پنهنجي پاران
جيون جفاڪشيءَ جو نانءُ ته ضرور آهي، پر بيروزگاريءَ جي رڃ، صحرا ۾ ڀٽڪندڙ هٺيلن هرڻن جهڙن حسين خوابن جي قتل کانپوءِ ڪنهن امڙ جي آسن ۽ اميدن جي چراغ جي خودڪشيءَ جي درد جي ڪرڀ جي سيلهه ڪنڊن کي ڪوئي پنهنجي هانءُ ۾ چڀندو محسوس ڪري ته پوءِ ان کي ڪهڙو نانءُ ڏجي!؟
سور جون سئو صورتون ۽ هزارين حوالا هوندا آهن. درد جا لاتعداد روپ ۽ نانءُ هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن پيار پڇتاءُ به بنجي پوندو آهي، ته گٽر يا گند جي ڍير تي پوپٽ جهڙي معصوم ٻارڙي جو لاش ڪانءُ ڪتن جو کاڄ بنجي ويندو آهي ته انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويندو آهي، ۽ صبح تائين چنڊ ماڪ جي صورت ۾ لڙڪ لڙڪ ٿي ڳڙندو آهي.
زندگي مور جو ٽهوڪو يا برساتي رُت جو رقص هجي ته هجي پر ڪائي انڊلٺ جهڙي اپسرا، ڊيل جهڙي جواني ٽپي، عمر جي ٽپهريءَ کي اورانگهي، سينڌ ۾ چانديءَ، تارون سجائي رهندڙ ڪا ڪنواري، جيڪا بيبي مريم به نٿي بنجي سگهي، ان جي محرومين کي آخر ڪهڙو نانءُ ڏجي!؟.
هوءَ گڏين جهڙي معصوم ۽ البيلي ڇوڪري، جنهن جي عذاب ــ راتين جي اڪيلائيءَ جي درد کي ڪهڙو نانءُ ڏجي، جنهن کي ڪچڙيءَ عمر ۾ ئي قبائلي وحشيت بيواهه بنائي جيئڻ جا سارا گس اونداها ڪري ڇڏيا هجن.
۽ هوءَ شرم ٻوٽيءَ جهڙي لڄاري ۽ مينهن وساڙي جهڙي نازڪ، نفيس، جيجل جي نيڻن جو نور ۽ سماج ۾ ستن قرآنن جي برابر نياڻي، جنهن کي پراڻي دشمنيءَ جي پلاند پارڻ لاءِ ڪاريءَ جي ڪوڙي الزام هيٺ ڪهاڙين سان ڪهي، جنهن جي جيجل کي سندس منهن به نه ڏيکاريو ويو هجي ۽ اوندهه ۾ بي ڪفنو لاش لوڙهيو ويو هجي.
يا هوءُ جهور ڪراڙو پيءُ جنهن جي خوشين جو خون ڪري، کيس هن عمر ۾ ڪونڌر پٽن جي لاشن کي ڪلهو ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو هجي ۽ جنهن لاءِ انصاف به انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو بڻيل هجي، جنهن جو اندر انتقام جي بٺي ۾ تبديل ٿي چڪو هجي پر ٻانهنِ ۾ سو ٻل نه رهيو هجيس.
درد ڪنهن محبوب ماڻهوءَ جي اوچتي ازلي سفر تي اسهڻ جو هجي يا ڪنهن وڇوڙي جي دائمي وڍ جو، جيڪو من جي زخم کان به وڌيڪ ڀيانڪ هوندو آهي، جڏهن زندگيءَ جو هر قدم درد جي پلصراط تان گذرندي محسوس ڪبو آهي.
ڪنهن جي روين ۽ لهجن جي تيرن جا گهاءُ يا رنج، رسامن جي بيمارين جون ڇُريون به ته روح کي ڇلي رتورت ڪري ڇڏينديون آهن.
ڪپل وستو جي شهزادي، سڌارٿ مان بڻيل مهاتما ٻڌ جي نگاهن سان ڀلي ڪير هن سڄي سنسار کي ڏسڻ جي سگهه نه رکندو هجي، پر پوءِ به هر حساس دل ماڻهوءَ جي ڪنن ۾ دور خلائن مان هر ويل ڪائي آذان ٻُرندي ٿي رهي ته “جيون دکن، دردن جو نانءُ آــ” ۽ فطرت انسان جو ري ايڪشن (Re action) ڏسڻ ٿي گهري.
ڪنهن قلم ڪار تي انهن گهڙين جو فوري ۽ فطري ري ايڪشن (Re action) هميشه گرم لڙڪن يا ٿڌڙن ساهن جي صورت ۾ نڪري نروار ٿيندو آهي. شاعري انهن گرم لڙڪن يا ٿڌڙن ساهن جي حاصلات جو نانءُ هوندي آهي.
منهنجي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو “چانهونءَ مٿان چنڊ” به منهنجي گرم لڙڪن يا ٿڌڙن ساهن جي حصول جي حاصلات آهي.
پنهنجي هن شاعريءَ جي حوالي سان مان ڪا به وڏي دعوا نه ڪندس. فقط ايترو چوندس ته هيءُ منهنجي اندر جو آواز ۽ ذاتي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جي احساسن جا عڪس اولڙا آهن، جن جي آرسيءَ ۾ ڪنهن کي به پنهنجي درد جي جهلڪ جو ذرڙو به نظر ٿو اچي ته مونکي پنهنجي پيار جو پورهيو ڪارائتو ۽ سڦل لڳندو.
ڪتاب جو نالو “چانهونءَ مٿان چنڊ” انڪري به تجويز ڪيو اٿم جو لڳندو اٿم ته ڪنهن جنم ۾ مان به چانهونءَ جي شهر جو رهواسي رهيو آهيان ۽ چنڊ ان جو اڄ به ساکي آهي.
دوست ڪيتري ئي وقت کان مونکي ڪتاب آڻڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا هئا، مگر ان معاملي ۾ مان انتهائي سست رهيو آهيان.
وڏي مهرباني ڀاءُ محمد يعقوب ڏاهريءَ جي، جنهن ڪتاب کي ڇپائڻ جو سارو وزن پنهنجن ڪلهن تي کڻيو، نه ته شايد اڃا به مختلف ڊائرين ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو هجي ها.
وڏا احسان پنهنجي محسن محترم سائين مير محمد پيرزادي جن جا، جنهن سڄي مجموعي کي پڙهي، درست ڪري، سنواري سُڌاري، صنف وائيز ترتيب ڪري ڏنو.
لک مهربانيون پنهنجي ڀائرن جهڙي دوست محترم وسيم سومري جون، جنهن پنهنجي قيمتي ۽ مصروف وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي هن ڪتاب تي دل سان مهاڳ لکي ڏنو.
لک لائق بزرگ سائين عبدالحڪيم “ارشد” صاحب جا، جنهن طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ۽ نظر گهٽجي وڃڻ باوجود به بيڪ ٽائيٽل (Back Title)لکي ڏنو.
لک مهربانيون ڀاءُ ماڻڪ ملاح جون، جنهن تاريخي پسمنظر ۾ منهنجي شاعريءَ جو ڏاڍي سهڻي نموني ڇيد ڪندي تمام پيارو مضمون لکيو آهي.
مان احسان پنهنجي پياري ڀاءُ ساحر راهوءَ جا به نه وساريندس، جنهن خاموشي خاموشيءَ ۾ منهنجي شاعريءَ توڙي مزاج تي ڀرپور راءِ ڏني آهي.
انتهائي احسان پنهنجي پياري دوست ۽ سڄڻ ساٿي معشوق ڌاريجي جا جنهن تمام گهڻي پيارَ سان منهنجي شاعريءَ کي پڙهيو ۽ سوديو ۽ سنواريو.
پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ احمد نواز ڏاهريءَ جون محبتون جنهن وڏيءَ محنت سان اسڪيچ ٺاهيا آهن.
سڀني کان وڏي مهرباني ڀاءُ ساجد سنڌي جي، جنهن پنهنجي سمبارا پبليڪيشن مان هيءَ ڪتاب ڇپائي مون کي مان بخشيو آهي.
علي نواز ڏاهري
0300-3216296