شاعري

چانهونءَ مٿان چنڊ

”اکين ۾ الماس جو ورد پچاريندي لطيفي راهه جو راهي علي نواز ڏاهري به شاعريءَ جي روايتي پيچرن کي اورانگهي پنهنجا نوان رستا ۽ گس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ هن ڪيتري ڪاميابي ۽ سڦلتا ماڻي آهي، ان اندازو سندس هن ڪوتا ڪتاب ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ کي پڙهي با آساني لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي ڊگهي کيپ ۾ هن ڪويءَ جون ڪوتائون حساس دلين جي احساسن کي ڇهڻ جي ڀرپور سگهه رکن ٿيون.“
Title Cover of book چانهونءَ مٿان چنڊ

مهاڳ: چنڊ، هوا، ڇوليون

هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن منهنجي جاءِ پئي ٺهي، جاءِ جا ڌرتيءَ تي اڄ به ستر سيڪڙو غريب ماڻهن جو خواب آهي. سارا شگفته جي هڪ نظم جون سٽون آهن، جيڪي پڙهي هانءَ هميشه هٿن ۾ اچي پوندو آهي.
“هيءَ ڌرتي ماڻهوءَ جي ڊوڙڻ لاءِ،
ڪيتري نه وسيع ۽
ان جي رهڻ لاءِ،
ڪيتري نه سوڙهي آهي.”
مان پنهنجي ٻچڙن لاءِ ان سوڙهي ڌرتيءَ تي هڪ خوابگاهه جهڙي جاءِ جوڙائڻ جي خوابن ۾ هوس ته شاعر دوست علي نواز ڏاهري پنهنجي ڪتاب جو مسودو کڻي آيو ته هن تي مهاڳ لکان، تازو جڏهن پنهنجي دوست منظور جوکئي جي نئين سفرنامي جي تازو آيل ڪتاب “هوا جي ديوار” جو مهاڳ پڙهي رهيو هوس، تڏهن لفظ مهاڳ تي سوچيندي مونکي خيال آيو ته هر مسافر جي سفرنامي جو مهاڳ سندس اکيون هونديون آهن. اکيون جيڪي ستن آسمانن ۽ ستن مها سمونڊن جون دنيائون پاڻ وٽ سنڀالي رکڻ جون صلاحيتون رکنديون آهن.
منهنجي نظر ۾ هيءَ شاعري به ته احساسن جو سفرنامو ئي آهي، جنهن جو مُهاڳ به شاعر جون اُداس اکيون هجڻ گهرجن. ها البته سفرنامو جيئن ڏسبو آهي، تيئن تحرير ڪبو آهي، جڏهن ته مشاهدن کي جڏهن شاعريءَ جي تخيلاتي هئيت منجهان گذاريو آهي ته: اهي شاعراڻو روپ اختيار ڪندا آهن، ته مون چيو پئي ته مُهاڳ شاعِرَ جون اداس اکيون هجڻ گهرجن، اڄ جڏهن علينواز ڏاهريءَ جي شاعريءَ جو مُهاڳ لکي رهيو آهيان، تڏهن، هن جي اکين جو تصور ڪري سندس شاعريءَ جو ورق ورق پڙهي رهيو آهيان، جنهن ۾ بيت، وايون، ٽيڙو، پنجڪڙا، نظم ۽ غزل شامل آهن.
سندس هڪڙو نظم آهي ته
“يا خدا!
مون کي مجاز جي مچ ۾،
ڪُندن ڪري ڇڏ،
جيئن منهنجي ڏات جون ڏياٽيون،
خواجه فريد ۽ حمل فقير،
جي تسلسل کي،
برقرار رکي سگهن.”
ايئن علي نواز پنهنجي شاعريءَ جي ڏات وارين ڏياٽين جو سرچشمو مجاز کي سمجهي ٿو، ۽ هو پاڻ تي فريد ۽ حمل فقير جي تسلسل ۾ برقرار رکڻ چاهي ٿو.
اڳتي هلي هن پنهنجي شاعراڻن گسن گهڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، مان ان جو مثال هن جي هڪ نظم سان ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن جو عنوان “گم ٿيل شهر جي ڪٿا” آهي. ان جا پهريان ڇهه شعر شاهڪار آهن، جن ۾ مقصد ۽ هئيت جو امتزاج هڪ خاص منزل تي بيٺل آهي.

ڪٿا هن شهر جي يارو، صدين کان ڀي پراڻي هئي،
لٽيل تهذيب تي حملن جي پل پل جي ڪهاڻي هئي.

پهريون تحفو بسنتيءَ جو، ڀري جهوليون گلابن جون،
ڏيڻ گهر گهر ۾ مالهڻ جي، ايندي معصوم نياڻي هئي.

شهر جي شاهي مندر ۾، امڙ ڌرتيءَ جي مورت کي،
مٿو ٽيڪڻ هجومن ۾، ايندي راجا سان راڻي هئي.

گليءَ جي موڙ جي هُن ڀر، چون ٿا کوهه هوندو هو،
جتان خلقت سموريءَ جي، سدا اڃ پئي اجهائي هئي.
جهاڙين جون ونيون تڙ تي، اچي موهينديون ڏيئاهون،
جڏهن پن ڇڻ سندي رُت جي، اچي ويندي پڄاڻي هئي.

تڏهن معصوم اکڙين مان، اُڏيا ٿي ننڊ جا پوپٽ،
ٻڌي ٻارن جو ٻڍڙيءَ کان، ڪا پَرين جي ڪهاڻي هئي.

باقي چئن شعرن ۾ هن تي موسيقي حاوي آهي، هو پنهنجي شاعريءَ ۾، موسيقيءَ جو ايترو خيال رکي ٿو جو هن کان پوري مجموعي ۾ متشدد لفظ غير متشدد ٿي استعمال ٿي وڃن ٿا، ايئن هو هڪڙي خوبي ”سُرن جي خوبي“ تخليق ڪرڻ ۾ لفظن کي زخمي ڪرڻ جي خامي ٿو ڪري وڃي، باوجود ان جي نظم جي اهميت گهٽجي نٿي، بلڪه اها پڙهندڙ کي پنهنجو جادوئي اثر ايترو ته زور سان ٿي ڇڏي، جو اهو نظم جي تصور ڪيل دنيا جي رستن ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
علي نواز جي نظمن جو تعداد تمام ٿورڙو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري خارجي بيان آهي، پر اُهو شاعراڻي انداز کان وڌيڪ صحافتي انداز جو آهي، جيئن علي نواز جو مٿيون نظم آهي، يا جيئن سائين امداد محمد شاهه تي سندس نظم جون هي ٻه سٽون آهن.
خود خدا جي خاص هڪڙي،
خيال جي تصوير هو.
هي ٻه سٽون ڪيتريون نه سرل ۽ ڪيتريون نه آسان آهن، جن جي شعريت عام ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي.
ڪٿي سائين تنوير عباسيءَ دنيا جي شاعريءَ تي ڳالهائيندي ٽينسن لاءِ لکيو آهي ته؛ تمام خوبصورت لفظ، سادا، سٻاجها، مترنم ننڍا ننڍا بحر ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ مان کنيل تشبيهون ۽ استعارا جيڪي هر ماڻهو سمجهي وڃي.
علي نواز ننڍن بحرن بجاءِ پنهنجي غزل جي اظهار لاءِ طويل بحر استعمال ڪري ٿو، جيئن هن جا ڪي هم عصر به ڪن ٿا، پر علينواز ڏاهري پنهنجي هم عصر شاعرن وانگر هڪ هڪ سٽ ۾ ٻه چار بي جان ۽ بي معنيٰ تشبيهون ڏئي شعر کي منجهائي نٿو، بلڪه هو ته تشبيهه به ڪٿي ڪٿي استعمال ڪري ٿو.
پوپٽ جهڙي نازڪ منهنجي، پيار جو ٿيو احساس نه هن کي،
يارو! واقعي هان پاڳل هان! پيار گهريو مون سوبه پٿر کان.
پيار کي پوپٽ جهڙي نازڪ پڻي سان تشبيهه ڪيتري نه جمالياتي تشبيهه آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ چار دوست جمع نٿا ڪرڻا پون. علينواز تشبيهه کان وڌيڪ استعاري کي مهارت سان استعمال ڪري ٿو، سندس شعرن ۾ ڪجهه هي استعارا ڏسو.
جنوني منڍ جون شامون، اداسيءَ جي نذر ٿينديون،
تڏهن جيون تماشي جو، قصو منظوم ٿي ويندو.

نمن جي ٻور کان نازڪ، ڪنول گل کان به ڪونئرو آ،
اڃان هن پيار پونم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي.
حياتي پور ٻيڙيءَ جو، وهي آخر وهي ويندي،
مهاڻيءَ ۾ جوانيءَ جي، وڄن جا ونگ جاڳن ٿا.
مٿين شعرن ۾ جيون تماشو، حياتيءَ کي ٻيڙيءَ جو پُور ۽ پيار کي نمن جي ٻُورَ ۽ ڪنول گل کان به ڪونئرو سڏڻ ڪيترا نه خوبصورت استعارا آهن، جن ۾ مشاهدي جا رنگ به آهن ۽ سماجي سونهن به آهي.
منهنجي نظر ۾ شاعريءَ جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل وڌيڪ مشق ۽ ڌيان جو گهرجائو هوندو آهي. جيڪڏهن شاعريءَ جي فن جو عروج معلوم ڪرڻو هجي ته، اهو ان جي غزلن مان معلوم ڪري سگهبو آهي.
علينواز جو غزل هن جي ادراڪ ۽ مشق جو گڏيل ثمر آهي، اهو جيترو مترنم آهي اوترو ئي شعريت سان ڀرپور آهي. هي ڪجهه شعر اهڙي حسناڪيءَ جو اعليٰ مثال آهن:ــ

جفا جي شهر مان گذري، ڪيئي گلفام ساري ٿو،
انهيءَ رنگين موسم جي، مسافر شام ساري ٿو.
پرهه ويلي مڌر جنهن تان، فضا ۾ سُرَ پکيڙيا ٿي،
ٽٽل طوفان ۾ وڻ جي، چتون سا لام ساري ٿو.

اڃان آسن اميدن جي، صفا بنجر بڻي ڌرتي،
اڃان مرڪن ميلاپن جو، پري ڪيڏو ڪڪر آهي.

اتر مرڪيو پشم جهڙا، فضا ۾ سنگ جهومن ٿا،
پرين ڄڻ پيار پنهنجي جا، سمورا رنگ جهومن ٿا.

اسان يادن جي مستيءَ ۾، رهون مدهوش ٿا اڪثر،
بنا ڪنهن مئه ۽ ساقيءَ جي، طبيعت پُر بهار آهي.

سموري ڏيهه کي رڃ جو، ايئن ڇا ڏيڍ ڏسڻو هو،
سڪي مجبور سنڌؤَ جي، ڪنارن اڳ نه سوچيو هو.

مٺو محبوب مرليءَ سُرُ، سندس هر ساٿ جوڳين جيان،
وڇوڙي نانگ وحشيءَ جا، ڏهاڙي ڏنگ جاڳن ٿا.

نديءَ ۾ شور هي ڪيڏو، ڪنارا ڪجهه ته سمجهايو!
وري سهڻي ٻڏي ڪا ڇا؟ ستارا ڪجهه ته سمجهايو.

ايئن ڪونه چوندس ته هي علينواز ڏاهريءَ جا ڏهه شعر ڪو هر ڏهس تي ڀاري آهن، پر ايترو ضرور چوندس ته هنن ڏهن شعرن جي آرسيءَ ۾ هن جا شاعراڻا تصور ايترو ته چٽا آهن جو تاريخ جي ڪابه اوندهه انهن کي هروڀرو ڍڪي نٿي سگهي.
آخري شعر تان مون کي ياد آيو ته، ٽي ايس ايليٽ ڪٿي لکيو آهي ته: شاعر کي نه رڳو تاريخي شعور سان هٿياربند هئڻ گهرجي، بلڪه هن جي فڪري اڏام ايتري بلند هئڻ گهرجي جو هو ماضيءَ کي حال ۾ بدلائي ڇڏي، جيئن علي نواز ماضيءَ جي ٻڏل سهڻي کي حال ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.
علينواز پنهنجي شاعريءَ ذريعي سوال اڀاريندڙ شاعِرُ آهي، اهي سوال جيڪي ٻيڙين وانگر بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪِري لهرون پيدا ڪن ٿا، ايئن هو نراشا مان به آشا تلاش ڪندڙ شاعر آهي، خاص طرح هي شعر هن جي پنهنجي لهجي جي عڪاسي ڪندڙ آهن.

هُو سُر ۾ گڏي سڏڪا، تنبور تي تڙپيو پي،
جو ڌار ڪڏهن غم کان فنڪار رهيو ناهي.

هو روز ڪتابن سان الماڙيون سجائي ٿو،
خود ڪنهن به ڪهاڻيءَ جو ڪردار رهيو ناهي.

بارش جي نذر ڇا ٿيو، مصور جو ڪچو گهر هي،
ويا رنگ سڀئي وکري، شهڪار رهيو ناهي.

هنن شعرن ۾ جا احساس جي شدت آهي سا روح کي جهنجهوڙي ٿي ڇڏي ۽ پڙهندڙ کي پنهنجن رنگن جي تصويرن ۾ تبديل ڪري ٿي ڇڏي. هن جي شاعري روانيءَ جو وهندڙ اهڙو درياءُ آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪوبه پٿر جو بند نٿو ڏئي سگهجي.
سموري گفتگو جنهن جيءَ، غزل جو روپ ورتو هو،
انهيءَ جي بيرخي ڪنهن پل، اجل جو روپ ورتو هو.

سموري شهر جا رستا، کٽا ساڌوءَ جي ست سنگ تي،
جهنگل جي جهوپڙيءَ تنهن پل، محل جو روپ ورتو هو.
جهوپڙي محل جو روپ نه به وٺي پوءِ به اها خوبصورت آهي، رڳو شاعر شيلي جي لفظن ۾ ان کي اڏيندڙ جي اکين سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.
علينواز جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي اڻڇهيا تصور آهن، جيئن ساڌوءَ جي ستسنگ جو تصور آهي.
علينواز جي واين تي ڪلاسيڪيت وڌيڪ ڇانيل آهي، هن کي ماضيءَ جي وائيءَ کي حال ۾ بدلائڻ لاءِ نون خيالن طرف وڃڻو پوندو، جيتوڻيڪ هن جي واين ۾ لفظن مان پيدا ڪيل موسيقي به آهي ۽ منجهن شاعراڻو آهنگ به آهي، پر هن کي وائي کي جديد شڪل ڏيڻ لاءِ پنهنجي هڪ وائيءَ تي ويچارڻو پوندو.
سوچ ستي لڪڙي، حال اسانجو هي،
ڪيئن نئين تخليق ٿئي.
آکير بکُ باهه جو، پريشان پکي!
ڪيئن نئين تخليق ٿئي.
هن جي هڪ ٻيءَ وائي جا هي شعر به موهيندڙ آهن.
سپنا هرڻ هئا،
ڀڄندي نيٺ مئا،
جيون جي رڻ پٽ ۾.
سياست ڄڻ ته پليگ آ،
ڪردار به ڄڻ ته ڪئا،
جيون جي رڻ پٽ ۾.
“ڪردار به ڄڻ ته ڪئا” جي جاءِ تي “۽ ڪردار ڪئا” هجڻ گهرجي. دراصل موزون شاعريءَ لاءِ بحر ساهه وانگر آهي، جي اهو ڪٿي ٿڙيو ٿاٻڙيو ته خوبصورت ۾ خوبصورت خيال به هيٺ اچي ڦهڪو ڪندا.
سپنن کي هرڻ سڏڻ ۽ سياست کي پليگ سڏڻ اڄ جي دور جي حقيقت جا ٻه وڏا تصور آهن. ايئن ڄڻ اڄوڪي بدبودار سماج ۽ بي ضمير سياست تي هڪ ناقدانه تبصرو به آهن.
علينواز جيڪڏهن پنهنجي باقي هائيڪن کي، پنهنجي هن هائيڪي جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو ته هو پاڻ فرق ڪري پنهنجي هائيڪو. سفر کي نئين دڳ لائي سگهندو.
گهاٽو ٻٻر وڻ،
ڏينڀن جهڙي ڏينهن ۾،
هيٺان ٿڪل ڌڻ.
علي نواز جي هائيڪن ۾ هڪڙو هائيڪو نظم به آهي، ان کي باقي هائيڪو کان الڳ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جو پهريون ۽ آخري هائيڪو ٻئي ايترا خوبصورت آهن، جو ڀاشو انهن کي پڙهي ها ته ان کي مٿن مون وانگر پيار اچي وڃي ها.
ڪينجهر مٿي چنڊ،
نوري ستل ناوَ ۾،
چانڊوڪيءَ تي منڊ.
چنڊ، هوا، ڇوليون،
نوريءَ سپنا ڄام جا،
پکين ــ پروليون.
ڪينجهر تي چنڊ چمڪي رهيو آهي، نوري ٻيڙيءَ ۾ ستل آهي، ۽ اها چنڊ جي چانڊوڪيءَ تي ڄڻ منڊ آهي، نوري جي اکين ۾ ڄام سمي لاءِ سپنا پکين جي پرولين جهڙا آهن ۽ مٿان ساڳيو چنڊ آهي، جنهن کي ڪينجهر جي ڇولين ۽ ڏکڻ جي هوائن ڄڻ ته پڪاسو جي هڪ اسٽل تصوير بنائي ڇڏيو آهي، مان آخري هائيڪو تي سوچي ”چنڊ، هوا ۽ ڇوليون“ ٿي ويو آهيان.

اتر جي هوائن ۾ لکيل

وسيم سومرو
نوابشاهه