شاعري

چانهونءَ مٿان چنڊ

”اکين ۾ الماس جو ورد پچاريندي لطيفي راهه جو راهي علي نواز ڏاهري به شاعريءَ جي روايتي پيچرن کي اورانگهي پنهنجا نوان رستا ۽ گس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ هن ڪيتري ڪاميابي ۽ سڦلتا ماڻي آهي، ان اندازو سندس هن ڪوتا ڪتاب ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ کي پڙهي با آساني لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي ڊگهي کيپ ۾ هن ڪويءَ جون ڪوتائون حساس دلين جي احساسن کي ڇهڻ جي ڀرپور سگهه رکن ٿيون.“
Title Cover of book چانهونءَ مٿان چنڊ

واهه! ڏاهري تُنهنجي ڏات!!

مانوارا قارئين! اسان جي بيحد پياري شاعر علي نواز ڏاهري جي شاعريءَ جو مجموعو ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب شاعريءَ جي مختلف صنفن، بيت، وايون، هائيڪا، پنجڪڙا، نظم ۽ غزل جو ظاهري ۽ معنوي لحاظ سان نهايت خوبصورت گُلدستو آهي. علي نواز ڏاهريءَ جي هيءَ شاعري پڙهي ۽ ٻُڌي منهنجي دل مان بي اختيار نڪري ويو ته: “واهه! ڏاهري تنهنجي ڏات!!”
سچ پُڇو ته علي نواز ڏاهريءَ جي شاعري پنهنجي فني ۽ فڪري گهرائيءَ جي لحاظ سان انتهائي داد ۽ مڃتا جي لائق آهي. سچ چيو اٿن ته: ڏات پنهنجي اظهار ۽ ارپنا جي لحاظ سان پنهنجي مرضيءَ جي پاڻ مالڪ ۽ خودمختيار هوندي آهي.
ڏات وٽ ڪنهن به سينيئر ۽ جونيئر جو ڪوبه فرق ناهي، ڏات ڪنهن وڏي نامياري شخصيت يا ڳوٺاڻي پورهيت فنڪار ۾ ڪوبه تفاوت نٿي رکي. علي نواز جي هيءَ شاعري پڙهي آئون احساس ڪمتريءَ ۾ مُبتلا ٿي ويو آهيان ۽ دل مان بي اختيار صدا نڪرندي آهي. ڪاش! مان به اهڙي شاعري ڪري سگهان ها!
هن جا ڪُجهه نظم محمد ابراهيم جويي، سائين جي ايم سيد، سيد امداد احمد شاهه، امن جي عنوان “جنوني حڪمرانو! جنگيون نه ڇيڙيو” سنڌي ادب ۾ شاهڪار تخليقون قرار ڏئي سگهجن ٿيون.
علي نواز ڏاهري خوشي نصيب شاعر آهي ته هن جو ڳوٺڙو سڪرنڊ ۾ چانهونءَ جهڙي قديمي ۽ تاريخي ماڳ جي ڀر ۾ آهي، چانهونءَ جي دڙي بابت هن جي شاعري عالمي قدرن جي پاسداري ڪري ٿي، آئون غزل ۽ نظم جو شاعر آهيان، پر مون جڏهن علي نواز ڏاهري جو نظم “جنوني حڪمرانو! جنگيون نه ڇيڙيو” ٻُڌو ۽ پڙهيو ته مون کان رڙ نڪري وئي ته “بيشڪ هر پويون ايندڙ، پهرئين کان زور هوندو آهي”. علي نواز جو اهو نظم جيڪڏهن اردوءَ ۾ لکيو وڃي ها ته اردو ادب جا ترقي پسند هن کي ساحر لُڌيانويءَ جو لقب ڏين ها، آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته سندس اهو نظم جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ٻاهرين مُلڪن تائين پهچي وڃي ته سندس اهو نظم امن جي موضوع تي شاهڪار تخليقن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو.
علي نواز ڏاهريءَ جي شاعري احساسن ڀري ۽ هر ٻُڌندڙ تي اثر ڇڏيندڙ شاعري آهي، پر يار! اسان وٽ رڳو عهدن کي ڏٺو وڃي ٿو. علي نواز ڏاهري ته هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جو رهاڪو آهي ۽ واپڊا ۾ ننڍڙي ملازمت ڪندڙ مزدور! پر هن جي شاعري هڪ ڏينهن ضرور اسان جي دلين تان ساڙ ۽ حسد جي زنگ لاهيندي، ۽ اکين تان انڌ جا کوپا! ۽ هن نوجوان جي جيڪا شاعري آهي، تاريخ جو اثاثو ٿي ويندي، ۽ هيءَ قوم به هن شاعر جي سِٽ سِٽ تي ناز ڪندي.
اڃا ڪلهوڪي ڳالهه آهي جو هِن شاعريءَ جي ڪلا کيتر ۾ پهريون قدم رکيو هو. خبر ناهي ته هن جي اندر جي ڀڙڪندڙ ڀونءِ ۽ ٻرندڙ جبل وانگر اوچتو ڦاٽ کائي فن ۽ فڪري جي بُلندين کي ڇُهڻ لڳي آهي.
ذاتي ۽ شخصي لحاظ سان علي نواز ڏاهري نهايت ماٺيڻو، سٻاجهڙو، پرخلوص ۽ هر وقت ڪنهن اونهي ۽ گهَرِي سوچ ۾ مستغرق نظر ايندو آهي، مون کي ان جي مطالعي جو ذوق به ڏاڍو پسند ايندو آهي. سندس پسنديده موضوع فڪري ۽ فلسفي ۽ ذهنن ۾ اُٿل پُٿل آڻيندڙ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ ڪتاب هوندا آهن.
آئون دل جي گهراين سان دُعاگو آهيان ته شال سندس ڏات اڃا وڌيڪ عروج حاصل ڪري، خدا کيس ڊگهي ڄمار عطا ڪري، ۽ هرطرح جي خوشين سان شاد آباد رکي ۽ سندس اولاد کي برڪتون عطا ڪري، ۽ هي ڪتاب سنڌ ڌرتي ماءُ جي قدمن ۾ شال اگهامي ۽ قبول پوي. آمين


دُعاگو
عبدالحڪيم “ارشد”
سڪرنڊ