پرينءَ جي پيارَ جون ڇاندون...!
ڏهري، ٻن ڀِٽُن جي وچاڳ جا ماڻهو هُوندا آهن، ۽ ڏاهري آئون چوندو آهيان ته سنڌ جي سپوت راجا ڏاهري جا پوئلڳ ماڻهو آهن، علي نواز ڏاهري تي لکندي، آئون نه ته ڏهريءَ کان مُنهن موڙي ٿو سگهان ۽ نه وري ڏاهريءَ جو دامن ڇڏي ٿو سگهان!
منهنجي خيال ۾ علي نواز “ڏَهري” به آهي ته “ڏاهري” به آهي، اُن ڪري هن جي ضمير ۽ خمير ۾ سُورج ديوي ۽ پرمل ديويءَ جي تخمي به اچي وڃي ٿي، ته مارئيءَ واري مليرائي به اچي وڃي ٿي.
صدين جو مان گيت پُراڻو، هر ڪنهن چپ تي آيل آهيان،
غم کي هر ڪنهن موقعي تي مان، ڳوڙهن سان گڏ ڳايل آهيان.
اسان جي هن شاعر جو ڳوٺڙو، “ڄام ڏاهري” ان وچاڳ جو ڳوٺڙو آهي. آڳاٽي ۽ پهرين سڪرنڊ شهر جي مِٽيءَ سان سُواسِيَلُ ۽ شڪر ڍنڍ واريءَ جهوليءَ وارو هيءُ ڳوٺڙو ۽ ڳوٺاڻان ڪيئن نه ڏهري هجن، جو آڳاٽو سنڌو، هاڪڙو ۽ مهراڻ جي لقبن سان پنهنجا ڀاڪر هِن ئي علائقي ۾ ڀريندو، هاڻوڪيءَ واٽ پهتو هُيو، ته پوئتي رُڳو ڀٽون، دڙا، وارياسا پَٽ ۽ پيچرا رهائيندو ويو، جيڪي ڏهرن جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. انهن ڀٽن ۽ پَٽن جي پيدائش آهي. علي نواز ڏاهري.
جنهن جو ڳوٺڙو بلڪل اُن واهوندي ۾ موجود آهي، جتي جنگ جا طبل وڳا ها ته وڏو غوغاءُ به ٿيو هو، ۽ “کڏهر” جهڙي واهوندي تي نالو ئي اُن غوغاءَ جو پئجي ويو هو. يعني غوغاءَ ۽ انياءَ وارو علائقو!
اسان جي شاعر جو ڳوٺڙو “ڄام ڏاهري” ۽ “کڏهر” ان واهڙ ۽ ڪنڌيءَ جا ڳوٺ آهن، جتان “ساوندي” ڍنڍ جنهن کي محققن وڪر بهار، شڪر بهار ۽ ساوندي ڪري پئي لکيو ۽ سڏيو آهي، اها ساوندي پار ڪندي عرب حُڪمران محمد بن قاسم، سنڌ جي راجا ڏاهر کي قتل ڪندو، سيوهڻ وڃي رهيو هو.
آئون نٿو ڀُلجان ته اُها ساوندي پنهنجي صحيح تلفظ ۽ ساءِ ندي هُجي. يعني ٻيڙين واري ندي، جيڪا پوءِ شڪر ڍنڍ بڻجي وئي، اسان جا تاريخدان ساوندي کي سن ساوڙي ڪوٺي هڪڙي ڀُل مان گذري رهيا آهن.
سيد عظيم الدين ٺٽوي جڏهن شڪر ڍنڍ جو ذڪر ڪندي ساراهه جون سُرڪيون ڀريندي لکي ٿو ته: “هِن ڍنڍ جهڙي هند سنڌ ۾ ٻي ڍنڍ نٿي سُجهي ته پوءِ چچ نامي ۾ بيان ڪيل حوالو ته محمد بن قاسم، برهمڻ آباد فتح ڪرڻ کانپوءِ سيوهڻ لاءِ ساونديءَ تي اچي ساهي پٽي هئي، جيڪا پنهنجي دؤر جي عاليشان پتڻ، واپارڪي ۽ وڻجارڪي ڍنڍ هئي، ته اُها جاگرافيائي حوالي سان عظيم الدين ٺٽويءَ جي بيان ڪيل شڪر ڍنڍ ئي آهي، جنهن جا نشان اڄ به سُتيارو سرهاڙي روڊ سان ڏسي سگهجن ٿا. اها ئي اها ساوندي آهي. جنهن ۾ اچي سڪرنڊ واري پاسي ۽ پوءِ سيوهڻ ۽ ٻين شهرن ۾ عرب حڪمران، وطن وارن سان وڙهي، علي نواز ڏاهريءَ جي آدجڳادي وڏڙن جي اولاد ۾ روڄ راڙو مچائي ڇڏيو هو. اُها ئي ڍنڍ ساوندي آهي، جيڪا ميرن جي دؤر ۾ عظيم الدين ٺٽوي جي نيڻن جو ٺار ٿي ۽ شڪر ڍنڍ جهڙو لقب حاصل ڪيائين.
اُن ڍنڍ ۽ آڳاٽي شڪر ڍنڍ يعني هزارا سال پراڻي تهذيب رکندڙ سنڌين جي عظيم تهذيب واري شهر “چانهون”، يعني پهرئين سڪرنڊ واري وستيءَ جي وارث لوڪن جو اولاد آهن، ڏاهري ۽ ڏهري!
ديس ۽ ديس ڌڻين سان ٿيندڙ دولابن کي رڳو شاعر ئي سمجهي سگهن ٿا. علي نواز ڏاهريءَ جي شاعري به پاڻ سان صديون ۽ زمانا کڻي هلي ٿي، زمانن ۽ انهن اندر ايندڙ ۽ ٿيندڙ تبديلين کي وجود ۾ سمائيندڙ شاعري کي دوام هجي ٿو. سنڌ جي ڀَٽن ۽ ڀانن واري شاعري زمانن ۽ واقعن واري شاعري آهي، جنهن مان سنڌ جي تاريخ جو گمنام دؤر آئينو بڻجي وڃي ٿو.
ايئن ئي علي نواز جي شاعريءَ ۾ زمانا سمائي هلندڙ تخيل جا واهڙ آهن، جن جي گجگوڙ اسان جي سُجاڳي آهي. شاعري جيڪا هڪ شاعر وٽ دل جي ۽ سائنٽيفڪ سوچ رکندڙ سائنسدان وٽ دماغ جي خوراڪ هجي ٿي، ڪيئن به هجي پر ڪلاسيڪل زمانن کي اها دل جون ڦرهيون پڙهائيندي آهي.
سڪرنڊ جي اصلوڪي راڄڌانيءَ واري سرزمين تي “ڀڙو” بڻيل “چانهونءَ جو دڙو” سنڌ جي ايامن جو هوڪو آهي، ايامن کان اُتي سڪرنڊ واسي ڪيئن هئا، اتي ان وقت سنڌ ڪيئن جڳمڳائيندي رهي هئي، ان جي عڪاسي ڪندي علي نواز ڏاهريءَ جيڪا شاعري ڪئي آهي، اها سنڌ جو هڪ پُورو يُگ سنڀاليندڙ شاعري آهي. ايئن شاعريءَ ۾ تاريخ ۽ تاريخ ۾ شاعري علي نواز جي تخليقي دَيَنَ آهي.
ڪٿا هن شهر جي يارو! صدين کان ڀي پراڻي هئي،
لُٽيل تهذيب تي حملن جي، پل پل جي ڪهاڻي هئي.
پهريون تحفو بسنتيءَ جو، ڀري جهوليون گلابن جون،
ڏيڻ گهر گهر ۾ مالهڻ جي، ايندي معصوم نياڻي هئي.
شهر جي شاهي مندر ۾، امڙ ڌرتيءَ جي مورت کي،
مٿو ٽيڪڻ هجومن ۾، ايندي راجا سان راڻي هئي.
گليءَ جي موڙ جي هن ڀر، چون ٿا کوهه هوندو هو،
جتان خلقت سموريءَ جي، سدا اڃ پئي اجهاڻي هئي.
جهازين جون ونيون تڙ تي، اچي موهينديون ڏيئا هون،
جڏهن پن ڇڻ سندي رُت جي، اچي ويندي پڄاڻي هئي.
تڏهن معصوم اکڙين مان، اڏايا ٿٖي ننڊ جا پوپٽ،
ٻڌي ٻارن جو ٻڍڙيءَ کان، ڪا پرينءَ جي ڪهاڻي هئي.
گهڙي ڇا سنگتراش هڪڙي، حسين ڌرتيءَ جي مورت هئي،
انهيءَ تي سال هن نگري، وڏي خوشحالي ماڻي هئي.
هتي گيتن ۽ رقصن کي، ته حاصل خاص تقدس هو،
هتي هر شخص جي يارو! طبيعت عاشقاڻي هئي.
جنهن لئه تڙپي ڪوي ڪوئي، رچيندو گيت هو غم جا،
ڪنولن کان به ڪومل سا، هتي جي ڪا مهاڻي هئي.
انهن جي عشق جا الميا، ڌرم ڌرتيءَ سندو بڻيا،
سدا تاريخ مان “نواز” اهڙي خوشبو اڏاڻي هئي.
“چانهونءَ” جو دڙو، سڪرنڊ تعلقي ۾ سنڌ جي اها تهذيب ۽ تمدن رکندڙ تاريخ وارو ماڳ آهي، جنهن جي قدامت موهن جو دڙو سان برميچيندڙ آهي. اهو چانهون اڄڪلهه پنهنجن جي ستم ظريفيءَ جو شڪار آهي، جتي وڏيرا ان جا پاسا کائي زمينون ويڪريون ڪري رهيا آهن. اُتي اسان جي حڪمرانن جي محلن جي دروازي تي هي تاريخي ورثو بي سهارو بڻيل آهي، ان تاريخي ورثي واري دڙي تي جڏهن مينهن وسندو آهي، ته ان مان ناياب شيون ايئن ظاهر ٿي پونديون آهن، جيئن سورنهن ساليءَ جي ڇاتيءَ جا تِر “وهي” ظاهر ڪري وجهندا آهن.
دڙي مٿان ٻار، چانهون چُپ چپات آ،
تهذيبي تاريخ تي هي ننڍڙا ڪردار،
ڇا ٿا ڳولين ڇوڪرا، بارش کانپوءِ يار،
يا هُو پنهنجا پيار، وڃايل ووڙين ٿا؟
علي نواز جي شاعريءَ جون سِٽون پڙهندي، گوتم جون اُهي اکيون ياد ٿيون اچن، جيڪي تنهائيءَ نگاهي سجدن سان لوليون ڏئي، دل ۽ دماغ جون اُمنگون “انت بحر دي ڪل نه ڪائي”، “رنگي رنگن بنايا” ڪري وجهنديون هُيون.
سموري شهر جا رستا، کُٽا ساڌوءَ جي سڌ سنگ تي،
جهنگل جي جُهوپڙيءَ تنهن پل محل جو رُوپ ورتو هو.
هوا جي هوڏ تي هِرکي، چَڳُن جون نانگڻيون نَچيون،
نگاهن ناز مان اُلجهي، بڪل جو روپ ورتو هو.
***
گهاٽو ٻٻر وڻ،
ڏينڀن جهڙي ڏينهن ۾،
هيٺان ٿڪل ڌڻ!
سنڌ قدرتي آفتن، فطري حادثن، ۽ هٿرادو سازشن وارن ڏُکن ڏُڌي ڌرتي آهي، جنهن درياهه بادشاهه جي ٻوڏ جو حشر به ڏٺو، ته زلزلن ۽ تازو سال ڏيڍ اڳ ڪراچيءَ ۾ عالمي سيمينار دوران ظاهر ڪيل رپورٽ ته: “سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن کي ڌارين، جن ۾ منگولن وڌ ۾ وڌ رتوڇاڻ ڪئي. شاهوڪار ۽ وسندڙ شهر تباهين جي ور چڙهي ويا، ان وڍ وڍان ۽ رَت رَتان واري ڪُهرام ۾ ڪٿي ڪنوارين جا ڪنگڻ رهجي ويا، ته ڪٿي ڌنارن جا ڳل ڳراٽيل ۽ چپن لڳل چنگ رهجي ويا، ڪٿي جيجلن جا جنڊ، ته ڪٿي نوورنين جا مَنڊ رهجي ويا، ۽ سدا کِلندڙ زندگين جا ڏيئا اُهجايا ويا. ڌارين جي دهشت جڏهن سنڌ جا ٺاٺا ڦِٽائي ڇڏيا، ته اسان جي شاعري به اهڙي سِرجڻ لڳي.
گوليءَ گوليءَ گهاءَ، پنگهي ۾ پيل ٻارڙو،
ڪَري دانهن ڪِري پئي، ماني پچندي ماءُ،
رڱجي ات ريٽا ٿيا، ڀيڻ اڳيان ٻئي ڀاءُ،
ڦٿڪي پيءُ پڌر تي، وريو وحشي واءُ،
ڪٽنب ڪسي گولين جو، ڪيو آڌرڀاءُ،
ٺا.. ٺا.. رڙيون ڳوٺ ۾، سڏ نه ڪوءِ سماءُ،
“ڍاڪو ماريا ماءُ”، سرخي آ اخبار جي،
***
سنڌ جي ڌرتيءَ تي،
ڏاڍا ڏينهن ڏِٺي،
ماڻهو ٿا اغوا ٿين!
ايئن وري ٻوڏ جيڪو سنڌ سان هاڃو ڪيو، اهو آئينو هن وائيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ماروءَ ماروءَ ماڳ،
چوڙيلين جو چاڳ،
لهرن منجهه لُڙهي ويو!
راڻا کوڙ رُلي ويا،
مومل جو هر ماڳ،
لهرن منجهه لڙهي ويو!
ايئن هن جي شاعري سنڌ جون سرحَدون اورانگهيندي، سرمد شهيد واري ماڳ دهلي جي هوائن ۾ آل انڊيا ريڊيو جي پروگرام؛ سَڄڻ توکي خبر ڪهڙي! تان وينا شرنگيءَ جي آواز ۾ به گونجندي رهي ته:
سنڌوءَ سُڪل سير،
سازش سانگيئڙن سان!
باهه ٿيا بُک اُڃ ۾،
مارو منجهه ملير،
سازش سانگيئڙن سان!
***
سنڌ جي ڌرتيءَ تي،
ڏاڍا ڏينهن ڏٺي،
ماڻهو ٿا اغوا ٿين!
ڪافيون ڪنور رام جون،
گونجيون ڪالهه جتي،
ماڻهو ٿا اغوا ٿين!
علي نواز جي شاعريءَ کي پنهنجو محاڪاتي پس منظر آهي، محبوبن جي ڇاندُن جهڙو منظر.
اُتر مُرڪيو، پشم جهڙا، فضا ۾ سنگ جُهومن ٿا،
پرين ڄڻ پيار پنهنجي جا، سمورا رنگ جُهومن ٿا.
اهڙي طرح حياتيءَ کي ٻيڙي جو پُور سڏڻ ۽ پوڙهي مُهاڻي جو پيريءَ ۾ ٻيڙيءَ جو ونجهه وهائيندي، پنهنجي جُوانيءَ تي ويچارڻ وارو هيءُ شعر به سندس ئي ڪمال آهي.
حياتي پُور ٻيڙيءَ جو، وهي آخر وهي ويندي،
مُهاڻي ۾ جوانيءَ جي وچن جا ونگ جاڳن ٿا.
۽ نديءَ جي لُڙ لهرن ۽ شورَ کي سُهڻيءَ جي ٻُڏڻ جو اُلڪو ۽ ماتم ڪوٺڻ واري تشبيهه کي به پنهنجا اُلڪا آهن.
نديءَ ۾ شور هي ڪيڏو، ڪنارا ڪُجهه ته سمجهايو،
وري سُهڻي ٻڏي ڇا ڪا؟ ستارا ڪُجهه ته سمجهايو.
اياز چيو آهي ته “شخصيتون تاريخ جا پَرَ هونديون آهن”. تاريخ جو اهڙو پَرُ سنڌ ۾ سيد امداد محمد شاهه جي به شخصيت هئي، جنهن جي ڇانوري ۾ سڄي سنڌ پرينءَ جو پاڇو بڻيل رهي، جنهن لاءِ اسان جي هن شاعر هينئن به چيو آهي ته:
“خود خدا جي خاص هڪڙي،
خيال جي تصوير هو،
هُو شخص،
سنڌ جي روح جي،
ويراڳ جي،
تحرير هو.
ادب جيئن ته قومن جي جياپي ۽ ترقيءَ جو اهڃاڻ هوندو آهي، اديب ۽ شاعر تاريخي قوم ۽ ملڪ جا ترجمان ۽ ريڊار هوندا آهن، جيڪي حساس هئڻ جي ناتي هر حالت کان عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳواٽ خبردار هوندا آهن، اهڙي ريت شاعر سماج جو حساس جيءُ هوندو آهي، جيڪو پنهنجي سماج ۾ رونما ٿيندڙ هر عمل کان متاثر ٿيندو رهندو آهي.
اسان جو سنڌي ڪلاسيڪل ادب سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۽ جيوت جو ساکي آهي، ان دؤر جي ڏات ڌڻين ۾ ٻه لاڙا چوٽ هوندا هئا، هڪڙي لاڙي جو چوڻ هيو ته بابا! چار سِٽون شاعريءَ جون لکي پنهنجي اندر جي انسان کي لولي ڏني سون. هاڻي جڳ جهان کي ٻُڌائڻ مان ڀلا ڪهڙو فائدو، ۽ ٻئي لاڙي وارن شاعرن وري تنبوري جي تار سان پنهنجي ڌرتي جون گهٽيون گونجائي، پنهنجي شاعريءَ کي الهامي آواز ڪري پيش ڪرڻ بدران قومي ۽ انسان ذات جو پيغام سمجهي کنيو ۽ هر ماڻهوءَ جي ڪنن تائين، انهيءَ جي پڙلاءَ پهچايا، ڀٽائي اسان وٽ انهيءَ لاڙي جو رهبر شاعر آهي.
شاعريءَ جي اها گُونج اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ جيئن جو تيئن گونجندي رهي ٿي، ۽ علي نواز ڏاهريءَ جي سموري شاعريءَ ۾ اسان کي اها گونج پرهه ڦٽيءَ نما لڳي رهي آهي.
ماڻڪ ملاح