شاعري

چانهونءَ مٿان چنڊ

”اکين ۾ الماس جو ورد پچاريندي لطيفي راهه جو راهي علي نواز ڏاهري به شاعريءَ جي روايتي پيچرن کي اورانگهي پنهنجا نوان رستا ۽ گس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ هن ڪيتري ڪاميابي ۽ سڦلتا ماڻي آهي، ان اندازو سندس هن ڪوتا ڪتاب ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ کي پڙهي با آساني لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي ڊگهي کيپ ۾ هن ڪويءَ جون ڪوتائون حساس دلين جي احساسن کي ڇهڻ جي ڀرپور سگهه رکن ٿيون.“
Title Cover of book چانهونءَ مٿان چنڊ

ڀِٽون بُٺَ بڻيل،

ڀِٽون بُٺَ بڻيل،
اکڙين منجهه اٿل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

ڏهر ڏهر ۾ ڏٿ لئه ڀٽڪن،
مارو ماڪَ مهل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

هيل به مينهنِ مند نه موٽِي،
ڳوڙها ڳوڙها ڳل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

پل لئه درد وساري ويٺا،
پسيو مور مئل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

مارن سان گڏ مال به تڙپيا،
کارا کوهه سڪل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

شڪ ته سانوڻ مهر مَٽٖي ويو،
ڪڪر ڪاوڙيل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

روهيڙن جون لامون لهسيون،
ٽڙڪي ڏار ٽٽل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون

هيل به رڃ ئي رڃ رڙي ٿي،
ويراني ورسيل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون

هيل به تن جي پُکٖي پجِي ويا،
گوندر گڏ ٿيل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

ڪارونجهر جي ڪُکِ ۾ بک جا،
ڪڙِ ڪڙِ ڪانَ لڳل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

شام سمٖي جو چونئرا چپ جٖي،
چادر ۾ ويڙهيل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

"نواز" ننڍڙن ٻارن جا ڪي،
ٽهڪ نه ڪِٿِ ٽڙيل ــ
هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.
*