شاعري

چانهونءَ مٿان چنڊ

”اکين ۾ الماس جو ورد پچاريندي لطيفي راهه جو راهي علي نواز ڏاهري به شاعريءَ جي روايتي پيچرن کي اورانگهي پنهنجا نوان رستا ۽ گس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ هن ڪيتري ڪاميابي ۽ سڦلتا ماڻي آهي، ان اندازو سندس هن ڪوتا ڪتاب ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ کي پڙهي با آساني لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي ڊگهي کيپ ۾ هن ڪويءَ جون ڪوتائون حساس دلين جي احساسن کي ڇهڻ جي ڀرپور سگهه رکن ٿيون.“
Title Cover of book چانهونءَ مٿان چنڊ

صورت صورت سور

آهن اڌورا پرين! جيون جا سڀ سانگ،
تنهنجي طلب تانگهه، جياپو جڏي جيءَ جو.

سارَ اوهانجي سپرين! جيئڙو جهوريندي،
ڪپي ڪوريندي، اڳ نه سوچيو هو ڪڏهين.

هو جي ڳنڍيون هانءَ جون، نيڻن جا ها نورَ،
وڇڙين جا هر ويل ٿا، مارن مون مذڪور،
صورت صورت سورَ، اڄ پڻ جاڳيم جيءَ ۾.

صورت صورت سارَ، اڄ پڻ جاڳيم جيءَ ۾،
ڪهڙا ڪهڙا يارَ! گذريا جيون گس تان.

هينئڙو حبيبن لاءِ، رويو رويو روءِ،
هيءِ نه ويل وڃڻ جي، سڏڪيو سڏڪيو چوءِ،
پرين! توکان پوءِ، رهنديون ڳالهيون ڳوٺ ۾.

پرين! ٿي پري وئين، ڪريان ڪڄاڙو؟
روڄ رڳي راڙو، رهيو آهي روح ۾.

وَڍيو دردَ وجود کي، چين ويو، چاهت،
بند ڀڄي اٿلي پوڻ، اکين ٿي عادت،
روئڻ ٿيو راحت، مرڪون وسريون من کان،

منهنجي هر هڪ ساهَه جي، صدا “تون ئي تون”،
توکي ڄاتو مون، ونحن اقرب ويجهڙو.

منهنجي هرهڪ گيت جي، تون ئي آن گونجار،
ها! مان توکان ڌار، ڪجهه به آهيان ڪين ڪي.

مَن ۾ مچ مجاز جا، اکين ۾ پاڻي،
کوري جيئن کاڻي، دلڙي درد فراق ۾.
***