي وطن! مون ڪئي
دل- جلي شاعري
چنگ جي چڻنگ ڪا
ڪجهه ته آهي دُکي،
خواب جرڪي پيا،
ڪا حقيقت ٻَري-
آڳ جي راڳ جي
تون به ٿي ڪا ڄِڀي،
تون به ٿي ڪا ڄڀي...
(وڄون وسڻ آئيون، ص175)
شيخ اياز، پئبلونرودا کان پڻ گھڻو متاثر آهي، جنهن جو اعتراف هو پنهنجي شعري مجموعي، ’هينئڙو ڏاڙهون گل جئن‘ جي مهاڳ ۾، هن ريت ڪري ٿو: ”مون کي اشتراڪي شاعر پئبلونرودا وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. هن جو چليءَ جي جهنگن جهرن، پهاڙن ميدانن، مينهن واچ، ندين دريائن سان گهرو ناتو هو ۽ هن جي شاعريءَ ۾ گهري سچائي هئي. هو آمريڪا جو عظيم ترين شاعر هو. هو چليءَ جي ڌرتي ۽ ان جي منظرن جو مصور شاعر هو“ (59).
نرودا ۽ اياز جي شخصيتن ۾ ڪافي هڪجهڙايون ملن ٿيون. هڪ هڪجھڙائي اها آهي، ته هو ٻئي جھموريت پسند ۽ آمريت جا سخت مخالف هئا ۽ ان لاءِ ٻنهي پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ وڏيون سختيون ۽ صعوبتون برداشت ڪيون. منجهن ٻي هڪجهڙائي اها هئي، ته هنن ٻنهي ڏهن يارنهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي ۽ صغيريءَ ۾ ئي چڱي ناماچاري ماڻي. پئبلونرودا اسپيني زبان (چليءَ جي قومي ٻوليءَ) جو اهو شاعر هو، جيڪو ڏکڻ امريڪا ۽ اسپين جي ادبي دنيا تي پنهنجي سگھاري تخليقي احساس ۽ آواز سبب عرصي تائين ڇانيل رهيو ۽ اياز پڻ جديد سنڌي ادب تي اڌ صديءَ تائين حڪمراني ڪئي. جيئن پئبلو لاءِ ’اسپين‘ (چلي) دل وانگر هو، ائين اياز لاءِ ’سنڌڙي‘ جندڙيءَ وانگر آهي. ٻنهي جي شاعريءَ ۾ پڻ فني ۽ فڪري حوالي سان ڪافي هڪجھڙائي نظر اچي ٿي. خاص ڪري نرودا جي نظمن (I remember you as you were)، (The rain)، (Every day you play)، (Poetry)، (To night I can write) ۽ (Canto General) جي گونج ڪيترين ئي جاين تي اياز جي شاعريءَ ۾ ملي ٿي.
ڪازان زاڪس (kazantzakis) جي نثر توڙي نظم جو اياز تي گھرو اثر آهي. ايتري تائين جو سندس چواڻي هن پنهنجو شعري مجموعو، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘، زاڪس جي شاهڪار نظم آڊيسي (Odessey) کان متاثر ٿي لکيو هو. هن جي نثر، خاص ڪري سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترا ئي محاورا، تشبيهون ۽ خيال ڪازان زاڪس ۽ روسي ڪهاڻيڪار اساڪ بيبل (Isaac Babel) جا ملن ٿا، جن جو اقرار ڪندي اياز پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي، ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ لکي ٿو، ”ڪازان زاڪس ٻئي هر شاعر ۽ اديب کان وڌيڪ مون تي اثر انداز ٿيو آهي. هن جي درجي بدرجي جدوجهد به ساڳي هئي، جا منهنجي رهي آهي...هن جو مشهور ناول زوربا دي گريڪ (Zorba the Greek) مون ٻه ڀيرا پڙهيو آهي ۽ چار ڀيرا ان تي ٺهيل فلم جا ويڊيو ڪيسٽ ڏٺا اٿم.... سندس آتم ڪهاڻي رپورٽ ٽُه گريڪو (Report to Greco) عظيم الشان ڪتاب آهي... هن جو ناول 'آزادي يا موت' پڙهي ته منهنجا وار اُڀا ٿي ويا هئا. ان ناول مان ڪجھه سِٽون منهنجي نثري تحريرن ۾ اچي ويون آهن ۽ مون ائين ڀانيو آهي، ته مون اهي هڪ ڀاءُ کان قرض طور اُڌاريون ورتيون آهن“(60). ڪازان زاڪس جون سِٽون آهن:
I said to the almond tree:
friend! Talk to me of God
and almond tree blossomed (61).
)مون بادام جي وڻ کي چيو، دوست! مون سان خدا بابت ڳالهاءِ ۽ بادام جو وڻ گلن سان ٽِڙي پيو.(
ساڳي ئي خيال جي خوشبو ۽ احساس جي خوبصورتي اياز جي غزل جي هن شعر ۾ پڻ ملي ٿي.
اســان ســـوال ڪـيـو هــو خــدا به آهــي ڇـــــا؟
اوهان جو حُسن انهيءَ جو جواب آ، سائين!
(ڀونر ڀري آڪاس، ص212)
مٿين شاعرن کان علاوه ٽئگور پڻ اياز کي انتهائي ويجھو ۽ عزيز آهي. هن تي ٽئگور جي فن ۽ فلسفي جو اثر ننڍي عمر کان ئي رهيو آهي، جنهن جو اعتراف هن ريت اياز پنهنجي شعري مجموعي، ’ڪَتين ڪر موڙيا جڏهن‘ ۾ڪري ٿو، ”مون ٽئگور جا ڪجھه سنڌيءَ ۾ ترجما ٽئين يا چوٿين درجي انگريزي ۾ پڙهيا هئا ۽ هن جو مون تي ننڍي هوندي ئي اثر هيو“(62). اياز جي ٽئگور سان محبت ان مان به ظاهر آهي، ته هن پنهنجي شاعريءَ جي پهرين مجموعي، ’ڀونر ڀري آڪاس‘، ۾ ٽئگور جي ٻن نظمن جو منظوم ترجمو شامل ڪيو آهي. ٽئگور ۽ اياز جي ٻن شاهڪار تخليقن، جيڪي پوءِ سندن وطن جي قومي تراني طور اپنايون ويون، انهن ۾ گھڻي حد تائين خيال، احساس، جمالياتي حسيت ۽ جذباتي شدت جي هڪجھڙائي ملي ٿي. ٽئگور جي ان گيت جي سنڌي ترجمي جون ڪجھه سِٽون هن ريت آهن:
اي ڌرتي ماتا! مان تنهنجي آڏو پنهنجو سيس جھڪايان ٿو.
تنهنجو پاڻي پويتر ۽ صحت بخش آهي،
تنهنجو ميوو مٺو ۽ مزيدار،
تنهنجي هوا سيتل ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي.
تنهنجون سايون، سهڻيون ۽ سرهاڻ سان مهڪندڙ ٻنيون،
سدائين سون جان چمڪن ٿيون.
تنهنجي نديءَ جي ڪنارن تي چانڊوڪي جرڪي ٿي،
سک، پيار ۽ سندرتائون آڇيندڙ منهنجي ماتا!
تنهنجو مرڪڻ موهيندڙ، تنهنجا ٻول جيئن امرت،
توتان سر ساھ ڇڏيان گھوري.
تون دين، ڌرم، تون قرب ڪرم، تون شڪتي
تون ئي منهنجو جيون،
تون سونهن، سوڀيا، تون اکٽ خزانا،
اي ڌرتي ماتا! مان تنهنجي آڏو پنهنجو سيس جھڪايان ٿو(63).
هاڻي اياز جي هيءَ وائي پڙهو:
سنڌُ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان مان.... مٽي ماٿي لايان.
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا! بيت به تنهنجا ڀايان،
ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين توکي چشمن چايان،
جيءُ جيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل! توکي ڪيئن لنوايان...
سُر سُر ڄڻ ساوڻ ۾ سنڌو، لهر لهر لهڪايان،
ڪالھه مليران مهڪ اُٿي جا نگر نگر ڦهلايان،
تنهنجي مٽيءَ منجھه مِلان جي، آءٌ امرتا پايان،
سنڌُ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان مان....
(وڄون وسڻ آئيون، ص80)
پوين ڏينهن ۾ موت جي موضوع تي ٽئگور جو لکيل ڪتاب ’موت جا پَر‘ (Wings of Death) اياز جي گھڻي مطالعي هيٺ رهيو ۽ هُن تي ٽئگور جي ويدانتي فڪر ۽ وجداني فلسفي پڻ چڱو اثر ڪيو. اياز جي عمر جي آخري ڏينهن ۾ سندس لکيل دعائن ۽ موت جي موضوع تي ڪيل شاعري تي، ٽئگور جي احساس ۽ انداز جا نمايان اثر نظر اچن ٿا. خدا کي التجائون ۽ ارداسيون ڪرڻ، ۽ ’اي مالڪ، اي ڌڻي‘ جي ادا سان مخاطب ٿي، پنهنجي مدعا پيش ڪرڻ جو لهجو، نرملتا، ڪيفيت ۽ انداز ٽئگور جي دعائيا ڪلام جھڙو آهي. ٽئگور جي اظهار جو انداز ڏسو:
Give Me Strength
This is my prayer to thee, my lord---strike,
strike at the root of penury in my heart.
Give me the strength lightly to bear my joys and sorrows.
Give me the strength to make my love fruitful in service.
Give me the strength never to disown the poor
or bend my knees before insolent might.
Give me the strength to raise my mind
high above daily trifles.
And give me the strength to surrender my strength
to thy will with love (64).
(منهنجا ڌڻي! منهنجي اها ارداس آهي، ته منهنجي دل جي دردن جو تون ئي درمان ٿي. مون کي غم ۽ خوشين کي برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا فرماءِ. مون کي توفيق ڏي ته، مان پنهنجي محبت کي خدمت ۾ سڦل بڻايان ۽ ڪڏهن ڪنهن مسڪين کي نه رنجايان، نه ئي ڪنهن ڏاڍي جي ڏاڍ اڳيان سر جھڪايان. مون کي اها شڪتي ڏي ته، مان پنهنجي سوچن کي نفس جي جنجھٽ کان آزاد ڪري، تنهنجي ئي رضا ۾ راحت محسوس ڪيان.)
ساڳي خيالن ۽ احساسن جا عڪس ۽ اولڙا اياز جي دعائن جي ڪتاب، ’اُٿي اورِ الله سان‘ ۾ جهجھي انداز ۾ ملن ٿا.
”يا رب العالمين!
تون رحمت جو اٿاهه سمندر آهين.
هر ڪنهن جي ٻيڙي تار،
تون ناکئو به ٿي، سکان به ٿي ۽ ساحل به ٿي....
مون کي اها استطاعت ڏي
ته ڪنهن ڪاري ۽ ڪوجھي لاءِڌڪار نه رکان
۽ ڪنهن کي نٻل ۽ نڌر ڏسي، ان جو ساٿ نه ڇڏيان....
تون مون کان قوم، رنگ ۽ نسل جون تنگ ڳليون ڇڏاءِ
۽ پنهنجي شاهي رستي تان وٺي هل!“ (65).
شيخ اياز جي فني ۽ فڪري عظمت اها آهي، جو هن نه صرف پنهنجي ملڪ جي متقدمين ۽ پيش رو شاعرن، اديبن ۽ عالمن جا اثر قبول ڪيا آهن، پر عالمي ادب جي انيڪ شاعرن ۽ اديبن جي فن ۽ فڪر کان متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ فنونِ لطيفه جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مفڪرن ۽ ڪلاڪارن جي نظرين کان متاثر ٿي، انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني آهي. آرٿرڪونسلر، اسپائنزا، سانتيانه، فرائڊ، جونگ، افلاطون، برگسان، ڊارون، ڊيڪارٽ، رجنيش اوشو، نٽشي ۽ شوپنهار کان وٺي وجوديت پسند سارتر ۽ مسرت پسند ايپيڪيورس تائين ڪيترا ئي فلسفي آهن، جن جي فڪر ۽ فلسفي جون جھلڪيون اياز جي شاعريءَ ۾ نظر اچن ٿيون. خاص طور تي سانتيانه جي جمال پسندي، برگسان جي انائيت، اسپائنزا جي پينٿي ازم، جونگ، فرائڊ ۽ ايپيڪيورس جي مسرت ۽ لذت پسنديءَ جو اياز تي تمام گھڻو اثر آهي.
شيخ اياز دنيا جي شعر ۽ ادب جا اثر وٺڻ کان علاوه مصوري کان به گھڻو متاثر رهيو آهي. ليونارڊو ڊاونچي، مائيڪل اينجيلو، ٽرنر (Turner)، ايل گريڪو (El Greco)، گويا (Goya)، ريمبران (Rembrandt)، سيزان، ۽ وان گوگ (Van Gogh) جي احساساتي رنگن جو روح اياز جي ڪيترين ئي تخليقن ۾ ملي ٿو. هو پاڻ چوي ٿو، ”وان گوگ وانگر گرمي منهنجي فن لاءِ وڌيڪ سازگار هوندي آهي. جنهن کي منهنجي شاعريءَ جي تخليقي ڪيفيت کي سمجھڻو هجي، ان لاءِ وان گوگ جي مصوريءَ جو اڀياس ضروري آهي“(66).
بهرصورت شيخ اياز جي شاعري تي انيڪ ڏيهي توڙي پرڏيهي شاعرن، اديبن ۽ مفڪرن جا فني ۽ فڪري اثر آهن، پر ان جي باوجود اها پنهنجي تاثريت ۽ جمالياتي تازگيءَ ۾ هڪ اهڙي وشال ۽ نئين ڪائنات وانگر آهي، جنهن کي پنهنجا سج، چنڊ ۽ ستارا آهن. جنهن کي پنهنجون رونقون ۽ رنگينيون، پنهنجي رواني، ترنم، رسُ چَسُ ۽ پنهنجي فڪري ۽ فني خوبصورتي آهي.
جئن موتين جي مَڙهَه، تئن هيءَ منهنجي شاعري،
لڳي اهڙي لڙههَ، کُٽي، کُٽي ڪينڪي.
جئن موتين جي پوچَ، تئن هيءَ منهنجي شاعري،
رات به هن جي لوچَ، ڏينهن به ان جي ڏاههَ ۾.
(جُھڙ نيڻان نه لهي، ص21)
شيخ اياز جون سموريون نظماڻيون صنفون ته پنهنجي جاءِ تي آبشار ڌارا جھڙي رواني ۽ وڻ جي پڪل ميوي جهڙي تازگي رکن ٿيون، پر هن جي نثر ۾ به نرتڪي جي رقص جھڙي ڪيفيت ۽ حُسناڪي آهي ۽ اها پنهنجن تخليقن ۾ ڏات ۽ ڏانءَ جي حسُناڪي، اياز وڏن فڪري ڪشٽن ۽ فني ڪشالن کان پوءِ پيدا ڪئي آهي.