شيخ اياز جون وائيون
موسيقيءَ جا ڄاڻو وائيءَ کي پراڪرت زبان جي لفظ ’وايا‘ ۽ سنسڪرت جي ’وارتا‘ مان نڪتل ڄاڻائن ٿا. سنسڪرت ۾ ’ورت‘ لفظ جي معنى ’هجر، فراق يا وڇوڙو‘ آهي. ٻولي جا ماهر وائيءَ کي عربي ٻوليءَ جي ’واءِ يا واءِ واءِ‘ ۽ گرو نانڪ جي هندي ’ٻاڻي يا واڻي‘ سان پڻ منسوب ڪن ٿا. بهرحال سنڌ جي هيءَ سُرائتي صنف بنيادي طور تي سُر ۽ سنگيت مان سِرجي آهي ۽ هن جو گھڻو تڻو وجود به سُر ۽ تال تي مدار رکي ٿو. وائي جو موجد مين شاھ عنات کي چيو وڃي ٿو. ”ميين شاھ عنات کان اڳي جيئن ته ڪنهن به شاعر جي ڪابه وائي اڃا دستياب نه ٿي آهي، تنهنڪري سنڌ ۾ وائيءَ جو وجود اڄ کان فقط ٻه صديون اڳي شمار ٿئي ٿو“ (19).
وائي کي ادبي لحاظ سان ميين شاھ عنات متعارف ڪرايو ۽ شاھ لطيف ان کي نه رڳو شاعري ۽ ادب ۾ مقبول بڻايو، پر سنڌ جي سماع جي محفلن ۾ پڻ ان کي مروج ۽ عام ڪرايو. ”لطيف ان منفرد صنف جي منفرد گائڪي کي پيش ڪرڻ لاءِ منفرد ساز دنبورو به ايجاد ڪيو، ته جيئن وائيءَ جي ’واءِ واءِ يا هاءِ هاءِ‘ واري افسرده آلاپ کي اهڙي افسرده تاثر سان پيش ڪري سگھجي... دنبورو واحد ساز آهي، جنهن جي تار مان نڪرندڙ صدا ۾، غم، سوز ۽ وڇوڙي جا ورلاپ آهن“ (20).
بناوت جي لحاظ سان وائي هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي ٿيندي آهي. وائي جي پهرين سِٽَ ٿَلھه چوائيندي آهي. وائي جو ٿلهه ۽ هر مصرع هڪ سِٽَ تي مشتمل هوندي آهي، ان سان گڏ هڪ سٽ جو ورجاءُ هوندو آهي، جنهن کي وراڻي چئبو آهي. وائي جو ٿلهه جيڪڏهن دوها ڇند تي هوندو ته قافيو مصرع جي آخر ۾ ايندو ۽ جي اهو سورٺا ڇند تي هوندو، ته قافيو پهرين چرڻ ۾ ايندو. وائي هندي جي تقريبن 18 ڇندن تي لکي وڃي ٿي، پر سنڌي شاعريءَ ۾ دوها ــ سورٺا ۽ سورٺا ــ دوها ڇند تي رچيل وائيون ڪثير تعداد ۾ ملن ٿيون. دوها ڇند موجب ماترائن جي ترتيب (13 + 11) ۽ سورٺا ڇند تحت ماترائن جو سٽاءُ (11 + 13) بيهندو، پر جديد وائي (10+ 13)، (13+ 10) ۽ (10+ 10) ماترائن تي پڻ لکي وئي آهي.
جديد شاعريءَ ۾ خاص ڪري شيخ اياز ڇند سان گڏوگڏ وائي عروض تي لکڻ جا تجربا به ڪيا آهن، جنهن جي اياز جي اڪثر هم عصر ۽ متاخر شاعرن تقليد ڪئي آهي. دوها ڇند بدران جيڪڏهن وائي عروض تي لکجي ته ان جو وزن گھڻو ڪري (فعلن فعلن فاعلن+ فعلن فعلن فاع) ٿيندو ۽ جي اها سورٺا ڇند بدران عروض تي آڌارجي ته، ان جو وزن لڳ ڀڳ (فعلن فعلن فاع + فعلن فعلن فاعلن) بيهندو. دوهي ۽ سورٺي ڇند کان علاوه ڇند چوپال (8 + 8) ماترائون، عروضي وزن (فعلن فعلن + فعلن فعلن)، للت ڇند (16+ 12) عروضي وزن (ٽي ٽي ڀيرا فعلن)، سمان ڇند (16 + 16) عروضي وزن (چار چار ڀيرا فعلن)، وير ڇند (16 + 15) عروضي وزن (فعلن فعلن فعلن فعلن + فعلن فعلن فعلن فاع)، دڪپال ڇند (12 + 12) عروضي وزن (مفعول مفاعيلن + مفعول مفاعيلن)، لاوڻي ڇند (16 + 14) عروضي وزن (فعلن فعلن فعلن فعلن + فعلن فعلن فعلن فع)، شڪت ڇند (10+ 8) عروضي وزن (فعولن فعولن + فعولن فعل) وغيره تي پڻ وايون لکيون ويون آهن.
ڪلاسيڪل وائيءَ جو بنيادي موضوع تصوف، مابعدالطبعيات، غم، درد، سڪ سوز جا ورلاپ، وصل جون لذتون ۽ ڦوڙائي، فراق جون صدائون آهن. ڀٽائي خود پنهنجي سٽ، ’وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري‘ ۾، ’وايون‘ لفظ درديلي آواز يا صدا جي معنى ۾ استعمال ڪيو آهي، پر جديد شاعرن وائيءَ جي موضوع ۾ ايتري ته وسعت ۽ گوناگونيت پيدا ڪئي آهي، جو زندگي ۽ زندگيءَ سان سلهاڙيل سمورا مسئلا ۽ مامرا وائيءَ ۾ اظهاري ۽ اوري سگھجن ٿا. ايتري تائين جو اياز لينن گراڊ تي برسندڙ بمن ۽ انهن ۾ مَرندڙ ماڻهن جي درد ـ ڪهاڻيءَ جا منظر به پنهنجي وائين ۾ قلمبند ڪيا آهن:
ٿي ٻري لينن گراڊ ــ
بَم برسن ٿا پيا.
اولگا جي شاعريءَ ۾،
اڄ به تازي آهي ياد،
بَم برسن ٿا پيا.
اڄ به منهنجا ديس تو ۾،
ڄڻ ته نازي بدنهادِ!
بَم برسن ٿا پيا.
اي ڏکڻ! گھلندين ڪڏهن تون،
آءُ اي بادِ مُرادِ ــ
بَم برسن ٿا پيا.
(راج گھاٽ تي چنڊ، ص45)
ٻين صنفن وانگر اياز وائي جي هيئت ۽ موضوع ۾ پڻ ڪيترائي تجربا ڪري، ان کي نئون روپ، نئون ردم ۽ نئين فڪري وسعت عطا ڪئي آهي. هن جون ابتدائي 14 وايون جيڪي سندس شعري مجموعي، ”ڀونر ڀري آڪاس“ ۾ شامل آهن، اهي ڇند بدران عروض تي آڌارڪ آهن. اها الڳ ڳالهه آهي، ته انهن چوڏهن عروضي واين مان ڪجھه ماترڪ ڇند تي به پوريون بيهن ٿيون. جيئن سندس وائيون، ’وري اها ئي تان اچي ٿي، وري اها ئي تان‘، ’گھرا گھرا نيڻ پرينءَ جا ــ ڪارا ڪارا نيڻ‘ ۽ ’ديس ڇڏي پرديس رُلي ٿي، دلڙي ٿي ديواني ڙي‘ وغيره. اياز پنهنجي انهن وائين بابت پاڻ لکي ٿو: ”منهنجي وائين جي هيئت ۽ موضوع ٻئي جداگانه ۽ جديد آهن. وايون فارسي بحر ۾ آهن، پر انهن ۾ قديم وائيءَ جو تسلسل آهي، جو درحقيقت وائيءَ جي صنفِ سخن جي جان آهي“ (21).
شيخ اياز جي مختلف شعري مجموعن ۾ وائين جو ڪل تعداد تقريبا 894 آهي، جن مان ’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۾ (وائيون ــ 14، ص100 ، 114)، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۾ (وائيون ــ 13، ص19، 32)، ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ ۾ (وائيون ــ 14، ص61، 70)، ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ (وائيون ــ 50، ص17، 202)، ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ۾ (وائيون ــ 55)، ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ ۾ (وائيون ــ 29، ص139، 167)، ’چنڊ چنبيلي ول‘ ۾ (وائيون ــ 6، ص103)، ’رڻ تي رم جھم‘ ۾ (وائيون ــ 2، ص149)، ’لڙيو سج لڪن‘ ۾ (وائيون ــ 66، ص9، 88)، ’راج گھاٽ تي چنڊ‘ ۾ (وائيون ــ 80، ص31، 110)، ’اڪن نيرا ڦليا‘ ۾ (وائيون ــ 17)، ’بڙ جي ڇانو اڳي کان گھاٽي‘ ۾ (وائيون ــ 23)، ’جھڙ نيڻان نه لهي‘ ۾ (وائيون ــ 58، ص120، 178)، ’اُڀر چنڊ پس پرين‘ ۾ (وائيون ــ 29، ص223، 251)، ’هينئڙو ڏاڙهون گل جئن‘ ۾ (وائيون ــ 106، ص27، 132)، ’ڪَتين ڪر موڙيا جڏهن، ڀاڱو 2‘ ۾ (وائيون ــ178، ص17، 110)، ’سورج مکي سانجهه‘ ۾ (وائيون ــ 58، ص85، 122)، ’ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون‘ ۾ (وائيون ــ 11)، ’سانجھي سمنڊ سپون‘ ۾ (وائيون ــ26، ص21، 46)، ’ڪونجون ڪرڪن روھ تي‘ ۾ (وائيون ــ 17، ص110، 124)، ’ڪاري رات ڪهنگ‘ ۾ (وائيون ــ 42، ص127، 168) آهن.
انهن مِڙني وائين ۾ روايت ۽ جدت جي خوبصورت رنگن سان گڏ اياز جو فنڪاراڻو ۽ مضطرب روح پڻ موجود ملي ٿو. جيئن ته مين شاھ عنات ۽ لطف الله قادري کان وٺي شاھ لطيف تائين وائيءَ جي هيئت ۽ ان جو موضوع گھڻو ڪري مخصوص ۽ مقرر رهيو آهي، پر اياز ان ۾ ڪافي بدلاءُ آندو آهي. هُن وائيءَ ۾ نه رڳو ڪلاسيڪي روايتن جي رنگينيءَ کي برقرار رکيو آهي، پر جديد دور جي حالتن ۽ حسيت کي پڻ ان ۾ اوتيو آهي، جنهن ڪري اياز جون وايون موضوع توڙي ردم جي لحاظ سان پنهنجو انفرادي ۽ ٻين کان الڳ رنگ ۽ آهنگ رکندڙ محسوس ٿين ٿيون.