ڪتاب جو نالو: چانهونءَ مٿان چنڊ
مصنف: علي نواز ڏاهري
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 25 جولائي 2020 ع
پڙهيو ويو: 348 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 99 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”اکين ۾ الماس جو ورد پچاريندي لطيفي راهه جو راهي علي نواز ڏاهري به شاعريءَ جي روايتي پيچرن کي اورانگهي پنهنجا نوان رستا ۽ گس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ هن ڪيتري ڪاميابي ۽ سڦلتا ماڻي آهي، ان اندازو سندس هن ڪوتا ڪتاب ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ کي پڙهي با آساني لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي ڊگهي کيپ ۾ هن ڪويءَ جون ڪوتائون حساس دلين جي احساسن کي ڇهڻ جي ڀرپور سگهه رکن ٿيون.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ: چنڊ، هوا، ڇوليون
  • واهه! ڏاهري تُنهنجي ڏات!!
  • پرينءَ جي پيارَ جون ڇاندون...!
  • تتل ٽامون
  • بيت

  • چانهونءَ مٿان چنڊ
  • عشق آريءَ ڄام جو
  • مورَ پيا مرندا وڃن
  • هو جو سوار ڪميت تي
  • دهشتگردي ديس
  • صورت صورت سور
  • ساڳيو “م” مسجد ۾
  • سڄڻ تنهنجي سار
  • سامي صورت ــ وند
  • يوسف وڇڙيو راڳ کان
  • وايون

  • دڙي جون دانهون ــ
  • ٻهڪي ٿو ٻيلو ــ
  • جيون چٿر، ٽوڪ ــ
  • مرڪي جيئن ڏٺوءِ،
  • ڏاڍو آن تون ڏور ــ
  • تن ۾ تنوارون،
  • چمڪيا چوڏهين ـ چنڊَ ــ
  • روڊن، چوڪن، رستن تي، ڳوٺ يا شهر اندر ــ
  • سنڌ جي ڌرتيءَ تٖي،
  • سنڌ سُکنِ کان ڌار، توتٖي موت ميار ــ
  • سپنا هرڻ هئا،
  • ڪيڏي پيهان ــ پيهَه ــ
  • سوچ سَتي لڪڙي،
  • ماروءَ ماروءَ ماڳ، چوڙيلين جو چاڳ ــ
  • حد نه ڪوءِ حساب ــ
  • سرتيون! سرت، سهاڳ،
  • تنهنجي ساٿ سوا،
  • مادر! آءُ مُٺياس، اڀرئي سج اٿياس ــ
  • خاموشيءَ جو راڳ ــ
  • سرتيون! سڀ ڄمار،
  • لکندي ڪوءِ غزل ــ
  • ڀِٽون بُٺَ بڻيل،
  • هائيڪا

  • ھائيڪا
  • پنجڪڙا

  • پنجڪڙا
  • نظم

  • گم ٿيل شهر جي ڪٿا
  • سؤ روڳ زندگيءَ جا
  • هر دور جي ڪربل جي، ساڳي ته ڪهاڻي آ
  • سمجهي خواب وساري ڇڏجان
  • جنوني حڪمرانو! جنگيون نه ڇيڙيو
  • تنهنجي ٻڍڙي هردي ۾ ڪو، ڏاهر وارو روح هئو.
  • سيد جي سنڌ کان موڪلاڻي
  • روح جي ويراڳ جي تحرير
  • هڪ صديءَ جي سيني ۾ اڄ سورهن ساله دل ٿي ڌڙڪي
  • قنديل جا قاتل
  • ڏات اسان جي ڏيهه جِي ديوي
  • يار مجيد جي نانءُ
  • واڍي جو پٽ واڍو ٿيندو
  • تون ئي تون
  • پٿر جي شڪايت
  • سائين محمد ابراهيم جويو جي نانءُ
  • هم خيالي
  • خودڪشي
  • سنگتراش
  • نئين دور جو لقمان حڪيم
  • ڏات جون ڏياٽيون
  • چنڊ جي چاهنا
  • چند ٽڪن جي قيمت
  • غزل

  • جفا جي شهر مان گذري، ڪيئي گلفام سارٖي ٿو
  • آ جواني گذارِي، غمن ڳڻتين ۾،
  • دلڪش لمحو، جاڳي ٿو پيو،
  • پرين چمپا چهرو، نگاهه نُورَ، ڌارا،
  • اتر مُرڪيو پشم جهڙا، فضا ۾ سنگ جهومن ٿا،
  • پرهه جي هير ۾ مهڪِي، جوئر جا سنگ جاڳن پيا،
  • پيڙا جو بنواس گذارٖي، عشق سڏيو ته هليو آيس،
  • ڏسو! عشق ۾ ٿيو چريو پيو وڃي،
  • ايئن اُجڙي صفا وڃبو، نظارن اڳ نه سوچيو هو،
  • جڏهن گيت گجرا ٿي، سجيا واسينگ وارن ۾،
  • اسان جو نانءُ شل پرينءَ چپن تٖي، اداس موسم جو گيت بنجٖي،
  • گذاريل عشق ــ گهڙين جو، اڃا ساڳيو اثر آهي،
  • پروڪين عشق ــ گهڙين جو، اڃا ساڳيو خمار آهي،
  • اڃا دردن جي موسم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي،
  • هيڏو سارو ڳوٺ لتاڙي، پريمي جوڙو نڪري ويو آ،
  • چاهه ۾ چنچل اکيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا،
  • الاءِ ڇو؟ من جٖي ماتم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ،
  • اندر ۾ يادن جا ديپ ٻاري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪياسين،
  • سموري گفتگو جنهن جي، غزل جو روپ ورتو هو،
  • اکين ۾ سونهن ــ سپنن سان، ڪوئي گلفام رهندو آ،
  • هي برفن جي ڀنل رت ۾، اندر ڇو آڳ ڀڙڪي ٿي،
  • جنون رُتِ جون رقابتون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!
  • اداس موسم اوجاڳا ارپيا، آرام ڪو پل نه اکين ڪيو آ،
  • نديءَ ۾ شور هي ڪيڏو! ڪنارا ڪجهه ته سمجهايو،
  • چمي پرين جو حسين چهرو، نگاهه ماڻيو ثواب آهي،
  • اسان خواب پوکيا، اکين جٖي صحن تي،
  • قبول آهن اسان کي سڀ، پرين الزام محبت جا،
  • هو ته لڇندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو،
  • هن دل جي حالت تي، اختيار رهيو ناهي،
  • راتيون گهائين روح اسان جا، ڏينهن به ناهن گهٽ ڏمر کان،
  • آهون، لڙڪ سِسِڪيون، کڻي رات ايندي، مگر مان نه هوندس
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 43
    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: چانهونءَ مٿان چنڊ
    موضوع: شاعري
    شاعر: علي نواز ڏاهري
    ڇاپو پهريون: جنوري 2017ع
    ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: آفتاب احمد هنڱورو
    ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ڪيليگرافي: احمد نواز ڏاهري
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966
    ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
    www.sindhsalamat.com

    مُلهه: 250 روپيا

    Chanhoon mathan Chand
    (Poetry)
    By: Ali Nawaz Dahri
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چانھونءَ مٿان چنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب علي نواز ڏاھريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
    ”اکين ۾ الماس جو ورد پچاريندي لطيفي راهه جو راهي علي نواز ڏاهري به شاعريءَ جي روايتي پيچرن کي اورانگهي پنهنجا نوان رستا ۽ گس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ هن ڪيتري ڪاميابي ۽ سڦلتا ماڻي آهي، ان اندازو سندس هن ڪوتا ڪتاب ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ کي پڙهي با آساني لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي ڊگهي کيپ ۾ هن ڪويءَ جون ڪوتائون حساس دلين جي احساسن کي ڇهڻ جي ڀرپور سگهه رکن ٿيون.“
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    هي پهريون ڪتاب
    امان ۽ بابا جي نانءُ
    جن جي اکين ۾ منهنجي سهڻي مستقبل جي آس جا سپنا جاڳندا هئا.
    جن غربت ۾ به منهنجين ننڍڙين خواهشن جي ساڀبيان لاءِ پاڻ پتوڙي به دلي سڪون محسوس ٿي ڪيو.
    ڪاش! اهي اڄ هيءَ ڪتاب ڏسن ها ته ڏاڍا خوش ٿين ها.

    علي نواز ڏاهري


    پبلشر نوٽ

    چنڊ جي سهائي چانهونءَ جي دڙي مٿان ڪيتري سونهين ٿي ان جا اولڙا علي نواز ڏاهري جي شاعريءَ ۾ بخوبي پسي سگهجن ٿا. علي نواز ڏاهري جي هن پهرين شعري مجموعي ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ ۾ موجود شاعريءَ جون مختلف صنفون سندس داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي اهڙي احساساتي نچوڙ سان سرشار آهن، جن ۾ سونهن، سوڀيا ۽ سچ جو عنصر تي شامل آهي ئي آهي پر ڌرتيءَ جي درد ۽ پرت جي پنڌ جا به داستان انوکي نموني بيان ڪيل آهن، خاص طور سندس غزلن کان علاوه بيت ، نظم ۽ وايون دلفريب منظر نگاري ۽ وڇوڙي جي ورلاپن جو حسين مظهر آهن، سندس بيان ڪيل لفظن جي رواني۽ رچاءَ جو چس پاڻمرادو من جي اونهائين کي چاشني بخشي ٿو.
    اکين ۾ الماس جو ورد پچاريندي لطيفي راهه جو راهي علي نواز ڏاهري به شاعريءَ جي روايتي پيچرن کي اورانگهي پنهنجا نوان رستا ۽ گس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ هن ڪيتري ڪاميابي ۽ سڦلتا ماڻي آهي، ان اندازو سندس هن ڪوتا ڪتاب ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ کي پڙهي با آساني لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي ڊگهي کيپ ۾ هن ڪويءَ جون ڪوتائون حساس دلين جي احساسن کي ڇهڻ جي ڀرپور سگهه رکن ٿيون، اميد ته سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران علي نواز ڏاهري هن پهرين مجموعي جي اشاعت پڻ سنڌي ادب به نه فقط واڌ جو سبب بڻبي پر نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي وڌيڪ سهڻو لکڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪندي.


    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    پنهنجي پاران

    دلين جي ديس تي غمن جي آرين جون ڪي اوچتيون ۽ لڳاتار هلائون ۽ حملا ٿيندا آهن، ته ڪيئي منَ موهن دڙا ۽ ڪيئي چاهت نگريون چانهونءَ دڙن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. جيون جي جنگاهه ۾ روحَ تڏهن رتوڇاڻ ٿيڻ لڳندا آهن، جڏهن ديس جي ڌرتيءَ تي، اچتو بڇايل آپدائون، آزاديءَ جي عشق جي ديويءَ کي سربازار سنگسار ڪري خوشيءَ مان شو مهاراج جيان ٽانڊو ناچ نچنديون چؤطرف تباهي ۽ برباديءَ جا منظر پيش ڪنديون آهن ته بهارن جي سِرَ تان گلن ڦلن جا تاج لهي خزان جي لانگ بوٽن هيٺان لتاڙجڻ لڳندا آهن.
    جيون جفاڪشيءَ جو نانءُ ته ضرور آهي، پر بيروزگاريءَ جي رڃ، صحرا ۾ ڀٽڪندڙ هٺيلن هرڻن جهڙن حسين خوابن جي قتل کانپوءِ ڪنهن امڙ جي آسن ۽ اميدن جي چراغ جي خودڪشيءَ جي درد جي ڪرڀ جي سيلهه ڪنڊن کي ڪوئي پنهنجي هانءُ ۾ چڀندو محسوس ڪري ته پوءِ ان کي ڪهڙو نانءُ ڏجي!؟
    سور جون سئو صورتون ۽ هزارين حوالا هوندا آهن. درد جا لاتعداد روپ ۽ نانءُ هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن پيار پڇتاءُ به بنجي پوندو آهي، ته گٽر يا گند جي ڍير تي پوپٽ جهڙي معصوم ٻارڙي جو لاش ڪانءُ ڪتن جو کاڄ بنجي ويندو آهي ته انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويندو آهي، ۽ صبح تائين چنڊ ماڪ جي صورت ۾ لڙڪ لڙڪ ٿي ڳڙندو آهي.
    زندگي مور جو ٽهوڪو يا برساتي رُت جو رقص هجي ته هجي پر ڪائي انڊلٺ جهڙي اپسرا، ڊيل جهڙي جواني ٽپي، عمر جي ٽپهريءَ کي اورانگهي، سينڌ ۾ چانديءَ، تارون سجائي رهندڙ ڪا ڪنواري، جيڪا بيبي مريم به نٿي بنجي سگهي، ان جي محرومين کي آخر ڪهڙو نانءُ ڏجي!؟.
    هوءَ گڏين جهڙي معصوم ۽ البيلي ڇوڪري، جنهن جي عذاب ــ راتين جي اڪيلائيءَ جي درد کي ڪهڙو نانءُ ڏجي، جنهن کي ڪچڙيءَ عمر ۾ ئي قبائلي وحشيت بيواهه بنائي جيئڻ جا سارا گس اونداها ڪري ڇڏيا هجن.
    ۽ هوءَ شرم ٻوٽيءَ جهڙي لڄاري ۽ مينهن وساڙي جهڙي نازڪ، نفيس، جيجل جي نيڻن جو نور ۽ سماج ۾ ستن قرآنن جي برابر نياڻي، جنهن کي پراڻي دشمنيءَ جي پلاند پارڻ لاءِ ڪاريءَ جي ڪوڙي الزام هيٺ ڪهاڙين سان ڪهي، جنهن جي جيجل کي سندس منهن به نه ڏيکاريو ويو هجي ۽ اوندهه ۾ بي ڪفنو لاش لوڙهيو ويو هجي.
    يا هوءُ جهور ڪراڙو پيءُ جنهن جي خوشين جو خون ڪري، کيس هن عمر ۾ ڪونڌر پٽن جي لاشن کي ڪلهو ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو هجي ۽ جنهن لاءِ انصاف به انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو بڻيل هجي، جنهن جو اندر انتقام جي بٺي ۾ تبديل ٿي چڪو هجي پر ٻانهنِ ۾ سو ٻل نه رهيو هجيس.
    درد ڪنهن محبوب ماڻهوءَ جي اوچتي ازلي سفر تي اسهڻ جو هجي يا ڪنهن وڇوڙي جي دائمي وڍ جو، جيڪو من جي زخم کان به وڌيڪ ڀيانڪ هوندو آهي، جڏهن زندگيءَ جو هر قدم درد جي پلصراط تان گذرندي محسوس ڪبو آهي.
    ڪنهن جي روين ۽ لهجن جي تيرن جا گهاءُ يا رنج، رسامن جي بيمارين جون ڇُريون به ته روح کي ڇلي رتورت ڪري ڇڏينديون آهن.
    ڪپل وستو جي شهزادي، سڌارٿ مان بڻيل مهاتما ٻڌ جي نگاهن سان ڀلي ڪير هن سڄي سنسار کي ڏسڻ جي سگهه نه رکندو هجي، پر پوءِ به هر حساس دل ماڻهوءَ جي ڪنن ۾ دور خلائن مان هر ويل ڪائي آذان ٻُرندي ٿي رهي ته “جيون دکن، دردن جو نانءُ آــ” ۽ فطرت انسان جو ري ايڪشن (Re action) ڏسڻ ٿي گهري.
    ڪنهن قلم ڪار تي انهن گهڙين جو فوري ۽ فطري ري ايڪشن (Re action) هميشه گرم لڙڪن يا ٿڌڙن ساهن جي صورت ۾ نڪري نروار ٿيندو آهي. شاعري انهن گرم لڙڪن يا ٿڌڙن ساهن جي حاصلات جو نانءُ هوندي آهي.
    منهنجي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو “چانهونءَ مٿان چنڊ” به منهنجي گرم لڙڪن يا ٿڌڙن ساهن جي حصول جي حاصلات آهي.
    پنهنجي هن شاعريءَ جي حوالي سان مان ڪا به وڏي دعوا نه ڪندس. فقط ايترو چوندس ته هيءُ منهنجي اندر جو آواز ۽ ذاتي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جي احساسن جا عڪس اولڙا آهن، جن جي آرسيءَ ۾ ڪنهن کي به پنهنجي درد جي جهلڪ جو ذرڙو به نظر ٿو اچي ته مونکي پنهنجي پيار جو پورهيو ڪارائتو ۽ سڦل لڳندو.
    ڪتاب جو نالو “چانهونءَ مٿان چنڊ” انڪري به تجويز ڪيو اٿم جو لڳندو اٿم ته ڪنهن جنم ۾ مان به چانهونءَ جي شهر جو رهواسي رهيو آهيان ۽ چنڊ ان جو اڄ به ساکي آهي.
    دوست ڪيتري ئي وقت کان مونکي ڪتاب آڻڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا هئا، مگر ان معاملي ۾ مان انتهائي سست رهيو آهيان.
    وڏي مهرباني ڀاءُ محمد يعقوب ڏاهريءَ جي، جنهن ڪتاب کي ڇپائڻ جو سارو وزن پنهنجن ڪلهن تي کڻيو، نه ته شايد اڃا به مختلف ڊائرين ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو هجي ها.
    وڏا احسان پنهنجي محسن محترم سائين مير محمد پيرزادي جن جا، جنهن سڄي مجموعي کي پڙهي، درست ڪري، سنواري سُڌاري، صنف وائيز ترتيب ڪري ڏنو.
    لک مهربانيون پنهنجي ڀائرن جهڙي دوست محترم وسيم سومري جون، جنهن پنهنجي قيمتي ۽ مصروف وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي هن ڪتاب تي دل سان مهاڳ لکي ڏنو.
    لک لائق بزرگ سائين عبدالحڪيم “ارشد” صاحب جا، جنهن طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ۽ نظر گهٽجي وڃڻ باوجود به بيڪ ٽائيٽل (Back Title)لکي ڏنو.
    لک مهربانيون ڀاءُ ماڻڪ ملاح جون، جنهن تاريخي پسمنظر ۾ منهنجي شاعريءَ جو ڏاڍي سهڻي نموني ڇيد ڪندي تمام پيارو مضمون لکيو آهي.
    مان احسان پنهنجي پياري ڀاءُ ساحر راهوءَ جا به نه وساريندس، جنهن خاموشي خاموشيءَ ۾ منهنجي شاعريءَ توڙي مزاج تي ڀرپور راءِ ڏني آهي.
    انتهائي احسان پنهنجي پياري دوست ۽ سڄڻ ساٿي معشوق ڌاريجي جا جنهن تمام گهڻي پيارَ سان منهنجي شاعريءَ کي پڙهيو ۽ سوديو ۽ سنواريو.
    پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ احمد نواز ڏاهريءَ جون محبتون جنهن وڏيءَ محنت سان اسڪيچ ٺاهيا آهن.
    سڀني کان وڏي مهرباني ڀاءُ ساجد سنڌي جي، جنهن پنهنجي سمبارا پبليڪيشن مان هيءَ ڪتاب ڇپائي مون کي مان بخشيو آهي.


    علي نواز ڏاهري
    0300-3216296


    مهاڳ: چنڊ، هوا، ڇوليون

    هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن منهنجي جاءِ پئي ٺهي، جاءِ جا ڌرتيءَ تي اڄ به ستر سيڪڙو غريب ماڻهن جو خواب آهي. سارا شگفته جي هڪ نظم جون سٽون آهن، جيڪي پڙهي هانءَ هميشه هٿن ۾ اچي پوندو آهي.
    “هيءَ ڌرتي ماڻهوءَ جي ڊوڙڻ لاءِ،
    ڪيتري نه وسيع ۽
    ان جي رهڻ لاءِ،
    ڪيتري نه سوڙهي آهي.”
    مان پنهنجي ٻچڙن لاءِ ان سوڙهي ڌرتيءَ تي هڪ خوابگاهه جهڙي جاءِ جوڙائڻ جي خوابن ۾ هوس ته شاعر دوست علي نواز ڏاهري پنهنجي ڪتاب جو مسودو کڻي آيو ته هن تي مهاڳ لکان، تازو جڏهن پنهنجي دوست منظور جوکئي جي نئين سفرنامي جي تازو آيل ڪتاب “هوا جي ديوار” جو مهاڳ پڙهي رهيو هوس، تڏهن لفظ مهاڳ تي سوچيندي مونکي خيال آيو ته هر مسافر جي سفرنامي جو مهاڳ سندس اکيون هونديون آهن. اکيون جيڪي ستن آسمانن ۽ ستن مها سمونڊن جون دنيائون پاڻ وٽ سنڀالي رکڻ جون صلاحيتون رکنديون آهن.
    منهنجي نظر ۾ هيءَ شاعري به ته احساسن جو سفرنامو ئي آهي، جنهن جو مُهاڳ به شاعر جون اُداس اکيون هجڻ گهرجن. ها البته سفرنامو جيئن ڏسبو آهي، تيئن تحرير ڪبو آهي، جڏهن ته مشاهدن کي جڏهن شاعريءَ جي تخيلاتي هئيت منجهان گذاريو آهي ته: اهي شاعراڻو روپ اختيار ڪندا آهن، ته مون چيو پئي ته مُهاڳ شاعِرَ جون اداس اکيون هجڻ گهرجن، اڄ جڏهن علينواز ڏاهريءَ جي شاعريءَ جو مُهاڳ لکي رهيو آهيان، تڏهن، هن جي اکين جو تصور ڪري سندس شاعريءَ جو ورق ورق پڙهي رهيو آهيان، جنهن ۾ بيت، وايون، ٽيڙو، پنجڪڙا، نظم ۽ غزل شامل آهن.
    سندس هڪڙو نظم آهي ته
    “يا خدا!
    مون کي مجاز جي مچ ۾،
    ڪُندن ڪري ڇڏ،
    جيئن منهنجي ڏات جون ڏياٽيون،
    خواجه فريد ۽ حمل فقير،
    جي تسلسل کي،
    برقرار رکي سگهن.”
    ايئن علي نواز پنهنجي شاعريءَ جي ڏات وارين ڏياٽين جو سرچشمو مجاز کي سمجهي ٿو، ۽ هو پاڻ تي فريد ۽ حمل فقير جي تسلسل ۾ برقرار رکڻ چاهي ٿو.
    اڳتي هلي هن پنهنجي شاعراڻن گسن گهڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، مان ان جو مثال هن جي هڪ نظم سان ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن جو عنوان “گم ٿيل شهر جي ڪٿا” آهي. ان جا پهريان ڇهه شعر شاهڪار آهن، جن ۾ مقصد ۽ هئيت جو امتزاج هڪ خاص منزل تي بيٺل آهي.

    ڪٿا هن شهر جي يارو، صدين کان ڀي پراڻي هئي،
    لٽيل تهذيب تي حملن جي پل پل جي ڪهاڻي هئي.

    پهريون تحفو بسنتيءَ جو، ڀري جهوليون گلابن جون،
    ڏيڻ گهر گهر ۾ مالهڻ جي، ايندي معصوم نياڻي هئي.

    شهر جي شاهي مندر ۾، امڙ ڌرتيءَ جي مورت کي،
    مٿو ٽيڪڻ هجومن ۾، ايندي راجا سان راڻي هئي.

    گليءَ جي موڙ جي هُن ڀر، چون ٿا کوهه هوندو هو،
    جتان خلقت سموريءَ جي، سدا اڃ پئي اجهائي هئي.
    جهاڙين جون ونيون تڙ تي، اچي موهينديون ڏيئاهون،
    جڏهن پن ڇڻ سندي رُت جي، اچي ويندي پڄاڻي هئي.

    تڏهن معصوم اکڙين مان، اُڏيا ٿي ننڊ جا پوپٽ،
    ٻڌي ٻارن جو ٻڍڙيءَ کان، ڪا پَرين جي ڪهاڻي هئي.

    باقي چئن شعرن ۾ هن تي موسيقي حاوي آهي، هو پنهنجي شاعريءَ ۾، موسيقيءَ جو ايترو خيال رکي ٿو جو هن کان پوري مجموعي ۾ متشدد لفظ غير متشدد ٿي استعمال ٿي وڃن ٿا، ايئن هو هڪڙي خوبي ”سُرن جي خوبي“ تخليق ڪرڻ ۾ لفظن کي زخمي ڪرڻ جي خامي ٿو ڪري وڃي، باوجود ان جي نظم جي اهميت گهٽجي نٿي، بلڪه اها پڙهندڙ کي پنهنجو جادوئي اثر ايترو ته زور سان ٿي ڇڏي، جو اهو نظم جي تصور ڪيل دنيا جي رستن ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
    علي نواز جي نظمن جو تعداد تمام ٿورڙو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري خارجي بيان آهي، پر اُهو شاعراڻي انداز کان وڌيڪ صحافتي انداز جو آهي، جيئن علي نواز جو مٿيون نظم آهي، يا جيئن سائين امداد محمد شاهه تي سندس نظم جون هي ٻه سٽون آهن.
    خود خدا جي خاص هڪڙي،
    خيال جي تصوير هو.
    هي ٻه سٽون ڪيتريون نه سرل ۽ ڪيتريون نه آسان آهن، جن جي شعريت عام ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي.
    ڪٿي سائين تنوير عباسيءَ دنيا جي شاعريءَ تي ڳالهائيندي ٽينسن لاءِ لکيو آهي ته؛ تمام خوبصورت لفظ، سادا، سٻاجها، مترنم ننڍا ننڍا بحر ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ مان کنيل تشبيهون ۽ استعارا جيڪي هر ماڻهو سمجهي وڃي.
    علي نواز ننڍن بحرن بجاءِ پنهنجي غزل جي اظهار لاءِ طويل بحر استعمال ڪري ٿو، جيئن هن جا ڪي هم عصر به ڪن ٿا، پر علينواز ڏاهري پنهنجي هم عصر شاعرن وانگر هڪ هڪ سٽ ۾ ٻه چار بي جان ۽ بي معنيٰ تشبيهون ڏئي شعر کي منجهائي نٿو، بلڪه هو ته تشبيهه به ڪٿي ڪٿي استعمال ڪري ٿو.
    پوپٽ جهڙي نازڪ منهنجي، پيار جو ٿيو احساس نه هن کي،
    يارو! واقعي هان پاڳل هان! پيار گهريو مون سوبه پٿر کان.
    پيار کي پوپٽ جهڙي نازڪ پڻي سان تشبيهه ڪيتري نه جمالياتي تشبيهه آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ چار دوست جمع نٿا ڪرڻا پون. علينواز تشبيهه کان وڌيڪ استعاري کي مهارت سان استعمال ڪري ٿو، سندس شعرن ۾ ڪجهه هي استعارا ڏسو.
    جنوني منڍ جون شامون، اداسيءَ جي نذر ٿينديون،
    تڏهن جيون تماشي جو، قصو منظوم ٿي ويندو.

    نمن جي ٻور کان نازڪ، ڪنول گل کان به ڪونئرو آ،
    اڃان هن پيار پونم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي.
    حياتي پور ٻيڙيءَ جو، وهي آخر وهي ويندي،
    مهاڻيءَ ۾ جوانيءَ جي، وڄن جا ونگ جاڳن ٿا.
    مٿين شعرن ۾ جيون تماشو، حياتيءَ کي ٻيڙيءَ جو پُور ۽ پيار کي نمن جي ٻُورَ ۽ ڪنول گل کان به ڪونئرو سڏڻ ڪيترا نه خوبصورت استعارا آهن، جن ۾ مشاهدي جا رنگ به آهن ۽ سماجي سونهن به آهي.
    منهنجي نظر ۾ شاعريءَ جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل وڌيڪ مشق ۽ ڌيان جو گهرجائو هوندو آهي. جيڪڏهن شاعريءَ جي فن جو عروج معلوم ڪرڻو هجي ته، اهو ان جي غزلن مان معلوم ڪري سگهبو آهي.
    علينواز جو غزل هن جي ادراڪ ۽ مشق جو گڏيل ثمر آهي، اهو جيترو مترنم آهي اوترو ئي شعريت سان ڀرپور آهي. هي ڪجهه شعر اهڙي حسناڪيءَ جو اعليٰ مثال آهن:ــ

    جفا جي شهر مان گذري، ڪيئي گلفام ساري ٿو،
    انهيءَ رنگين موسم جي، مسافر شام ساري ٿو.
    پرهه ويلي مڌر جنهن تان، فضا ۾ سُرَ پکيڙيا ٿي،
    ٽٽل طوفان ۾ وڻ جي، چتون سا لام ساري ٿو.

    اڃان آسن اميدن جي، صفا بنجر بڻي ڌرتي،
    اڃان مرڪن ميلاپن جو، پري ڪيڏو ڪڪر آهي.

    اتر مرڪيو پشم جهڙا، فضا ۾ سنگ جهومن ٿا،
    پرين ڄڻ پيار پنهنجي جا، سمورا رنگ جهومن ٿا.

    اسان يادن جي مستيءَ ۾، رهون مدهوش ٿا اڪثر،
    بنا ڪنهن مئه ۽ ساقيءَ جي، طبيعت پُر بهار آهي.

    سموري ڏيهه کي رڃ جو، ايئن ڇا ڏيڍ ڏسڻو هو،
    سڪي مجبور سنڌؤَ جي، ڪنارن اڳ نه سوچيو هو.

    مٺو محبوب مرليءَ سُرُ، سندس هر ساٿ جوڳين جيان،
    وڇوڙي نانگ وحشيءَ جا، ڏهاڙي ڏنگ جاڳن ٿا.

    نديءَ ۾ شور هي ڪيڏو، ڪنارا ڪجهه ته سمجهايو!
    وري سهڻي ٻڏي ڪا ڇا؟ ستارا ڪجهه ته سمجهايو.

    ايئن ڪونه چوندس ته هي علينواز ڏاهريءَ جا ڏهه شعر ڪو هر ڏهس تي ڀاري آهن، پر ايترو ضرور چوندس ته هنن ڏهن شعرن جي آرسيءَ ۾ هن جا شاعراڻا تصور ايترو ته چٽا آهن جو تاريخ جي ڪابه اوندهه انهن کي هروڀرو ڍڪي نٿي سگهي.
    آخري شعر تان مون کي ياد آيو ته، ٽي ايس ايليٽ ڪٿي لکيو آهي ته: شاعر کي نه رڳو تاريخي شعور سان هٿياربند هئڻ گهرجي، بلڪه هن جي فڪري اڏام ايتري بلند هئڻ گهرجي جو هو ماضيءَ کي حال ۾ بدلائي ڇڏي، جيئن علي نواز ماضيءَ جي ٻڏل سهڻي کي حال ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.
    علينواز پنهنجي شاعريءَ ذريعي سوال اڀاريندڙ شاعِرُ آهي، اهي سوال جيڪي ٻيڙين وانگر بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪِري لهرون پيدا ڪن ٿا، ايئن هو نراشا مان به آشا تلاش ڪندڙ شاعر آهي، خاص طرح هي شعر هن جي پنهنجي لهجي جي عڪاسي ڪندڙ آهن.

    هُو سُر ۾ گڏي سڏڪا، تنبور تي تڙپيو پي،
    جو ڌار ڪڏهن غم کان فنڪار رهيو ناهي.

    هو روز ڪتابن سان الماڙيون سجائي ٿو،
    خود ڪنهن به ڪهاڻيءَ جو ڪردار رهيو ناهي.

    بارش جي نذر ڇا ٿيو، مصور جو ڪچو گهر هي،
    ويا رنگ سڀئي وکري، شهڪار رهيو ناهي.

    هنن شعرن ۾ جا احساس جي شدت آهي سا روح کي جهنجهوڙي ٿي ڇڏي ۽ پڙهندڙ کي پنهنجن رنگن جي تصويرن ۾ تبديل ڪري ٿي ڇڏي. هن جي شاعري روانيءَ جو وهندڙ اهڙو درياءُ آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪوبه پٿر جو بند نٿو ڏئي سگهجي.
    سموري گفتگو جنهن جيءَ، غزل جو روپ ورتو هو،
    انهيءَ جي بيرخي ڪنهن پل، اجل جو روپ ورتو هو.

    سموري شهر جا رستا، کٽا ساڌوءَ جي ست سنگ تي،
    جهنگل جي جهوپڙيءَ تنهن پل، محل جو روپ ورتو هو.
    جهوپڙي محل جو روپ نه به وٺي پوءِ به اها خوبصورت آهي، رڳو شاعر شيلي جي لفظن ۾ ان کي اڏيندڙ جي اکين سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.
    علينواز جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي اڻڇهيا تصور آهن، جيئن ساڌوءَ جي ستسنگ جو تصور آهي.
    علينواز جي واين تي ڪلاسيڪيت وڌيڪ ڇانيل آهي، هن کي ماضيءَ جي وائيءَ کي حال ۾ بدلائڻ لاءِ نون خيالن طرف وڃڻو پوندو، جيتوڻيڪ هن جي واين ۾ لفظن مان پيدا ڪيل موسيقي به آهي ۽ منجهن شاعراڻو آهنگ به آهي، پر هن کي وائي کي جديد شڪل ڏيڻ لاءِ پنهنجي هڪ وائيءَ تي ويچارڻو پوندو.
    سوچ ستي لڪڙي، حال اسانجو هي،
    ڪيئن نئين تخليق ٿئي.
    آکير بکُ باهه جو، پريشان پکي!
    ڪيئن نئين تخليق ٿئي.
    هن جي هڪ ٻيءَ وائي جا هي شعر به موهيندڙ آهن.
    سپنا هرڻ هئا،
    ڀڄندي نيٺ مئا،
    جيون جي رڻ پٽ ۾.
    سياست ڄڻ ته پليگ آ،
    ڪردار به ڄڻ ته ڪئا،
    جيون جي رڻ پٽ ۾.
    “ڪردار به ڄڻ ته ڪئا” جي جاءِ تي “۽ ڪردار ڪئا” هجڻ گهرجي. دراصل موزون شاعريءَ لاءِ بحر ساهه وانگر آهي، جي اهو ڪٿي ٿڙيو ٿاٻڙيو ته خوبصورت ۾ خوبصورت خيال به هيٺ اچي ڦهڪو ڪندا.
    سپنن کي هرڻ سڏڻ ۽ سياست کي پليگ سڏڻ اڄ جي دور جي حقيقت جا ٻه وڏا تصور آهن. ايئن ڄڻ اڄوڪي بدبودار سماج ۽ بي ضمير سياست تي هڪ ناقدانه تبصرو به آهن.
    علينواز جيڪڏهن پنهنجي باقي هائيڪن کي، پنهنجي هن هائيڪي جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو ته هو پاڻ فرق ڪري پنهنجي هائيڪو. سفر کي نئين دڳ لائي سگهندو.
    گهاٽو ٻٻر وڻ،
    ڏينڀن جهڙي ڏينهن ۾،
    هيٺان ٿڪل ڌڻ.
    علي نواز جي هائيڪن ۾ هڪڙو هائيڪو نظم به آهي، ان کي باقي هائيڪو کان الڳ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جو پهريون ۽ آخري هائيڪو ٻئي ايترا خوبصورت آهن، جو ڀاشو انهن کي پڙهي ها ته ان کي مٿن مون وانگر پيار اچي وڃي ها.
    ڪينجهر مٿي چنڊ،
    نوري ستل ناوَ ۾،
    چانڊوڪيءَ تي منڊ.
    چنڊ، هوا، ڇوليون،
    نوريءَ سپنا ڄام جا،
    پکين ــ پروليون.
    ڪينجهر تي چنڊ چمڪي رهيو آهي، نوري ٻيڙيءَ ۾ ستل آهي، ۽ اها چنڊ جي چانڊوڪيءَ تي ڄڻ منڊ آهي، نوري جي اکين ۾ ڄام سمي لاءِ سپنا پکين جي پرولين جهڙا آهن ۽ مٿان ساڳيو چنڊ آهي، جنهن کي ڪينجهر جي ڇولين ۽ ڏکڻ جي هوائن ڄڻ ته پڪاسو جي هڪ اسٽل تصوير بنائي ڇڏيو آهي، مان آخري هائيڪو تي سوچي ”چنڊ، هوا ۽ ڇوليون“ ٿي ويو آهيان.

    اتر جي هوائن ۾ لکيل

    وسيم سومرو
    نوابشاهه


    واهه! ڏاهري تُنهنجي ڏات!!

    مانوارا قارئين! اسان جي بيحد پياري شاعر علي نواز ڏاهري جي شاعريءَ جو مجموعو ”چانهونءَ مٿان چنڊ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب شاعريءَ جي مختلف صنفن، بيت، وايون، هائيڪا، پنجڪڙا، نظم ۽ غزل جو ظاهري ۽ معنوي لحاظ سان نهايت خوبصورت گُلدستو آهي. علي نواز ڏاهريءَ جي هيءَ شاعري پڙهي ۽ ٻُڌي منهنجي دل مان بي اختيار نڪري ويو ته: “واهه! ڏاهري تنهنجي ڏات!!”
    سچ پُڇو ته علي نواز ڏاهريءَ جي شاعري پنهنجي فني ۽ فڪري گهرائيءَ جي لحاظ سان انتهائي داد ۽ مڃتا جي لائق آهي. سچ چيو اٿن ته: ڏات پنهنجي اظهار ۽ ارپنا جي لحاظ سان پنهنجي مرضيءَ جي پاڻ مالڪ ۽ خودمختيار هوندي آهي.
    ڏات وٽ ڪنهن به سينيئر ۽ جونيئر جو ڪوبه فرق ناهي، ڏات ڪنهن وڏي نامياري شخصيت يا ڳوٺاڻي پورهيت فنڪار ۾ ڪوبه تفاوت نٿي رکي. علي نواز جي هيءَ شاعري پڙهي آئون احساس ڪمتريءَ ۾ مُبتلا ٿي ويو آهيان ۽ دل مان بي اختيار صدا نڪرندي آهي. ڪاش! مان به اهڙي شاعري ڪري سگهان ها!
    هن جا ڪُجهه نظم محمد ابراهيم جويي، سائين جي ايم سيد، سيد امداد احمد شاهه، امن جي عنوان “جنوني حڪمرانو! جنگيون نه ڇيڙيو” سنڌي ادب ۾ شاهڪار تخليقون قرار ڏئي سگهجن ٿيون.
    علي نواز ڏاهري خوشي نصيب شاعر آهي ته هن جو ڳوٺڙو سڪرنڊ ۾ چانهونءَ جهڙي قديمي ۽ تاريخي ماڳ جي ڀر ۾ آهي، چانهونءَ جي دڙي بابت هن جي شاعري عالمي قدرن جي پاسداري ڪري ٿي، آئون غزل ۽ نظم جو شاعر آهيان، پر مون جڏهن علي نواز ڏاهري جو نظم “جنوني حڪمرانو! جنگيون نه ڇيڙيو” ٻُڌو ۽ پڙهيو ته مون کان رڙ نڪري وئي ته “بيشڪ هر پويون ايندڙ، پهرئين کان زور هوندو آهي”. علي نواز جو اهو نظم جيڪڏهن اردوءَ ۾ لکيو وڃي ها ته اردو ادب جا ترقي پسند هن کي ساحر لُڌيانويءَ جو لقب ڏين ها، آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته سندس اهو نظم جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ٻاهرين مُلڪن تائين پهچي وڃي ته سندس اهو نظم امن جي موضوع تي شاهڪار تخليقن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو.
    علي نواز ڏاهريءَ جي شاعري احساسن ڀري ۽ هر ٻُڌندڙ تي اثر ڇڏيندڙ شاعري آهي، پر يار! اسان وٽ رڳو عهدن کي ڏٺو وڃي ٿو. علي نواز ڏاهري ته هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جو رهاڪو آهي ۽ واپڊا ۾ ننڍڙي ملازمت ڪندڙ مزدور! پر هن جي شاعري هڪ ڏينهن ضرور اسان جي دلين تان ساڙ ۽ حسد جي زنگ لاهيندي، ۽ اکين تان انڌ جا کوپا! ۽ هن نوجوان جي جيڪا شاعري آهي، تاريخ جو اثاثو ٿي ويندي، ۽ هيءَ قوم به هن شاعر جي سِٽ سِٽ تي ناز ڪندي.
    اڃا ڪلهوڪي ڳالهه آهي جو هِن شاعريءَ جي ڪلا کيتر ۾ پهريون قدم رکيو هو. خبر ناهي ته هن جي اندر جي ڀڙڪندڙ ڀونءِ ۽ ٻرندڙ جبل وانگر اوچتو ڦاٽ کائي فن ۽ فڪري جي بُلندين کي ڇُهڻ لڳي آهي.
    ذاتي ۽ شخصي لحاظ سان علي نواز ڏاهري نهايت ماٺيڻو، سٻاجهڙو، پرخلوص ۽ هر وقت ڪنهن اونهي ۽ گهَرِي سوچ ۾ مستغرق نظر ايندو آهي، مون کي ان جي مطالعي جو ذوق به ڏاڍو پسند ايندو آهي. سندس پسنديده موضوع فڪري ۽ فلسفي ۽ ذهنن ۾ اُٿل پُٿل آڻيندڙ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ ڪتاب هوندا آهن.
    آئون دل جي گهراين سان دُعاگو آهيان ته شال سندس ڏات اڃا وڌيڪ عروج حاصل ڪري، خدا کيس ڊگهي ڄمار عطا ڪري، ۽ هرطرح جي خوشين سان شاد آباد رکي ۽ سندس اولاد کي برڪتون عطا ڪري، ۽ هي ڪتاب سنڌ ڌرتي ماءُ جي قدمن ۾ شال اگهامي ۽ قبول پوي. آمين


    دُعاگو
    عبدالحڪيم “ارشد”
    سڪرنڊ


    پرينءَ جي پيارَ جون ڇاندون...!

    علي نواز پهريان ڏَهري هُيو يا ڏاهري، اُها خبر ته هڪ الله کي پر ڏهري يا ڏاهري، ٻئي مون لاءِ اوترائي مُعتبر لفظ آهن، جيترا پيار ڪندڙ جوڙيءَ جي پيار ڪرڻ جا پهريان لفظ!
    ڏهري، ٻن ڀِٽُن جي وچاڳ جا ماڻهو هُوندا آهن، ۽ ڏاهري آئون چوندو آهيان ته سنڌ جي سپوت راجا ڏاهري جا پوئلڳ ماڻهو آهن، علي نواز ڏاهري تي لکندي، آئون نه ته ڏهريءَ کان مُنهن موڙي ٿو سگهان ۽ نه وري ڏاهريءَ جو دامن ڇڏي ٿو سگهان!
    منهنجي خيال ۾ علي نواز “ڏَهري” به آهي ته “ڏاهري” به آهي، اُن ڪري هن جي ضمير ۽ خمير ۾ سُورج ديوي ۽ پرمل ديويءَ جي تخمي به اچي وڃي ٿي، ته مارئيءَ واري مليرائي به اچي وڃي ٿي.
    صدين جو مان گيت پُراڻو، هر ڪنهن چپ تي آيل آهيان،
    غم کي هر ڪنهن موقعي تي مان، ڳوڙهن سان گڏ ڳايل آهيان.
    اسان جي هن شاعر جو ڳوٺڙو، “ڄام ڏاهري” ان وچاڳ جو ڳوٺڙو آهي. آڳاٽي ۽ پهرين سڪرنڊ شهر جي مِٽيءَ سان سُواسِيَلُ ۽ شڪر ڍنڍ واريءَ جهوليءَ وارو هيءُ ڳوٺڙو ۽ ڳوٺاڻان ڪيئن نه ڏهري هجن، جو آڳاٽو سنڌو، هاڪڙو ۽ مهراڻ جي لقبن سان پنهنجا ڀاڪر هِن ئي علائقي ۾ ڀريندو، هاڻوڪيءَ واٽ پهتو هُيو، ته پوئتي رُڳو ڀٽون، دڙا، وارياسا پَٽ ۽ پيچرا رهائيندو ويو، جيڪي ڏهرن جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. انهن ڀٽن ۽ پَٽن جي پيدائش آهي. علي نواز ڏاهري.
    جنهن جو ڳوٺڙو بلڪل اُن واهوندي ۾ موجود آهي، جتي جنگ جا طبل وڳا ها ته وڏو غوغاءُ به ٿيو هو، ۽ “کڏهر” جهڙي واهوندي تي نالو ئي اُن غوغاءَ جو پئجي ويو هو. يعني غوغاءَ ۽ انياءَ وارو علائقو!
    اسان جي شاعر جو ڳوٺڙو “ڄام ڏاهري” ۽ “کڏهر” ان واهڙ ۽ ڪنڌيءَ جا ڳوٺ آهن، جتان “ساوندي” ڍنڍ جنهن کي محققن وڪر بهار، شڪر بهار ۽ ساوندي ڪري پئي لکيو ۽ سڏيو آهي، اها ساوندي پار ڪندي عرب حُڪمران محمد بن قاسم، سنڌ جي راجا ڏاهر کي قتل ڪندو، سيوهڻ وڃي رهيو هو.
    آئون نٿو ڀُلجان ته اُها ساوندي پنهنجي صحيح تلفظ ۽ ساءِ ندي هُجي. يعني ٻيڙين واري ندي، جيڪا پوءِ شڪر ڍنڍ بڻجي وئي، اسان جا تاريخدان ساوندي کي سن ساوڙي ڪوٺي هڪڙي ڀُل مان گذري رهيا آهن.
    سيد عظيم الدين ٺٽوي جڏهن شڪر ڍنڍ جو ذڪر ڪندي ساراهه جون سُرڪيون ڀريندي لکي ٿو ته: “هِن ڍنڍ جهڙي هند سنڌ ۾ ٻي ڍنڍ نٿي سُجهي ته پوءِ چچ نامي ۾ بيان ڪيل حوالو ته محمد بن قاسم، برهمڻ آباد فتح ڪرڻ کانپوءِ سيوهڻ لاءِ ساونديءَ تي اچي ساهي پٽي هئي، جيڪا پنهنجي دؤر جي عاليشان پتڻ، واپارڪي ۽ وڻجارڪي ڍنڍ هئي، ته اُها جاگرافيائي حوالي سان عظيم الدين ٺٽويءَ جي بيان ڪيل شڪر ڍنڍ ئي آهي، جنهن جا نشان اڄ به سُتيارو سرهاڙي روڊ سان ڏسي سگهجن ٿا. اها ئي اها ساوندي آهي. جنهن ۾ اچي سڪرنڊ واري پاسي ۽ پوءِ سيوهڻ ۽ ٻين شهرن ۾ عرب حڪمران، وطن وارن سان وڙهي، علي نواز ڏاهريءَ جي آدجڳادي وڏڙن جي اولاد ۾ روڄ راڙو مچائي ڇڏيو هو. اُها ئي ڍنڍ ساوندي آهي، جيڪا ميرن جي دؤر ۾ عظيم الدين ٺٽوي جي نيڻن جو ٺار ٿي ۽ شڪر ڍنڍ جهڙو لقب حاصل ڪيائين.
    اُن ڍنڍ ۽ آڳاٽي شڪر ڍنڍ يعني هزارا سال پراڻي تهذيب رکندڙ سنڌين جي عظيم تهذيب واري شهر “چانهون”، يعني پهرئين سڪرنڊ واري وستيءَ جي وارث لوڪن جو اولاد آهن، ڏاهري ۽ ڏهري!
    ديس ۽ ديس ڌڻين سان ٿيندڙ دولابن کي رڳو شاعر ئي سمجهي سگهن ٿا. علي نواز ڏاهريءَ جي شاعري به پاڻ سان صديون ۽ زمانا کڻي هلي ٿي، زمانن ۽ انهن اندر ايندڙ ۽ ٿيندڙ تبديلين کي وجود ۾ سمائيندڙ شاعري کي دوام هجي ٿو. سنڌ جي ڀَٽن ۽ ڀانن واري شاعري زمانن ۽ واقعن واري شاعري آهي، جنهن مان سنڌ جي تاريخ جو گمنام دؤر آئينو بڻجي وڃي ٿو.
    ايئن ئي علي نواز جي شاعريءَ ۾ زمانا سمائي هلندڙ تخيل جا واهڙ آهن، جن جي گجگوڙ اسان جي سُجاڳي آهي. شاعري جيڪا هڪ شاعر وٽ دل جي ۽ سائنٽيفڪ سوچ رکندڙ سائنسدان وٽ دماغ جي خوراڪ هجي ٿي، ڪيئن به هجي پر ڪلاسيڪل زمانن کي اها دل جون ڦرهيون پڙهائيندي آهي.
    سڪرنڊ جي اصلوڪي راڄڌانيءَ واري سرزمين تي “ڀڙو” بڻيل “چانهونءَ جو دڙو” سنڌ جي ايامن جو هوڪو آهي، ايامن کان اُتي سڪرنڊ واسي ڪيئن هئا، اتي ان وقت سنڌ ڪيئن جڳمڳائيندي رهي هئي، ان جي عڪاسي ڪندي علي نواز ڏاهريءَ جيڪا شاعري ڪئي آهي، اها سنڌ جو هڪ پُورو يُگ سنڀاليندڙ شاعري آهي. ايئن شاعريءَ ۾ تاريخ ۽ تاريخ ۾ شاعري علي نواز جي تخليقي دَيَنَ آهي.

    ڪٿا هن شهر جي يارو! صدين کان ڀي پراڻي هئي،
    لُٽيل تهذيب تي حملن جي، پل پل جي ڪهاڻي هئي.

    پهريون تحفو بسنتيءَ جو، ڀري جهوليون گلابن جون،
    ڏيڻ گهر گهر ۾ مالهڻ جي، ايندي معصوم نياڻي هئي.

    شهر جي شاهي مندر ۾، امڙ ڌرتيءَ جي مورت کي،
    مٿو ٽيڪڻ هجومن ۾، ايندي راجا سان راڻي هئي.

    گليءَ جي موڙ جي هن ڀر، چون ٿا کوهه هوندو هو،
    جتان خلقت سموريءَ جي، سدا اڃ پئي اجهاڻي هئي.

    جهازين جون ونيون تڙ تي، اچي موهينديون ڏيئا هون،
    جڏهن پن ڇڻ سندي رُت جي، اچي ويندي پڄاڻي هئي.

    تڏهن معصوم اکڙين مان، اڏايا ٿٖي ننڊ جا پوپٽ،
    ٻڌي ٻارن جو ٻڍڙيءَ کان، ڪا پرينءَ جي ڪهاڻي هئي.

    گهڙي ڇا سنگتراش هڪڙي، حسين ڌرتيءَ جي مورت هئي،
    انهيءَ تي سال هن نگري، وڏي خوشحالي ماڻي هئي.

    هتي گيتن ۽ رقصن کي، ته حاصل خاص تقدس هو،
    هتي هر شخص جي يارو! طبيعت عاشقاڻي هئي.

    جنهن لئه تڙپي ڪوي ڪوئي، رچيندو گيت هو غم جا،
    ڪنولن کان به ڪومل سا، هتي جي ڪا مهاڻي هئي.

    انهن جي عشق جا الميا، ڌرم ڌرتيءَ سندو بڻيا،
    سدا تاريخ مان “نواز” اهڙي خوشبو اڏاڻي هئي.
    “چانهونءَ” جو دڙو، سڪرنڊ تعلقي ۾ سنڌ جي اها تهذيب ۽ تمدن رکندڙ تاريخ وارو ماڳ آهي، جنهن جي قدامت موهن جو دڙو سان برميچيندڙ آهي. اهو چانهون اڄڪلهه پنهنجن جي ستم ظريفيءَ جو شڪار آهي، جتي وڏيرا ان جا پاسا کائي زمينون ويڪريون ڪري رهيا آهن. اُتي اسان جي حڪمرانن جي محلن جي دروازي تي هي تاريخي ورثو بي سهارو بڻيل آهي، ان تاريخي ورثي واري دڙي تي جڏهن مينهن وسندو آهي، ته ان مان ناياب شيون ايئن ظاهر ٿي پونديون آهن، جيئن سورنهن ساليءَ جي ڇاتيءَ جا تِر “وهي” ظاهر ڪري وجهندا آهن.
    دڙي مٿان ٻار، چانهون چُپ چپات آ،
    تهذيبي تاريخ تي هي ننڍڙا ڪردار،
    ڇا ٿا ڳولين ڇوڪرا، بارش کانپوءِ يار،
    يا هُو پنهنجا پيار، وڃايل ووڙين ٿا؟
    علي نواز جي شاعريءَ جون سِٽون پڙهندي، گوتم جون اُهي اکيون ياد ٿيون اچن، جيڪي تنهائيءَ نگاهي سجدن سان لوليون ڏئي، دل ۽ دماغ جون اُمنگون “انت بحر دي ڪل نه ڪائي”، “رنگي رنگن بنايا” ڪري وجهنديون هُيون.
    سموري شهر جا رستا، کُٽا ساڌوءَ جي سڌ سنگ تي،
    جهنگل جي جُهوپڙيءَ تنهن پل محل جو رُوپ ورتو هو.

    هوا جي هوڏ تي هِرکي، چَڳُن جون نانگڻيون نَچيون،
    نگاهن ناز مان اُلجهي، بڪل جو روپ ورتو هو.
    ***
    گهاٽو ٻٻر وڻ،
    ڏينڀن جهڙي ڏينهن ۾،
    هيٺان ٿڪل ڌڻ!
    سنڌ قدرتي آفتن، فطري حادثن، ۽ هٿرادو سازشن وارن ڏُکن ڏُڌي ڌرتي آهي، جنهن درياهه بادشاهه جي ٻوڏ جو حشر به ڏٺو، ته زلزلن ۽ تازو سال ڏيڍ اڳ ڪراچيءَ ۾ عالمي سيمينار دوران ظاهر ڪيل رپورٽ ته: “سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن کي ڌارين، جن ۾ منگولن وڌ ۾ وڌ رتوڇاڻ ڪئي. شاهوڪار ۽ وسندڙ شهر تباهين جي ور چڙهي ويا، ان وڍ وڍان ۽ رَت رَتان واري ڪُهرام ۾ ڪٿي ڪنوارين جا ڪنگڻ رهجي ويا، ته ڪٿي ڌنارن جا ڳل ڳراٽيل ۽ چپن لڳل چنگ رهجي ويا، ڪٿي جيجلن جا جنڊ، ته ڪٿي نوورنين جا مَنڊ رهجي ويا، ۽ سدا کِلندڙ زندگين جا ڏيئا اُهجايا ويا. ڌارين جي دهشت جڏهن سنڌ جا ٺاٺا ڦِٽائي ڇڏيا، ته اسان جي شاعري به اهڙي سِرجڻ لڳي.
    گوليءَ گوليءَ گهاءَ، پنگهي ۾ پيل ٻارڙو،
    ڪَري دانهن ڪِري پئي، ماني پچندي ماءُ،
    رڱجي ات ريٽا ٿيا، ڀيڻ اڳيان ٻئي ڀاءُ،
    ڦٿڪي پيءُ پڌر تي، وريو وحشي واءُ،
    ڪٽنب ڪسي گولين جو، ڪيو آڌرڀاءُ،
    ٺا.. ٺا.. رڙيون ڳوٺ ۾، سڏ نه ڪوءِ سماءُ،
    “ڍاڪو ماريا ماءُ”، سرخي آ اخبار جي،
    ***
    سنڌ جي ڌرتيءَ تي،
    ڏاڍا ڏينهن ڏِٺي،
    ماڻهو ٿا اغوا ٿين!
    ايئن وري ٻوڏ جيڪو سنڌ سان هاڃو ڪيو، اهو آئينو هن وائيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
    ماروءَ ماروءَ ماڳ،
    چوڙيلين جو چاڳ،
    لهرن منجهه لُڙهي ويو!
    راڻا کوڙ رُلي ويا،
    مومل جو هر ماڳ،
    لهرن منجهه لڙهي ويو!
    ايئن هن جي شاعري سنڌ جون سرحَدون اورانگهيندي، سرمد شهيد واري ماڳ دهلي جي هوائن ۾ آل انڊيا ريڊيو جي پروگرام؛ سَڄڻ توکي خبر ڪهڙي! تان وينا شرنگيءَ جي آواز ۾ به گونجندي رهي ته:
    سنڌوءَ سُڪل سير،
    سازش سانگيئڙن سان!
    باهه ٿيا بُک اُڃ ۾،
    مارو منجهه ملير،
    سازش سانگيئڙن سان!
    ***
    سنڌ جي ڌرتيءَ تي،
    ڏاڍا ڏينهن ڏٺي،
    ماڻهو ٿا اغوا ٿين!
    ڪافيون ڪنور رام جون،
    گونجيون ڪالهه جتي،
    ماڻهو ٿا اغوا ٿين!
    علي نواز جي شاعريءَ کي پنهنجو محاڪاتي پس منظر آهي، محبوبن جي ڇاندُن جهڙو منظر.
    اُتر مُرڪيو، پشم جهڙا، فضا ۾ سنگ جُهومن ٿا،
    پرين ڄڻ پيار پنهنجي جا، سمورا رنگ جُهومن ٿا.
    اهڙي طرح حياتيءَ کي ٻيڙي جو پُور سڏڻ ۽ پوڙهي مُهاڻي جو پيريءَ ۾ ٻيڙيءَ جو ونجهه وهائيندي، پنهنجي جُوانيءَ تي ويچارڻ وارو هيءُ شعر به سندس ئي ڪمال آهي.
    حياتي پُور ٻيڙيءَ جو، وهي آخر وهي ويندي،
    مُهاڻي ۾ جوانيءَ جي وچن جا ونگ جاڳن ٿا.
    ۽ نديءَ جي لُڙ لهرن ۽ شورَ کي سُهڻيءَ جي ٻُڏڻ جو اُلڪو ۽ ماتم ڪوٺڻ واري تشبيهه کي به پنهنجا اُلڪا آهن.
    نديءَ ۾ شور هي ڪيڏو، ڪنارا ڪُجهه ته سمجهايو،
    وري سُهڻي ٻڏي ڇا ڪا؟ ستارا ڪُجهه ته سمجهايو.
    اياز چيو آهي ته “شخصيتون تاريخ جا پَرَ هونديون آهن”. تاريخ جو اهڙو پَرُ سنڌ ۾ سيد امداد محمد شاهه جي به شخصيت هئي، جنهن جي ڇانوري ۾ سڄي سنڌ پرينءَ جو پاڇو بڻيل رهي، جنهن لاءِ اسان جي هن شاعر هينئن به چيو آهي ته:
    “خود خدا جي خاص هڪڙي،
    خيال جي تصوير هو،
    هُو شخص،
    سنڌ جي روح جي،
    ويراڳ جي،
    تحرير هو.
    ادب جيئن ته قومن جي جياپي ۽ ترقيءَ جو اهڃاڻ هوندو آهي، اديب ۽ شاعر تاريخي قوم ۽ ملڪ جا ترجمان ۽ ريڊار هوندا آهن، جيڪي حساس هئڻ جي ناتي هر حالت کان عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳواٽ خبردار هوندا آهن، اهڙي ريت شاعر سماج جو حساس جيءُ هوندو آهي، جيڪو پنهنجي سماج ۾ رونما ٿيندڙ هر عمل کان متاثر ٿيندو رهندو آهي.
    اسان جو سنڌي ڪلاسيڪل ادب سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۽ جيوت جو ساکي آهي، ان دؤر جي ڏات ڌڻين ۾ ٻه لاڙا چوٽ هوندا هئا، هڪڙي لاڙي جو چوڻ هيو ته بابا! چار سِٽون شاعريءَ جون لکي پنهنجي اندر جي انسان کي لولي ڏني سون. هاڻي جڳ جهان کي ٻُڌائڻ مان ڀلا ڪهڙو فائدو، ۽ ٻئي لاڙي وارن شاعرن وري تنبوري جي تار سان پنهنجي ڌرتي جون گهٽيون گونجائي، پنهنجي شاعريءَ کي الهامي آواز ڪري پيش ڪرڻ بدران قومي ۽ انسان ذات جو پيغام سمجهي کنيو ۽ هر ماڻهوءَ جي ڪنن تائين، انهيءَ جي پڙلاءَ پهچايا، ڀٽائي اسان وٽ انهيءَ لاڙي جو رهبر شاعر آهي.
    شاعريءَ جي اها گُونج اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ جيئن جو تيئن گونجندي رهي ٿي، ۽ علي نواز ڏاهريءَ جي سموري شاعريءَ ۾ اسان کي اها گونج پرهه ڦٽيءَ نما لڳي رهي آهي.


    ماڻڪ ملاح


    تتل ٽامون

    چنيءَ جي پاند ۾ ٽاڪيل ستار ڇا ڄاڻي، محبوب جي راهه ڏسڻ لاءِ اکيون دز بنجي وينديون آهن. ڏک جي پنهنجي الڳ وستي ۽ جهان ٿيندو آهي، جنهن ۾ عاشق، زماني جا ٺڪرايل ديوانا، شاعر، موسيقار، سنگتراش ۽ مصور رهندا آهن.
    عشق جو ڪو به مذهب ڪونهي، شاعري خوشبوءِ جو رقص هوندي آهي. درد جي ديس جو مسافر جڏهن هڪ ئي وقت محبوب جي زلفن جو اسير به هجي ۽ تخليقڪار به ته زندگي ڦڙو ڦڙو ٿي اڃايل چپن تي ٽمندي رهندي آهي، ۽ منهنجو دوست علينواز ڏاهري ڄانڀي جي ڦلڙين جهڙا تلخ نظم ۽ غزل لکندو آهي. نواز ڏاهري انهن ذهين پڙهندڙ ۽ لکندڙن مان آهي، جن کي غمِ جانان سان گڏ سماج جي اڻ برابري واري پهلوءَ تي به ڊگهي نظر آهي.
    سندس نظمن ۾ محبوب جي جوڀن جون انگڙايون به آهن ته ڪچري تي پيل تازي ڄآول ٻار جي دانهنِ جا پڙاڏا به آهن. نواز جي غزلن ۾ چنڊ کي ڇهڻ جي چاهنا ۾ اڏي ساڻي ٿيندڙ چڪور جو ڪرڀ به آهي ته سماج جي وڏائي ۽ غرور ۾ ورتل نئين دولتمندن لاءِ دل ۾ ڌڪار، اکين ۾ ڪروڌ ۽ چپن تي تلخيون به آهن. نواز پنهنجي سڀني خوبصورتين سان گڏ ڏات جي ڏيهه ۾ رنگ وکيري رهيو آهي. پيار جي پنڌ تي کنيل سندس وکن کي اسين سندس ٽهيءَ جا دوست خوشبوءِ جا ڀاڪر آڇي رهيا آهيون. شاعريءَ جي ور وڪڙ رستن تي نواز هوريان هوريان نهايت هوشياريءَ سان قدم رکي رهيو آهي.
    نواز جا نظم ۽ غزل سندس اندر جي پيڙا جو پرتوو به آهن ته سماج جي روح ۾ رچيل برائيءَ تي وار به آهن ته محبوب جي اڪيلائي ۾ ڏکندڙ انگڙاين جو اولڙو به آهن. زندگي جون تلخيون به آهن ته پيار جي پيچرن تي پوکيل مينڌيءَ جا ٻوٽا، نازبوءَ جا اڇا، واڱڻائي گل به آهن.

    ساحر راهو


    بيت

    چانهونءَ مٿان چنڊ

    پرهه جا ها پار، ڪوئل ڪوڪي ڄار تان،
    تن جو ڪوئي توجهه نه آ، جن جي ڪل ڄمار،
    چانهونءَ جا آثار، ڀرندا وڃن ڀونءِ تان.

    چانهونءَ مٿان چنڊ، سانت سڄو سنسار آ،
    سوچيو رات سياح ٿي، مايا ۾ ڇا منڊ!
    اڄ به ايشيا کنڊ، توجهه نه ڏي تاريخ تي.

    چانهون چپ چپات، ماڪ ڀني ماحول ۾،
    روئي رڙهي رات، دڙي سندي درد تي.

    اڄ به ٿو چانهون، سڏي هر هڪ سياح کي،
    ته آهيان اُتاهون، عالم جي اتهاس کان.

    عشق، عقل جي اوج جي، هيءَ آ ڪهاڻي،
    اکين ۾ پاڻي، چانهونءَ مٿان چنڊ کي.

    دڙي تي هيءَ ٻار، چانهون چپ چپات آ،
    تهذيبي تاريخ کان، اڻواقف ڪردار،
    بارش کان پوءِ يار! ڇا ٿا ميڙين ڇوڪرا.

    دڙي مٿان ٻار، چانهون چپ چپات آ،
    تهذيبي تاريخ تي، هي ننڍڙا ڪردار،
    ڇا ٿا ڳولهين ڇوڪرا، بارش کانپوءِ يار،
    يا هي پنهنجا پيار، وڃايل ووڙين ٿا.

    ڪيئي منهنجي ڪُکِ ۾، دفن داستان،
    آزاديءَ عنوان، سانڍيو وتان صدين کان.

    ڪيئي منهنجي ڪُکِ ۾، عشق سندا اظهار،
    چانهونءَ جا آثار، سڏن ساري لوڪ کي.

    ڪيئي منهنجي ڪُکِ ۾، دفن ڪٿائون،
    اڄ به ٿو چانهون، ساري ساڳي اوج کي.

    ڪيئي منهنجي ڪُکِ ۾، دفن ڪهاڻيون،
    وَريون واچوڙن جيان، اُلِري اماڙيون،
    راتيون رت ــ هاڻيون، سنڀران ڏينهن ڏهاڳ جا.

    هيءَ مٽي هي ماڳُ، ورثو ڪل جهان جو،
    ڀونءِ سندو آ ڀاڳ، چانهونءَ جا آثار هي.

    چانهونءَ سنديءَ چُپُ مان، ديس ڪئي جا دانهن،
    ڪَنُ ڏئي ٻڌي ڪانهن، ماڻهو ماٺ وڪوڙيا.

    اُڀَ سان آکاڻيون، دڙي سليون دردَ مان،
    ڏٺم ڏينهن ڏهاڳ جا، راتيون رت ـ هاڻيون،
    ڪيڏيون ڪهاڻيون، چانهونءَ اوريون چُپُ ۾.

    چانهونءَ مٿان مينهن، وسندي وسندي رات ٿي،
    جيڪو اڀريو ڏينهن، تنهن جهوريو دڙي جيءَ کي.

    چانهونءَ تي برسات، آڌيءَ اوهيرا ڪيا،
    جيڪا گذري رات، ميٽيائين ٿي ماڳ کي.

    دراوڙ هن ديس جا، “پرهه جا پياڪ”،
    جن جي چوطرف هئي، ڌرتيءَ مٿي ڌاڪ،
    چنڊ، چڪورن کي ڏسيا، جلوا پئي حسناڪ،
    چانهون مَٿي ماڪ، ماٺ سڄو ماحول هو.
    ***

    چانهونءَ جو دڙو، سڪرنڊ ويجهو سنڌ جو مشهور تاريخي ماڳ.


    عشق آريءَ ڄام جو

    پهاڙن جي پنڌ، منهنجو نينهن نکيريو،
    جيئن هي ساڻا سنڌ، عشق پيو اڳتي ڌِڪي.

    هاڙهو هيبتناڪ آ، جيڏو هيءُ جبل،
    پوندو پار پرينءَ لئه، آهي نينهن اٽل،
    اديون! عشق عمل، ڏيکاريندو ڏيهه کي.

    جيڏو هيءُ جبل، اوچو آ، آڪاش ڏي،
    ان کان وَڌِ اٽل، عشق آريءَ ڄام جو.

    ڀنير! جيئن ڀنڀور ۾، داخل هوت ٿيامِ،
    ملي مهمانن سان، جهومي جيءَ پيامِ،
    گهٽيون، گهر ڀنڀور جا، سارا سينگاريامِ،
    روڙيٖ گل رابيل جا، چنگن کي چاريامِ،
    ميَن کي مڪران جٖي، ٽليون، ٽونئر ٻڌامِ،

    خوشيءَ منجهه خمار جِي، سنجهي جيئن ستيامِ،
    اک کلي جيان اوچتو، خالي هنڌ ڏٺامِ،
    ٽٽي دل ٽڪرا ٿي، ٽاهُو نيڻ ٽميامِ،
    اندر اڌ ٿيامِ، جاني جوءِ مَٽٖي ويا.

    جاني جوءِ مَٽٖي ويا، لونءَ لونءَ ۾ ڏئي لوچ،
    ماري ٿي معذور کي، سڄڻن سندي سوچ،
    ڀينر هاءِ! بلوچ، سَڱ سڃاتئون ڪين ڪي.

    غمن گهوماٽياس، هوت ڇڏي ويا هيڪلي،
    تتل واريءَ تن سڙيو، لُڪُن لوساٽياس،
    اڃ ۽ بک جي ته به نه مان، سوچن سلهاڙياس،
    نه رڃن ۾ رڙيون ڪري، واٽن تي ويٺياس،
    پربت پنڌ پهاڙ جي، رَتي نه ٿي روڪياس،
    ويتر ٿٖي وڌندي ويس، ته پَرين کي پڄندياس،
    پنهون ڄڻ مون پاس، وک وک ڀانيم ويجهڙو.
    ***


    مورَ پيا مرندا وڃن

    مينهوڳيءَ جي منِد ۾، مري ويندا مورَ!
    ڪارونجهر جٖي ڪورَ، اڳ نه سوچيو هو ڪڏهن.

    دردَ نه ڪيون ڌار، ڪارونجهر جون ڪولهڻيون،
    سپني سپني سار، ايڏا مور مري ويا!.

    چانڊوڪين چڪورَ، چنڊ نه تڪيو چاهه مان،
    رڙيا ريگستان ۾، بيتَ، ڏِٺون ۽ ڏورَ،
    تن سان تعزيت ڪئي، چانهونءَ، ڀٽ، ڀنڀورَ،
    ته مٺي! تنهنجا مور، ابدي ننڊ سمهي پيا.

    سڏڪا سڏڪا ٿر، ڀٽ ڀٽ ساڻي سوڳ ۾،
    سانوڻ ۾ صدمي ورتو، گوڙيءَ جو مندر،
    موڳو ڪارونجهر، مورن جي آ موت تي.

    هونئن ئي ڀونءِ تي بک جو، رڙيو ٿٖي راڪاس،
    ويتر ٿر اداس، مور پيا مرندا وڃن.
    ***


    هو جو سوار ڪميت تي

    هُو جو سوار ڪميت تٖي، آيو پوئين رات،
    رڙيون واڪا وات، ڌاريو ڌوڪيندو اچي.

    هُو جو سوار ڪميت تٖي، آڌيءَ جو آيو،
    سڄڻ پنهنجي سنڌ جا، جوڌا جاڳايو،
    ڌرتي بچايو، ڌاريو ڌوڪيندو اچي.

    هُو جو سوار ڪميت تٖي، آيو عَصُرَ ـ ويلَ،
    آيا اتر پار کان، ڌرتيءَ ڏي ڌاڙيل،
    ڀاڳيا! روڪيو ڀيل، ڌاريو ڌوڪيندو اچي.

    هُو جو سوار ڪميت تٖي، آيو ڏاڍي ڏينهن،
    ڌاريو ڌوڪيندو اچي، ڪندو واءُ ۽ مينهن،
    دودا! ديس بچائيو، ڪوپا ڪيهر شينهن،
    نڀائي وٺو نينهن، سَڏُ اهو ٿوَ سنڌ جو.
    ***


    دهشتگردي ديس

    ڏَسِ تون، تن جو ڏوهه ڪو، اڙي او آڪاش!
    ٻورين ۾ بند لاشَ، ڇا هي منهنجو ديسُ آ؟

    ڪٺل ڏسي ڪٽنب کي، اٿلي نيڻ پياس،
    گولين جي گهمسان سان، ڏکن ڏيل ڏنگياس،
    اڄ پڻ اکين سامهون، ڪونڌر ڀاءُ ڪٺاس،
    هٿيارن جي هوڏ تي، وحشين لڄ لٽياس،
    اوندهه آڌي رات جو، سارو گهر سڙياس،
    جيون هن جهان ۾، ڏاڍا ڏک ڏناس،
    ڪيڏا ڪيس ڪياس، دهشتگرديءَ ديس ۾.

    گولي گولي گهاءُ، پينگهي ۾ پيل ٻارڙا،
    ڪَريٖ دانهن ڪِرِي پئي، مانيءَ پڇندي ماءُ،

    رڱجي ات رِيٽا ٿيا، ڀيڻ اڳيان ٻئي ڀاءُ،
    ڦٿڪيو پيءُ پڌر تٖي، وريو سورن واءُ،
    ڪٽنب ڪسي گولين جو، ڪيو آڌر ڀاءُ،
    ٺا... ٺا... رڙيون ڳوٺ ۾، سُڌِ نه ڪوءِ سماءُ،
    “ڊاڪو ماريا” ماءُ، سرخي آ اخبار جي.

    سارو شهر سمهي پيو، جاڳيل ٽارچر سيل،
    هٿيارن جي هوڏ تي، خوني سارو کيل،
    جيون ڄڻ ڪي جيل، دهشتگردي ديس ۾،
    ***


    صورت صورت سور

    آهن اڌورا پرين! جيون جا سڀ سانگ،
    تنهنجي طلب تانگهه، جياپو جڏي جيءَ جو.

    سارَ اوهانجي سپرين! جيئڙو جهوريندي،
    ڪپي ڪوريندي، اڳ نه سوچيو هو ڪڏهين.

    هو جي ڳنڍيون هانءَ جون، نيڻن جا ها نورَ،
    وڇڙين جا هر ويل ٿا، مارن مون مذڪور،
    صورت صورت سورَ، اڄ پڻ جاڳيم جيءَ ۾.

    صورت صورت سارَ، اڄ پڻ جاڳيم جيءَ ۾،
    ڪهڙا ڪهڙا يارَ! گذريا جيون گس تان.

    هينئڙو حبيبن لاءِ، رويو رويو روءِ،
    هيءِ نه ويل وڃڻ جي، سڏڪيو سڏڪيو چوءِ،
    پرين! توکان پوءِ، رهنديون ڳالهيون ڳوٺ ۾.

    پرين! ٿي پري وئين، ڪريان ڪڄاڙو؟
    روڄ رڳي راڙو، رهيو آهي روح ۾.

    وَڍيو دردَ وجود کي، چين ويو، چاهت،
    بند ڀڄي اٿلي پوڻ، اکين ٿي عادت،
    روئڻ ٿيو راحت، مرڪون وسريون من کان،

    منهنجي هر هڪ ساهَه جي، صدا “تون ئي تون”،
    توکي ڄاتو مون، ونحن اقرب ويجهڙو.

    منهنجي هرهڪ گيت جي، تون ئي آن گونجار،
    ها! مان توکان ڌار، ڪجهه به آهيان ڪين ڪي.

    مَن ۾ مچ مجاز جا، اکين ۾ پاڻي،
    کوري جيئن کاڻي، دلڙي درد فراق ۾.
    ***


    ساڳيو “م” مسجد ۾

    ساڳيو “م” مسجد ۾، ساڳيو “م” مندر،
    کولي ڏِسُ اندر، هر جاءِ هُو آ هيڪڙو.

    مَچِي مڇ مواڙ ٿيا، ماڻهوءَ ـ مار مُلا،
    ڏسي ڏاڍَ ڏکوئيو، باهُو ساڻ بلا،
    اکين منجهه اُلا، اڌ مان اڌ مان جندڙي.

    اڌ مان اڌ مان جندڙي، ڦاٽن جيئن ڦُلا،
    منڙو ماکيءَ لار جيان، اکين منجهه اُلا،
    ڪڙهيو ڪالهه قصور ۾، بيحد يار بُلا،
    ته ماري هوند ملا، صاف ڪيان سنسار کي.

    وارث شاهه جي هيرَ، رات رني رب پاڪ سان،
    رانجهي واري روپ ها، ڦورو ڪل فقير،
    تن جي هٿ تقدير، تون ڇو چپ چپات آن؟

    ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀون، سَرَهي آ سنسار ۾،
    ڪِٿِ نه مُڪو مون، ڪو بارودي بمبار آ.

    ڪَتِي توڙي چيٽ، ساڳي جُٺِ جهان سان،
    پني پارڻ پيٽ، مدرسن منشور ۾.

    سڀ کي نفل نماز جي، ساڳي ڏي نه صلاحَ،
    جن جو عشق عبادتون، سارا ساهه پساهَه،
    سيني پاڻ سمائيو، عاشق منجهه الله،
    صورت جي ساڃاهه، ملان! نه تو معلوم آ.

    اڻ پڙهيا آخوند! توکي سُڌ نه سوز جي،
    جيڪر وسي تو مٿان، برهه جي ڪا بوند،
    ۽ مئخاني جي مڌ مان، چُڪو چکين هوند،
    ته ڪرين ڦونڌا ڦوند، مذهبن جا مامرا.

    مُرڪي ٿو ماضي، پسي هُرکُر حال جِي،
    جيئن به پرجا پيڙهجي، راجا تيئن رازي،
    ماريندڙ مخلوق کي، غنڊا جت غازي،
    اڄ به ٿا قاضي، واجهائين انصاف لئه.

    ڪندا ڪوهه ڪتاب، سٽ پڙهيائون سُورَ جي،
    ساهه سڀئي ساڻيهه کي، سڀ ڪي تن ثواب،
    جن نفعي نقصان کان، اڳتي حد حساب،
    اکر انقلاب، هنيئڙي جنين حل ٿيو.

    سِٽ پڙهي سُورَ جي، سڀ ڪِي سمجهيائون،
    بدمعاشين جي باب کي، ليڪو ڏنائو ن،


    آزاديءَ جي عشق کي، ڏيهان، ڏٺائون،
    مرڪندي پئي موت سان، لائون لڌائون،
    انهن جا آئون، سڏ سڻان شل سنڌ ۾.

    سڪو پيٽ سنڌؤ جو، واريءَ دڙا، واءُ،
    ماروئڙن جون ماءُ! پاڻي پاڻي ٿيون اکيون.
    ***


    سڄڻ تنهنجي سار

    نيڻن سان گڏ دل، وڇايان تنهنجي واٽ تٖي،
    آءُ ته هيءَ محفل، مهڪي تنهنجي مرڪ سان.

    سڄڻ تنهنجي سار، سدا ساهه پساهه ۾،
    اچين جي هڪوار، ته اڱڻ هي اجري پون.

    پرين پسائي پاڻ، نيڻن کي نزديڪ ٿيو،
    هُن جا خيال خماريا، سوچن جي سرهاڻ،
    توڙي جو مون ساڻ، ڪيڏو ته به هُو ڏوُر هو.

    سمهي ننڊ سڪون جي، لوڪ جنين آڌار،
    چنڊ ۽ چوڪيدار، جاڳن ساري راتڙي.

    مرجهيل مرجهيل مُکَ، پسيو جيءَ جهريو پوي،
    ڏونگر جيڏا ڏک، پورهيت کٖي پُکٖي پيا.

    سدا سونهن ورونهن ۽، پيار مٿي پهرا،
    چوڏهين ــ چنڊ چهرا، قيدي بڻيا ڪوٽ ۾.

    واءُ اُڏايا وقت جٖي، حُسن، جواني، هوش،
    هيڻائيءَ جو هڏن تي، پيريءَ پهريو پوش،
    جواني پنهنجو جوش، وڃائٖي ويهي رهي.

    ڪنهن سٽاڻي سانگ، اڄ نه مليس محبوب سان،
    نينهن سندس ٿي نانگ، ڏنگ هڻي ٿو ڏيل کي.

    ماڻيوسين جو پيار کي، سرجيا گيت، غزل،
    ملڻ سان محبوب جٖي، ماڻي سين منزل،
    پرينءَ ماڪَ مهل، سرڪيون پياريون سونهن جون.

    پئندي سرڪيون سونهن جون، ٿياسين مستومست،
    سودو ٻن دلين جو، ٿي ويو دست به دست،
    جيڏو سونهن سڪون ٿٖي، بخشيو زبردست،
    تيڏو بندوبست، پرينءَ ڪيو هو پيار ۾.
    ***


    سامي صورت ــ وند

    سامي صورَتَ ـ وَندُ، اوريو اوري عشق کي،
    تيئن تيئن نشا نينهن جا، جيئن جيئن تاڻي تند،
    عاشق عقلمند، روئي رجهائي راڳ سان.

    هُو جو گيت سنگيت جي، ڪيو عشق اسير،
    ڇيڙي سُرَ ۽ ساز سان، درد سندو تفسير،
    جنهن کي سوز فراق جو تن ۾ اٽڪيل تير،
    چاچو ڍول فقير، ٻيجل هو ٻئي روپ ۾.

    جيئن جو چاچو ڍول، گم ٿيو گيت سنگيت ۾،
    سڏڪا اڀريا ساز مان، ٻُريو تيئن جو ٻول،
    ماڪ ڀنو ماحول، تڙپي اٿيو تند تي.

    ٻُريو ڀٽ تٖي ٻول، “تون ئي تون” جٖي تار تي،
    سڏڪي اڀريو ساز سان، هر ڪنهن مِن ــ ماحول،
    ظاهر ۾ هو ڍول، عشق سندا آلاپ ها.
    ***

    ڍول فقير، سنڌ جو، منفرد اندازَ و ارو راڳي.


    يوسف وڇڙيو راڳ کان

    هونئن ته ساري سنڌ آ، فن ۽ فنڪار،
    تن جو تون اڳواڻ هئين، يوسف منهنجا يار!
    تولئه سُر ۽ ساز ٿا، روئي ڪڍن پار،
    سُڃَ ٿيو سنسار، توريءَ گيت سنگيت جو.

    تو جيئن راڻو، مارئي، توريءَ ڳائي ڪير؟،
    ڪوهياريءَ ۾ ڪيچ جا، پنڌ پڇائي ڪير؟
    ڀيروي کان ڀونءِ جي، دانهن ڪرائي ڪير؟،
    ٻيو نڀائي ڪير؟، يوسف توريءَ راڳ سين.
    ***

    تولئه سڏڪيو سازَ ٿا، ڏاڍا ڪڍن پارَ،
    سُرُ سُرُ آ اوڇنگار، يوسف وڇڙيو راڳ کان.

    توکي ساري سڏڪي پيا، سازن جا سُرَ، تارَ،
    ڇڏي گيت سنگيت کي، پهتين ڪهڙي پار؟،
    يوسف منهنجا يار! تولئه روئن راڳڻيون.


    موتَ! توتي موتُ، اچي شل ڪو اوچتو،
    هاءِ وڇوڙيئي هوتُ، يوسف گيت سنگيت کان.
    ***

    محمد يوسف، سنڌ جو نامور ۽ استاد راڳي.
    هي بيت استاد محمد يوسف جي وفات واري ڏينهن لکيل


    وايون

    دڙي جون دانهون ــ

    دڙي جون دانهون ــ
    ڪير ٻڌي ئي ڪونه ٿو!

    آيا ڪٽڪ اوچتو،
    رت ٿيون راهون ــ
    ڪير ٻڌي ئي ڪونه ٿو!

    دراوڙ جٖي ديس تٖي،
    ڪاهن تي ڪاهون ــ
    ڪير ٻڌي ئي ڪونه ٿو!

    اڄ به اوساري پيو،
    چپ نه آ چانهون ــ
    ڪير ٻڌي ئي ڪونه ٿو!
    *


    ٻهڪي ٿو ٻيلو ــ

    ٻهڪي ٿو ٻيلو ــ
    ساجهر! سنڌؤَ ڪپ تي.

    ڇولين ڇا ڇولي ڇڏيو،
    بيوس بتيلو ــ
    ساجهر! سنڌؤ ڪپ تي.

    اچڻو آ اِن تڙ تي،
    ساجن سويلو ــ
    ساجهر! سنڌؤ ڪپ تي.

    وڻجارا ويندا رهيا،
    آءٌ هت اڪيلو ــ
    ساجهر! سنڌؤ ڪپ تي.

    ٿئي شال "نواز" سان،
    محبوبن ـ ميلو ــ
    ساجهر! سنڌؤ ڪپ تي.
    *


    جيون چٿر، ٽوڪ ــ

    جيون چٿر، ٽوڪ ــ
    بدبودار سماج ۾.

    سوچن ۽ سرهاڻ ڏي،
    جبري رستا روڪ ــ
    بدبودار سماج ۾.

    خنجر سڀ ڇڙواڳ ٿيا،
    قيدي قلم، نوڪ ــ
    بدبودار سماج ۾.

    طبقن جي تلوار سان،
    وڍيالوءِ ۽ لوڪ ــ
    بدبودار سماج ۾.
    *


    مرڪي جيئن ڏٺوءِ،

    مرڪي جيئن ڏٺوءِ،
    مارٖي ڄڻ ته ڇڏيوءِ ــ
    نيڻن ساڻ "نواز" کي.

    بدن بارش ۾ ڀِڄي،
    چولو چهٽي پيوءِ،
    مارٖي ڄڻ ته ڇڏيوءِ ــ
    نيڻن ساڻ "نواز" کي.

    ڇني گل ٽاريءَ مان،
    اڇلي ايئن ڏنوءِ،
    مارٖي ڄڻ ته ڇڏيوءِ ــ
    نيڻن ساڻ "نواز" کي.

    ماکيءَ جهڙي مرڪ سان،
    آڌرڀاءُ ڪيوءِ،
    مارٖي ڄڻ ته ڇڏيوءِ ــ
    نيڻن ساڻ "نواز" کي.

    سنگهرن سان ئي سونهن جٖي،
    قيدي ڪيو توءِ،
    مارٖي ڄڻ ته ڇڏيوءِ ــ
    نيڻن ساڻ "نواز" کي.
    *


    ڏاڍو آن تون ڏور ــ

    ڏاڍو آن تون ڏور ــ
    الو ميان! جيون سارو سور.

    سانڍي ويٺس سيني ۾،
    پيارا! تنهنجو پور ــ
    الوميان! جيون سارو سور.

    ياد اوهان جيءَ کان سواءِ،
    منٽ نه گهاريان مُور ــ
    الوميان! جيون سارو سور.

    توسان نينهن "نواز" جو،
    اکين جو تون نور ــ
    الوميان! جيون سارو سور.
    *


    تن ۾ تنوارون،

    تن ۾ تنوارون،
    لڙڪن جون لارون ــ
    وڇوڙٖي جون سوکڙيون.

    مينهوڳيءَ جٖي مند ڏنيون،
    سڄڻن جون سارون ــ
    وڇوڙٖي جون سوکڙيون.

    هرپل آهن هانءَ ۾،
    پرينِ ـ پچارون ــ
    وڇوڙٖي جون سوکڙيون.

    آڌيءَ لکجن شعر ٿا،
    تخيل ـ اڏارون ــ
    وڇوڙٖي جون سوکڙيون.
    *


    چمڪيا چوڏهين ـ چنڊَ ــ

    چمڪيا چوڏهين ـ چنڊَ ــ
    منهنجي سوچ شعور جا.

    پينهين پائيمال ڪندا،
    جذبا ڪيسين جنڊ ــ
    منهنجي سوچ شعور جا.

    ڪندؤ ڪيسين ڪوڙسين،
    رستا سڀئي رنڊ ــ
    منهنجي سوچ شعور جا.

    "نواز" منهنجٖي نينهن تي،
    ڏوهه وجهو ڀل ڏنڊ ــ
    منهنجي سوچ شعور جا.
    *


    روڊن، چوڪن، رستن تي، ڳوٺ يا شهر اندر ــ

    روڊن، چوڪن، رستن تي، ڳوٺ يا شهر اندر ــ
    محفوظ نه جندڙي آ.

    قانون به قاتل ٿي پوي، دانهن ڏجي ڪنهن در؟
    محفوظ نه جندڙي آ.

    هٿيارن جي هوڏ تٖي ٿو، لڄ لٽي لوفر ــ
    محفوظ نه جندڙي آ.

    ويران سموريءَ وستيءَ جو، گهايل گهايل گهر ــ
    محفوظ نه جندڙي آ.

    رات ٿي گهائٖي روح کي، چچريل شام و سحر ــ
    محفوظ نه جندڙي آ.
    پيڙا پنهنجي پوءِ به ساڳي، بدليا دورَ مگر ــ
    محفوظ نه جندڙي آ.

    ڪونه ٻڌي ڇو تو خدا! يا، آهه ۾ ناهه اثر ــ
    محفوظ نه جندڙي آ.
    *


    سنڌ جي ڌرتيءَ تٖي،

    سنڌ جي ڌرتيءَ تٖي،
    ڏاڍا ڏينهن ڏٺٖي ــ
    ماڻهو ٿا اغوا ٿين!

    ڪافيون ڪنور رام جون،
    گونجيون ڪالهه جتي،
    ڏاڍا ڏينهن ڏٺٖي ــ
    ماڻهو ٿا اغوا ٿين!

    ساميءَ، سچل، شاهه جا،
    وارث آهن جٖي،
    ڏاڍا ڏينهن ڏٺٖي ــ
    ماڻهو ٿا اغوا ٿين!

    ڌاڙيلن سان دوبدو،
    اٽڪون هاڻ ڪَٺٖي،
    ڏاڍا ڏينهن ڏٺٖي ــ
    ماڻهو ٿا اغوا ٿين!
    *


    سنڌ سُکنِ کان ڌار، توتٖي موت ميار ــ

    سنڌ سُکنِ کان ڌار، توتٖي موت ميار ــ
    ڪهڙي ڪهڙي سنڌ ڏئي!

    دلبرُ ــ ديسُ وڪوڙيو هي، اوندهه جي اختيار،
    توتي موت ميار ــ
    ڪهڙي ڪهڙي سنڌ ڏئي!

    بگهڙن سندو بکُ ٿيون، هرڻيون ڇو هروار؟
    توتي موت ميار ــ
    ڪهڙي ڪهڙي سنڌ ڏئي!

    هئه هئه لٽيا لوءِ ۾، سانگين جا سينگار،
    توتي موت ميار ــ
    ڪهڙي ڪهڙي سنڌ ڏئي!

    نيرڳ، آڙيون، ڪونجڙيون، ماري ويا مردار،
    توتي موت ميار ــ
    ڪهڙي ڪهڙي سنڌ ڏئي!

    ڪيا باهه بندوق جٖي، هاڃاهيل هزار،
    توتي موت ميار ــ
    ڪهڙي ڪهڙي سنڌ ڏئي!

    سهڻيءَ سوگهو ساهه ٿيو، مُڙندا ڪيئن ميهار؟
    توتي موت ميار ــ
    ڪهڙي ڪهڙي سنڌ ڏئي!

    مُرڪن آڏو موت جٖي، ڳاڙها ڳڀرو يار،
    توتي موت ميار ــ
    ڪهڙي ڪهڙي سنڌ ڏئي!
    *


    سپنا هرڻ هئا،

    سپنا هرڻ هئا،
    ڀڄندي نيٺ مئا ــ
    جيون جٖي رڻپٽ ۾.

    ڊگريون، خالي پيٽ سان،
    رلندڙ ڪير هئا؟
    جيون جٖي رڻپٽ ۾.

    سياست ڄڻ ته پليگ آ،
    ڪردار به ڄڻ ته ڪئا ــ
    جيون جٖي رڻپٽ ۾.

    امن ڏيو، انصاف ڏيو،
    ڪنهن به نه سڏ سئا ــ
    جيون جٖي رڻپٽ ۾.

    ذهن ڪيا مفلوج ويا،
    ۽ جسمن سندي جئا ــ
    جيون جٖي رڻپٽ ۾.
    *


    ڪيڏي پيهان ــ پيهَه ــ

    ڪيڏي پيهان ــ پيهَه ــ
    ميٖلي جٖي بازار ۾.

    حسن هميشه هيڪلو،
    وحشي ٽولا ٽيهَه ــ
    ميلٖي جٖي بازار ۾.

    رهزن ڪاڻ رقاصه سوچي،
    رقص ڪجي يا ريهَه؟
    ميلٖي جٖي بازار ۾.

    هاءِ! بکايل ٻار جِي،
    ڪنهن به نه ٻڌي ڪيهَه!
    ميلٖي جٖي بازار ۾.
    *


    سوچ سَتي لڪڙي،

    سوچ سَتي لڪڙي،
    حال اسانجو هي ــ
    ڪيئن نيئن تخليق ٿئي؟

    واٽن تي وڇڙي ويا، ساڻ هئا ساٿِي،
    حال اسانجو هيءَ ــ
    ڪيئن نيئن تخليق ٿئي؟

    مذهبن جٖي مامري، ماڻهوءَ مت جلِي،
    حال اسانجو هي ــ
    ڪيئن تيئن تخليق ٿئي؟

    ورتي واين جي جڳهه، ڊسڪو موسيقي،
    حال اسانجو هي ــ
    ڪيئن نيئن تخليق ٿئي؟

    آکيرا بکُ باهه جو، پريشان پِکي،
    حال اسانجو هي ــ
    ڪئين نيئن تخليق ٿئي؟
    مطالعي جٖي مهل تٖي، کليل آ ٽي وي،
    حال اسانجو هي ــ
    ڪيئن نئين تخليق ٿئي؟

    "نواز" اڄ به نينهن تي، بندش آ ساڳي،
    حال اسانجو هي ــ
    ڪيئن نئين تخليق ٿئي؟
    *

    سَتي لڪڙي، وَرَ جي مرڻ کان پوءِ وَنيءَ جي وَرَ سان گڏ جيئري ساڙجڻ واري رسم ڏانهن اشارو.


    ماروءَ ماروءَ ماڳ، چوڙيلين جو چاڳ ــ

    ماروءَ ماروءَ ماڳ، چوڙيلين جو چاڳ ــ
    لهرن منجهه لڙهي ويو.

    صوفين سندي سُنگ جو، واين سان ويراڳ ــ
    لهرن منجهه لڙهي ويو.

    راڻا کوڙ رُلِي ويا، مومل جو هر ماڳ ــ
    لهرن منجهه لڙهي ويو.

    لاشا لهرن هنج ۾، ڀينر! منهنجو ڀاڳ ــ
    لهرن منجهه لڙهي ويو.

    ڳيچ، ڳليون هر ڳوٺڙو، سهرا، شاديون، راڳ ــ
    لهرن منجهه لڙهي ويو.

    اَمڙين سندي آس هو، پٽڙو پٽڙو پاڳ ــ
    لهرن منجهه لڙهي ويو.

    جيون دوزخ جي دري، سرتيون! سونهن مهاڳ ــ
    لهرن منجهه لڙهي ويو.

    اجهل گيت اياز جا، ڀٽ ڌڻيءَ جو راڳ ــ
    لهرن منجهه لڙهي ويو.
    *

    2010ع جي مها ٻوڏ تي لکيل.


    حد نه ڪوءِ حساب ــ

    حد نه ڪوءِ حساب ــ
    سرتيون! منهنجٖي سور جو،

    دلڙي درد سهيڙي سميٽي،
    ڪارو ڪيو آ ڪتاب ــ
    سرتيون! منهنجٖي سور جو،

    ازخود تنهنجي عشق ۾ وسريو،
    سڀ ڪي ڏوهه، ثواب ــ
    سرتيون! منهنجٖي سور جو.

    فذڪروني اذڪر ڪم، اي،
    برهه پڙهايو باب ــ
    سرتيون! منهنجٖي سور جو.

    حقيقت سان همدم ٿي ويو،
    خوشبُو خوشبُو خواب ــ
    سرتيون! منهنجٖي سور جو.

    "نواز" تنهنجي نينهن وڄايو،
    رڳ رڳ منجهه رباب ــ
    سرتيون منهنجٖي سور جو.
    *


    سرتيون! سرت، سهاڳ،

    سرتيون! سرت، سهاڳ،
    موٽي مڙندم ماڳ ــ
    الڪن ۾ مان الجهان پئي ٿي.

    مون ته مُٺِيءَ جي من آ ڇيڙيو،
    ووءِ ووءِ جو ويراڳ ــ
    الڪن ۾ مان الجهان پئي ٿي.

    ننڊ نيڻن کان وسري وئي آ،
    ڪيڙس سڪ سجاڳ ــ
    الڪن ۾ مان الجهان پئي ٿي.

    جيءَ جداين جهوري جهوريو،
    توريءَ ڏيهه، ڏهاڳ ــ
    الڪن ۾ مان الجهان پئي ٿي.

    ڪاڪ ــ ڪنول جيئن ماڪ ۾ مهڪن،
    جيءَ چوي ٿو جاڳ ــ
    الڪن ۾ مان الجهان پئي ٿي.

    "نواز" مون لئه نانءُ پرين جو،
    روح رڳن جو راڳ ــ
    الڪن ۾ مان الجهان پئي ٿي.
    *


    تنهنجي ساٿ سوا،

    تنهنجي ساٿ سوا،
    ڪانهي درد، دوا ــ
    مون ته مُٺيءَ جو معالج تون آن.

    نيهن نپوڙي، نستي ڪئي هان،
    رسڻ تو نه روا،
    ڪانهي درد، دوا ــ
    مون ته مُٺيءَ جو معالج تون آن.

    تون ته نه آئين مند تي موريا،
    لاڻيون، لوت لوا،
    ڪانهي درد، دوا ــ
    مون ته مُٺيءَ جو معالج تون آن.

    دِل ۾ درد دريچه دائم،
    جهوري جيءُ هوا،
    ڪانهي درد دوا ــ
    مون ته مُٺيءَ جو معالج تون آن.

    هاڻ حياتي وهه جون وٽيون،
    ساجن تو ته سوا،
    ڪانهي درد، دوا ــ
    مون ته مُٺيءَ جو معالج تون آن.

    "نواز" جداين جان جلي ٿي،
    لهسي تن توا،
    ڪانهي درد دوا ــ
    مون ته مُٺيءَ جو معالج تون آن.
    *


    مادر! آءُ مُٺياس، اڀرئي سج اٿياس ــ

    مادر! آءُ مُٺياس، اڀرئي سج اٿياس ــ
    جت ڇڏي هيءَ جوءِ هليا ويا.

    جيءُ جداين جانڊهه جيڏيون!
    پيڙائن پيٺياس، اڀرئي سج اٿياس ــ
    جت ڇڏي هيءَ جوءِ هليا ويا.

    ڪيچي ڪهڙي پهر اٿي ويا!
    ليڙن هاءِ! لُٽياس، اڀرئي سج اٿياس ــ
    جت ڇڏي هيءَ جوءِ هليا ويا.

    ڀونءِ سموري ڀُڃَ ڪري ويا،
    جيئري ڄڻ ته مياس، اڀرئي سج اٿياس ــ
    جت ڇڏي هيءَ جوءِ هليا ويا.

    ونحن اقرب ويجهڙو جيجل!
    سيڻن کي سمجهياس، اڀرئي سج اٿياس ــ
    جت ڇڏي هيءَ جوءِ هليا ويا.

    هاڙهو هوت مَٽٖي ويا هاڻي،
    ساري عمر سڪياس، اڀرئي سج اٿياس ــ
    جت ڇڏي هيءَ جوءِ هليا ويا.

    "نواز" نينهن ۽ ننڊ گڏوگڏ!
    پنهنجي ڏوههِ، ڏڪياس، اڀرئي سج اٿياس ــ
    جت ڇڏي هيءَ جوءِ هليا ويا.
    *


    خاموشيءَ جو راڳ ــ

    خاموشيءَ جو راڳ ــ
    ٻڌي ڏِس! خاموشيءَ جو راڳ.

    نيڻن نه هيرج ننڊ تي تون،
    جيءُ چوئي تان جاڳ ــ
    ٻڌي ڏِس! خاموشيءَ جو راڳ.

    ايئن وسارڻ واجب آ ڇا؟
    منزل جو هي ماڳ ــ
    ٻڌي ڏِس! خاموشيءَ جو راڳ.

    او نيٺ ته ورندو وڻجارا!
    ڀون پنهنجيءَ جو ڀاڳ ــ
    ٻڌي ڏِس! خاموشيءَ جو راڳ.

    ماڻي وٺج مارڳ پنهنجو،
    ساڻيهه، سرت، سهاڳ ــ
    ٻڌي ڏِس! خاموشيءَ جو راڳ.
    *


    سرتيون! سڀ ڄمار،

    سرتيون! سڀ ڄمار،
    لڙڪن جي ڏئي لار ــ
    هئه هئه سامي سُڃَ ڪري ويا.

    جن هئي خوشبو باغ بهاريون،
    هڪڙي نيڻَ ــ نِهارَ ــ
    هئه هئه سامي سُڃَ ڪري ويا.

    ڏسندي ڏسندي ڏورُ هليا ويا،
    پتا نه تن جا پار ــ
    هئه هئه سامي سُڃَ ڪري ويا.

    ماڪ وَٺٖي جو ماٺِ مڙهين ۾،
    پرهه نه ڪابه پچار ــ
    هئه هئه سامي سُڃَ ڪري ويا.

    ماءُ! مُٺِيءَ کي ڏئي ويا ڏک جِي،
    نيڻن ميگهه ملهار ــ
    هئه هئه سامي سُڃَ ڪرڻ ويا.

    "نواز" جن لئه نگر نگر ۾،
    نيڻ ٽميا ڪيئن نار ــ
    هئه هئه سامي سُڃَ ڪري ويا.
    *


    لکندي ڪوءِ غزل ــ

    لکندي ڪوءِ غزل ــ
    هُن کي ننڊ اچي وئي.

    آئي سارَ سڳنڌ کي،
    برسِي پيو بادل ــ
    هُن کي ننڊ اچي.

    جيون جٖي جنِگاهه مان،
    اُڏيو پوپَٽُ، پَلُ ــ
    هُن کي ننڊ اچي وئي.

    مهڪي هير دريءَ مان،
    چميو ڳڀروءَ، ڳل ــ
    هُن کي ننڊ اچي وئي.

    پنو، پين ڪري پيا،
    آيو جيئن اجل ــ
    هُن کي ننڊ اچي وئي.
    *


    ڀِٽون بُٺَ بڻيل،

    ڀِٽون بُٺَ بڻيل،
    اکڙين منجهه اٿل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

    ڏهر ڏهر ۾ ڏٿ لئه ڀٽڪن،
    مارو ماڪَ مهل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

    هيل به مينهنِ مند نه موٽِي،
    ڳوڙها ڳوڙها ڳل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

    پل لئه درد وساري ويٺا،
    پسيو مور مئل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

    مارن سان گڏ مال به تڙپيا،
    کارا کوهه سڪل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

    شڪ ته سانوڻ مهر مَٽٖي ويو،
    ڪڪر ڪاوڙيل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

    روهيڙن جون لامون لهسيون،
    ٽڙڪي ڏار ٽٽل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون

    هيل به رڃ ئي رڃ رڙي ٿي،
    ويراني ورسيل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون

    هيل به تن جي پُکٖي پجِي ويا،
    گوندر گڏ ٿيل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

    ڪارونجهر جي ڪُکِ ۾ بک جا،
    ڪڙِ ڪڙِ ڪانَ لڳل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

    شام سمٖي جو چونئرا چپ جٖي،
    چادر ۾ ويڙهيل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.

    "نواز" ننڍڙن ٻارن جا ڪي،
    ٽهڪ نه ڪِٿِ ٽڙيل ــ
    هيل ٿرين جو درد نه پڇ تون.
    *


    هائيڪا

    ھائيڪا

    ڪينجهر مٿي چنڊ،
    نوري، ستل ناوَ ۾،
    چانڊوڪيءَ تي منڊ،
    *
    پوئين رات جا پلَ،
    ڪنولن وچ ۾ ناوَ آ،
    نوري ننڊ ستلَ ۾.
    *
    موهيا چنڊ، ڪنول،
    تماچيءَ جٖي ٻانهن تٖي،
    نورِي ننڊ ستلَ.
    *
    رات جا نيڻ ٿڪل،
    چنڊ، ستارا سانت ۾،
    نورِي ننڊ ستلَ.
    *
    ناوَ، هوا، ڇوليون،
    نوريءَ مرڪيو ننڊ ۾،
    پکين ـ پِروليون.
    *
    چنڊ، هوا، ڇوليون،
    نوريءَ سپنا ڄام جا،
    پکين ـ پروليون.
    *

    گهاٽو ٻٻر ـ وڻ،
    ڏينڀن جهڙي ڏينهن ۾،
    هيٺان ٿڪل ڌڻ.
    *

    اچانڪ هي شور،
    اوندهه آڌي رات جو،
    چور... چور...چور!
    *
    مستيءَ ۾ آ من،
    مون سان رات ملي ويو،
    سپني ۾ ساجن.
    *
    هيڏو سِي، پارو!
    ماڻهو سوڙين ۾ ستل،
    ڪڪڙين تي کارو.
    *
    پيريءَ جا هِي پارَ،
    چهري تي گهنجن سندا،
    وقت وڇايا ڄار.
    *
    ڇڏي آکيرو،
    ڇوڪر جٖي غليل سان،
    اڏاڻو ڳيرو.
    *

    ڪاوڙ اچي وئي،
    خبرون ڏسندي اوچتو،
    بجلي هلي وئي.
    *
    ٻوٽِي اک فنڪارَ،
    ساٿ ڇنو سڏڪي پئي،
    تنبوري جي تارَ.
    *

    گهائي ٿو هي غم،
    هُن جي ڦوٽوءَ کان سواءِ،
    اڻ پورو البم.
    *
    آئي جو هولي،
    رنگن جي برسات ۾،
    چهٽي پيس چولِي.
    *

    ململ جي ديوار،
    تنهن کي چيري ڄاڻ ته نڪتا،
    هُو جٖي ارهه، اڀار.
    *

    نانءُ هوندي بي نام،
    ڇوريءَ جي ڇاتيءَ تي،
    مصر جا احرام.
    *
    اندر چيرون چهڪ،
    هر پل سنگت جي اڳيان،
    پوءِ به ڪوڙا ٽهڪ.
    *
    تڙپي پيو آڪاش،
    ڳوڙها ڳاڙي ماڪ جا،
    لڙهندو ڏسي لاش.
    *


    پنجڪڙا

    پنجڪڙا

    جياپو ڄڻ ته مساڻ پيارا!
    آشائن جون ارٿيون جليون،
    خواب جليا ۽ دونهيون ٿيون،
    رک ارمان ٿيا ها سارا،
    جياپو ڄڻ ته مساڻ پيارا!
    *
    هيءَ آڳ اسان کي ساڙيندي،
    هيءَ معاشي جا بدحالي آ،
    ۽ ان جو درد مثالي آ،
    دل لڙڪ لهوءَ جا لاڙيندي،
    هيءَ آڳ اسان کي ساڙيندي.
    *
    درد سان ناتو آهه پراڻو،
    هڪ حياتي سئو پيڙائون،
    ڀوڳيان روز اڪيلو آئون،
    سپنو سورن جو ڄڻ گهاڻو،
    درد سان ناتو آهه پراڻو.
    *
    عشق! اسان وٽ آئين ڇو؟
    ڪيڏا اڳ خوشحال هئاسين،
    خوشين سان مالامال هئاسين،
    توئي روڄ ڏنو تحفو،
    عشق! اسان وٽ آئين ڇو؟
    *
    جيسين عشق نه آيو هو،
    ياد نه هئي انتظار نه هو،
    غم، اوسيئڙو، آزار نه هو،
    بس جيئڻ ڄڻ ته اجايو هو،
    جيسين عشق نه آيو هو.
    *
    هيءَ يار پريمِ ـ ڪَهاڻي آ،
    دردن ۾ آ دلڙي گهايل،
    نيڻن ۾ ڄڻ لڙڪ سجايل،
    ۽ کوري جيئن دل کاڻي آ،
    هيءَ يار پريمِ ـ ڪَهاڻي آ.
    *

    عشق لڳو پڪ يار اٿئي،
    هيءِ لڙڪ اٿئي جٖي ڳل تي،
    ڄڻ ڪي ماڪ ڦڙا گل تي،
    شايد ڪنهن جي سار اٿئي،
    عشق لڳو پڪ يار اٿئي.
    *
    نيٺ ته مونکي ساريندين،
    آءٌ نه هوندس توسان گڏ،
    سڏ ۾ ڪوبه نه ڏيندئي سڏ،
    هنجون پوءِ تون هاريندين،
    نيٺ ته مون کي ساريندين.
    *
    عشق ۾ ائين ڄاتو مون،
    ڇا جو پاپ ۽ ڇاجي پُڃَ؟
    ڇاجي بک ۽ ڇا جي اُڃَ؟
    منهنجي من ۾ “تون ئي تون”،
    عشق ۾ ايئن ڄاتو مون.
    *
    بس عرض منهنجو تون ياد ڪجان،
    جنهن وقت به من بي چين ٿيئي،
    سنگيت به جٖي سڪون نه ڏيئي،
    تون مون وٽ پوءِ هليو اچجان،
    بس عرض منهنجو تون ياد ڪجان.
    *
    جنهن ڏينهن نٿو تو ساڻ مِلان،
    ٿو روح پرين بيچين رهي،
    ۽ بيحد پيڙا دل ٿي سهي،
    ٿو سارو ڏينهن لڇان، لوچان،
    جنهن ڏينهن نٿو توساڻ مِلان.
    *
    تنهائي به ته گهائيندي آ،
    ايڏو ڇا لئه پيار ڪيو هئيه؟
    سنگدل کي ڇو يار ڪيو هئيه؟
    ڇا ته الاءِ فرمائيندي آ،
    تنهائي به ته گهائيندي آ.
    *
    تنهائي به ته پورن جو نانءُ،
    پنهنجا درد ۽ دنيا جو غم،
    مقتول تمنائن جو ماتم،
    سوچَ به ڄڻ سورن جو نانءُ،
    تنهائي به ته پورن جو نانءُ.
    *
    سڪون پنهنجو برباد نه ڪر،
    خوابن جون ٿو قبرون کوٽين،
    سوچ ته ڇو ماضيءَ ڏي موٽين،
    گذريءَ کي بس ياد نه ڪر،
    سڪون پنهنجو برباد نه ڪر.
    *
    وقت صفا واريٖ نه ڇَڏئي،
    ماضيءَ تي تون مرڪي پئين ٿو،
    حال تي ٽهڪ وڏا تون ڏين ٿو،
    مستقبل رئاري نه ڇَڏئي،
    وقت صفا واريٖ نه ڇَڏئي.
    *











    يادگيرين جا ورق ورن ٿا،
    وقتِ محبت گذري ويو آ،
    سنگدل کي سڀ وسري ويو آ،
    سوچي من ۾ مچ ٻرن ٿا،
    يادگيرين جا ورق ورن ٿا.
    *
    اداس من کي سڪون گهرجي،
    هن ويلي ڪوبه ڪتاب نه آڇ،
    گيت، سنگيت، شراب نه آڇ،
    ڏات کي دل جو ٿو خون گهرجي،
    اداس من کي سڪون گهرجي.
    *
    واعدا ڪوبه نه پاريندو،
    تنهنجٖي من جي ويرانيءَ تٖي،
    شاعر! تنهنجي خودڪشيءَ تي،
    ڳوڙها ڪو به نه ڳاڙيندو،
    واعدا ڪوبه نه پاڙيندو.
    *

    دوست! اسانکي دردَ نه ڏين ها،
    سنگت ساٿ کان منهنڙو موڙيٖ،
    دل ۾ دک جو خنجر کوڙيٖ،
    ڏوراهين به نه ڏيهه وڃين ها،
    دوست! اسان کي دردَ نه ڏين ها.
    *
    وقت جِي وِير ورهاڱو چاهيو،
    مفادن جي ٿي ويڙهه وڏي هئي،
    سياسي ڪتن لئه ڌرم هڏي هئي،
    هر ڪنهن پنهنجو ڀاڱو ٺاهيو،
    وقت جِي وِيرَ ورهاڱو چاهيو.
    *
    تون، مان ڇا لئه ڌار رهون،
    تون به رسڻ جون ڇڏين ادائون،
    ۽ مان ٽوڙيان ڪُل انائون،
    هڪ دل ٿي ٻيهار رهون،
    تون مان ڇا لئه ڌار رهون.
    *

    هاڻ ته يار ٺهي به وڃو،
    توکان ڌار به ڪيئن جياسين،
    پتيون پتيون وکري وياسين،
    ڪائي سار لهي به وڃو،
    هاڻ ته يار ٺهي به وڃو.
    *
    هي ستارا يا رات جون ڪي اکيون!
    تڪينديون رهن نيڻ ڪويءَ جا ڀنل،
    جدائيءَ ۾ جلندي لکيل ڪي غزل،
    لفظ وکريل يا گلابن جون ڪي پتيون!
    هي ستارا يا رات جون ڪي اکيون!
    *
    نينهن ته سَچُ ناسور آ،
    آڌي رات قلم ۽ تون،
    جنهن جي تات قلم ۽ تون،
    ڏور گهڻو سو ڏور آ،
    نينهن ته سَچُ ناسور آ.
    *


    نظم

    گم ٿيل شهر جي ڪٿا

    ڪٿا هن شهر جي يارو! صدين کان ڀي پراڻي هئي،
    لٽيل تهذيب تي حملن جي پَل پَل جي ڪهاڻي هئي.
    پهريون تحفو بسنتي جو، ڀَري جهوليون گلابن جون،
    ڏيڻ گهر گهر ۾ مالهڻ جي، ايندي معصوم نياڻي هئي.
    شهر جي شاهي مندر ۾، امڙ ڌرتي جٖي مورت کٖي،
    مٿو ٽيڪڻ هجومن ۾، ايندي راجا سان راڻي هئي.
    گليءَ جٖي موڙ جي هُن ڀَر، چون ٿا کوهه هوندو هو،
    جتان خلقت سموريءَ جي، سدا اڃ پئي اجهاڻي هئي.
    جهازين جون ونيون تڙتٖي، اچي موهينديون ڏيئا هون،
    جڏهن پن ڇڻ سندي رُت جِي، اچي ويندي پڄاڻي هئي،
    تڏهن معصوم اکڙين مان، اُڏيا ٿٖي ننڊ جا پوپٽ،
    ٻڌي ٻارن جو ٻڍڙيءَ کان، ڪا پرين جِي ڪهاڻي هئي،
    گهڙي ڇا سنگتراش هڪڙي، حسين ڌرتيءَ جي مورت هئي،
    ۽ انهيءَ سال هن نگريءَ، وڏي خوشحالي ماڻي هئي.
    هِتي گيتن ۽ رقصن کي، ته حاصل خاص تقدس هو،
    هتي هر شخص جي يارو! طبيعت عاشقاڻي هئي.
    جنهن لئه تڙپي ڪوي ڪوئي، رچيندو گيت هو غم جا،
    ڪنولن کان به ڪومل سا، هتي جي ڪا مهاڻي هئي.
    انهن جٖي عشق جا قصا، ڌرم ڌرتيءَ سندو بڻيا،
    سدا تاريخ مان “نواز”، اهڙي خوشبو اڏاڻي هئي.


    چانهونءَ جي اوج جي پسمنظر ۾ لکيل نظم.


    سؤ روڳ زندگيءَ جا

    سؤ روڳ زندگيءَ جا،
    ڪهڙا ڇٽائي سگهندين؟
    ڪوريٖ ڀلا ڪيئن ڪڍندين؟
    مون کي طبيب! ڏَسِ تون.
    اظهار اک ـ لڳيءَ جا،
    دل جي ديوانگيءَ جا،
    وڇڙي ويل چُميءَ جا،
    مرڪن جي غائبيءَ جا،
    سؤ درد دل دکيءَ جا،
    تقدير جي ٺڳيءَ جا،
    روزگار جي تنگيءَ جا،
    انصاف جي اَڏيءَ جا،
    جندڙي جهريل جڏيءَ جا،
    بي معنيٰ بندگيءَ جا.
    اسبابَ خودڪشيءَ جا،
    احساس ڄڻ ڪويءَ جا،
    سئوَ روڳ زندگيءَ جا.
    ڪهڙا ڇٽائي سگهندين؟
    ڪورٖي ڀلا ڪيئن ڪڍندين؟
    مون کي طبيب! ڏَسِ تون،
    مون کي طبيب! ڏَسِ تون.!!
    ***


    هر دور جي ڪربل جي، ساڳي ته ڪهاڻي آ

    هر دور جٖي ڪربل جِي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.

    هر دور جٖي ظالم لاءِ، مظلوميت کي مچڻو آ،
    ابن زيادن، شمرن سان، هر جاءِ ٿيڻو پاڻي آ،
    هر دور جٖي ڪربل جِي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.

    هُتِ پياسا ٿٖي تڙپيا، جو فرات تي ها پهرا،
    هِت سنڌوءَ مان واري، چوطرف اڏاڻي آ،
    هر دور جٖي ڪربل جي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.

    برسات ۾ تيرن جٖي، هُت جلندا رهيا خيما،
    هِن ديس جٖي جُهوپن جِي، ڪٿ آڳ اجهاڻي آ!
    هر دور جٖي ڪربل جِي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.

    هر طرف ڌماڪا ۽، رت، باهه، دونهون، دانهون،
    مقتل ڇا اڄوڪي جِي، ٿيڻي نه پڄاڻي آ؟
    هر دور جٖي ڪربل جِي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.


    اصغر جي عمر جيڏا، معصوم ڪٺا هِت ڪئين،
    هِت گهاوَ گلابن کي، ها! رِيت پراڻي آ،
    هر دور جٖي ڪربل جِي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.


    ۽ اڄ جي سڪينه جِي، پيڙا به ته ساڳي آ،
    آجيل ۾ ڀاءُ جنهن جو ۽ پيءُ شهادت ماڻي آ،
    هر دور جٖي ڪربل جي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.

    هڪ ڇانوَ هٿيارن جِي، ٻيو فوج غدارن جِي،
    رت پياڪ يزيدن جِي، ڇو اڃ نه اجهاڻي آ؟
    هر دور جٖي ڪربل جِي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.

    اي ڪاش! امام اچِي، هي حال ڏسين سنڌ جو،
    هر من ۾ ماتم آ، غم جي نه پڄاڻي آ،
    هر دور جٖي ڪربل جِي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.

    اي ابن علي! تنهنجي، سنت ٿي سڏي ٻيهر،
    جو وڙهندي وڙهندي ڪرڻي، هاڻي هڪ هڪاڻي آ،
    هر دور جٖي ڪربل جِي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.

    مون دل جي لغت جو پڙهي، هي لفظ مليا ان مان،
    تصويرِ ڪرب و بلا، اڄ سنڌ نماڻي آ،
    هر دور جٖي ڪربل جِي، ساڳي ته ڪهاڻي آ.
    ***


    سمجهي خواب وساري ڇڏجان

    زندگي خوبصورت آهه مگر،
    موت ايڏو به خراب نه آ.
    زندگيءَ جا پُرُ رونق رستا،
    موت جو نانءُ عذاب نه آ.
    درد، پيڙا ۽ الجهن کان بس،
    نجات ڏي هڪ رستو آ.
    بک بيماريون، مهانگو جيون،
    موت اٽل ته به سستو آ.
    ڀل اڳتي اوندهه هجي ته هجي پر،
    آرام جي لاءِ ضروري آ.
    ٿڪل، ٽٽل ذهنن لاءِ،
    سُڪون وڏي مجبوري آ.
    ها! وارن ۾ نازڪ آڱرين يا،
    ڳَلَ ــ چُمين جو ڇهاءُ نه ملندو.
    وصال کان پوءِ ته وڇوڙي جو پر،

    دل کي گهرو گهاءُ نه ملندو.
    روز جا رنج، رساما، شڪوه،
    تن جي ڪابه شڪايت نه رهندي.
    دل رڪجڻ ۽ اک بند ٿيڻ بعد،
    دک جي وِير نه چڙهندي لهندي.
    تنهنجي پيار کان اڳ ۾ جاني!
    ڪنهن وٽ به مون لئه نفرت نه هئي.
    اڄ هَرُ من ٽانڊا منهنجي لئه،
    جنهن وٽ به مون لئه نفرت نه هئي.
    ڇا لفظ زخم هن؟ چئي ڏي جاني!
    بس هاڻي ڪتاب بند ٿيڻ ئي گهرجي.
    محبوب ڪجان هر غلطي معاف!
    زندگيءَ جو باب بند ٿيڻ ئي گهرجي.
    جنهن وقت به منهنجي سار اچئي،
    سمجهي خواب وساري ڇڏجانءِ.
    جهڙو به هئس بس تنهنجو هئس،
    سٺو يا خراب وساري ڇڏجانءِ.
    ***


    جنوني حڪمرانو! جنگيون نه ڇيڙيو

    اگر جنگ جو وحشي، ستل ڀوت جاڳيو،
    ۽ ڪٿي ڪنهن به جاءِ جٖي ايٽم ڪو ڦاٽو،
    شروع ٿيو هي سلسلو ته، رڪجي نه سگهندو،
    انسان ته ڇا يزدان کان به وسري نه سگهندو.
    ته تصور کان زياده تباهي ٿي ويندي،
    ۽ ويران خدا جي، خُدائي ٿي ويندي،
    ڪٿي چنڊ جهڙا، ڪي چهرا نه رهندا،
    ۽ پوپٽن جا گلابن تي پهرا نه رهندا.
    نڪي ساز، سُرندا نه سنگيت رهندا،
    پيار وارا چپن تي نڪي گيت رهندا.
    پهاڙن تي وسڪار ۾، ڪٖي مورا نه ٻُرندا،
    سڄڻ پنهنجا ساري، نڪي جيءَ جهرندا.
    نه ٻاجهر جٖي کيتن ۾، پيهن تي هڪلون،
    نڪي انب، ڏاڙهون، کجورون ڪي پڪلون.
    نڪي ناچ، ڏونڪا، نه جهمريون جمالا،
    نه ٽم ٽم ٽانڊاڻا، نه اوندهه ۾ اجالا.
    نه مچ تي ميڙاڪا، نه راڳن ــ رهاڻيون،
    نه ٿر ۾ ٿريلن جون، قربن ــ ڪهاڻيون.
    نڪي شام ويلٖي، وري ڌڻ ڪي ورندا،
    پرهه جو پاڻيءَ تي، نڪي هنجَ تَرندا.

    نه چنڊ لئه چڪورا، پريشان رهندا،
    ۽ سورج مکي سج لئه نه حيران رهندا.
    نه ٻارڙن جون معصوم، ٻوليون ڪي ٻاتيون،
    نه پرهه جو پکين جون ڪي لامن تي لاتيون.
    سمنڊن جٖي سينن تي، ڪڏهن سڙهه نه پَسبو،
    نه هوا جٖي هندورن تي، ڪونجن جو ڪڻڪو.
    نه مورن ٽهوڪا، نه ڪوئل جون ڪوڪون،
    اڌ ٿيل اندر مان، نه بانسريءَ کي ڦوڪون.
    نه رنگين گلڙا، نه ئي وَلِ ڪا رهندي،
    نه مسجد نه مندر، نه ديول ڪا رهندي.
    نه عيدون، باراتون، نه هوليون، نه ڏياريون،
    نه ميلا، نه ٻيلا، نه ٽانگر، نه ٽاريون.
    نه شاديون، مراديون، نه مينديون، نه لاڏا،
    نڪي گهوٽ، گهوڙا، نڪي سڏ ــ پڙاڏا.
    نه ڪنڌين تي ڍنڍن جٖي، ڪنول ڪوبه ترندو،
    ڪٿي آبي جيوت جو، نڪو نانءُ رهندو.
    نه باغن ۾ بلبل، نه محفل ڪا رهندي،
    نه ڪنهن لئه ڌڙڪندڙ، ڪٿٖي دل ڪا رهندي.
    هٺيلن هرڻن جون، ڪي ٽوليون نه رهنديون،
    ۽ ٿر ۾ ٻاٻيهن جون ڪي ٻوليون نه رهنديون.
    نه محلات، ماڙيون، نه ئي ڪا حويلي،
    نه نرگس، نه موتيا، نه چمپا، چمبيلي.
    نڪا سونهن رهندي، نه سونهن جو ڪو تصور،
    اکين سان چُمڻ جهڙو نه محبوب منظر.
    ها! ڌرتيءَ تٖي عزرائيل سندو رقص ٿيندو،
    ته جهنگلي جيوت جو به اچِي انت ويندو.
    نه بندر، بازاريون، نڪي بحر رهندا،

    نڪي ڳوٺ ويڙها، نڪي شهر رهندا.
    ڪٿي ڪين رهنديون، ڪي جوڀن جوانيون،
    رڳو موت رڙندو، رڳو ئي ويرانيون.
    نڪي فڪر، فلسفا، نڪي فهم رهندا،
    نڪي سوچ، ڌارائون، نڪي وهم رهندا.
    نه تهذيب ۽ تمندن جا تڪرار رهندا،
    نه تاريخ رهندي، نه ڪردار رهندا.
    نه ٻوڌي، نه جيني، نه سورج ــ پرستا،
    نه صوفي، نه سامي، نڪي بت ــ پرستا.
    نه انجيل، گيتا جو ڪو گيان رهندو،
    نه بائيبل ڪٿي ۽ نه ڀڳوان رهندو.
    نه رهندو، نه مسلم، نڪي، سِکَ، عيسائي،
    نڪو ڌرم رهندو، نه ڪا قوم ڪائي.
    نڪي رنگ، روشنيون، نه خوشبوءِ رهندي،
    سڙيل لاش چوطرف بدبوءِ رهندي.
    ڪٿي ڪنهن جڳهه جٖي، ڪو ”جيون“ به بچندو،
    ته انڌو، يا منڊو، يا لُولو، يا لنگڙو.
    جياپيٖ مان تنگ سوبه منتظر موت جو،
    هر آهه زخمي، هر ساهُه سڏڪو.
    سلامت جسم ڪنهن ۾، رهيو جٖي به ”هٿ“ ڪو،
    ته جنگي جنون جٖي، ڏيندو منهن تي ڀونڊو.
    سموري فطرت جو، ڇو ٿا موت چاهيو؟
    هر زندگي ٿئي، ڇو ٿا فوت چاهيو؟
    پنهنجي وحشيتن تي، ٻٽيهون نه ٽيڙيو،
    جنوني حڪمرانو! جنگيون نه ڇيڙيو.
    جنوني حڪمرانو! جنگيون نه ڇيڙيو.
    ***


    تنهنجي ٻڍڙي هردي ۾ ڪو، ڏاهر وارو روح هئو.

    تنهنجي فڪر منجهه فنا ٿي سيد! سنڌڙي ساري آ،
    تو جو خواب ڏٺو هو سيد!، تنهنکي سنڌ سڃآتو آ.
    تو ٻيجل بنجي سئن هئين جا، تنهنکي پنهنجو ڄاتو آ،
    ٿو پن پن مان پڙلاءُ اچٖي ، جو آتو آ تنهن ڳاتو آ.
    توئي معنيٰ بخشي سيد! موهن جٖي آثارن کي،
    نوريءَ ڄام تماچيءَ کي ۽، ڪينجهر جي ته ڪنارن کي.
    ساڻيهه سونهن ــ سنگهارن کي ۽، مارئيءَ توڙي، مارن کي،
    ڪارونجهر جي مورن کي ۽، مڪليءَ جي ته مزارن کي.
    ڌرتيءَ سرتيءَ پنهنجيءَ جي هن تاريخي ڪردارن کي،
    “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”، هوشوءَ جٖي للڪارن کي.
    مخدوم بلاول، شاهه عنايت، دولهه، دودٖي پارن کي،
    توئي معنيٰ بخشي سيد! ڏاهر جي ڏهڪارن کي.
    توئي پردو چاڪ ڪيو هِت، ملان، پير مڪارن جو،
    وطن فروش وڏيرن جو ۽، سارن ديس ــ غدارن جو.
    نائون جٖي ناجائز ٻارن جو ۽، سازشين سردارن جو،
    جٖي ڪرسيءَ عشق انڌا ڪياتن اڄ جٖي چنيسر پارن جو.
    توئي پردو چاڪ ڪيو هِت، ٻاهران ايندڙ ڌارين جو،
    جيڪو سنڌلئه گونگو ٻوڙو، تنهن کي ڪِٿِ تو معاف ڪيو هو.
    تون ئي پهريون دانشور جنهن، ثابت صافئون صاف ڪيو هو،
    شاهه لطيف آ قومي شاعر، پُٽ ڏيندڙ ڪو پير نه آ.
    جيڪو ڀٽ تي باسون باسي، زندهه سو به ضمير نه آ،
    ڀٽ ڌڻيءَ جٖي بيتن ۾ تو، پورهيت جو ڪردار ڏٺو.
    ڀٽ ڌڻيءَ جٖي بيتن ۾ تو، سونهن ڏٺي، سنسار ڏٺو،
    ڀٽ ڌڻيءَ جٖي بيتن ۾ تو، باغي هر ڪردار ڏٺو.
    ڀٽ ڌڻيءَ جٖي بيتن ۾ تو، سهڻيءَ سان ميهار ڏٺو،
    ڀٽ ڌڻيءَ جٖي بيتن ۾ تو، سنڌو تارئون تار ڏٺو.
    ڀٽ ڌڻيءَ جٖي بيتن ۾ تو، غلاميءَ کي ڄڻ گار ڏٺو،
    ڀٽ ڌڻيءَ جٖي بيتن ۾ تو، آزاديءَ سان پيار ڏٺو.
    ڀٽ ڌڻيءَ جٖي بيتن ۾ تو، ڪرندي قهري ڪوٽ ڏٺو،
    “هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ"، ارڏو هر اڻ موٽ ڏٺو.
    ڌرتي، ڌرتيءَ وارن لئه تو، وڙهندي چوٽان چوٽ ڏٺو،
    آزاديءَ جا نعرا هڻندٖي، گهايل هرڪو گهوٽ ڏٺو.
    سوات، وزيرستان منجهان هِت، دهشتگرد گهرائن پيا،
    خودڪش بمبار گهرائي هِت ڪا، رت جي راند رچائن پيا،
    آپريشن جِي آڙ وٺي هِت، آءِ، پي، ڊيز پڄائن پيا،
    سنڌ جي ساري ڌرتي هاڻي، ويرين کان ولرائن پيا،
    پاڻي بند ڪري هت پنهنجو، ساري سنڌ سڪائن پيا،
    پئٽرول، ڪوئلو، گئس هتي جِي، پنجاب وٽ پڄائن پيا،
    پوءِ به سنڌ جا ويري بڻيل، توڙي سنڌ جو کائن پيا،
    ناڻو، پاڻي لکي ڏنائون ته به، سنڌي پاڻ سڏائن پيا،
    لعنت وارو طوق سدا لئه، پنهنجي لئه لکرائن پيا،
    او سيد! تنهنجا ٻار ڏنگا اڄ، تن سان هِت ٽڪرائن پيا،
    او سيد! تنهنجا ٻار ڏنگا هِتِ، جيئري خوب جلايا ويا،
    ڪي شينهن شهيد ڪرايا ويا، ڪي گوليون هڻندي گهايا ويا،
    ڪي کنڀي گم ڪرايا ويا ۽ ٽارچر سيل پڄايا ويا،
    چچريل چچريل لاشا تن جا، اونده ۾ اڇلايا ويا،
    تن سان تنهنجو ٺاهه نه هو جن، قوم کي گهرو گهاءُ ڏنو،
    قوم کي قوم مڃايو توئي، ساهه ڏئي ويساهه ڏنو،
    آزاديءَ جي ديويءَ کي تو، مان ڏئي مرڪايو آ،
    توئي قلم جٖي طاقت سان هت، قومي ڪفر ڪنبايو آ،
    عيسيٰ، گانڌيءَ کان پوءِ تون جنهن اهنسا اپنايو آ،
    صوفين واري سوچ کڻي تو، پنهنجو فڪر پڄايو آ،
    جو جيئي سنڌ چئي جان ڏيڻ کان، ڪنهن به نه هِت گهٻرايو آ،
    ڦاهيءَ ڦنڊا چمندي چمندي، پنهنجو نينهن نڀايو آ،
    توکي سُڌِ سموري هئي هيءُ، جهونا ڳڙهه جهري پوندو،
    توکي سُڌِ سموري هئي هيءُ، قهر جو ڪوٽ ڪِري پوندو،
    ۽ ڪلاچيءَ جٖي ڪن ڏي ڪوئي، موريو مير وري پوندو،
    هي ٿلهو ٿنڀرو ٿونا هڻندڙ، متل مڇ مري پوندو،
    توکي سُڌِ سموري هئي هِت، ڏيل انهيءَ جو ڏري پوندو.
    وقت جي ڪنهن به يزيد اڳيان هِت، تنهنجو ڪنڌ نه جهڪڻو هو،
    تنهنجي ڏاهپ، ڏات اتم هئي، تنهنجو قلم نه وڪڻو هو،
    وقت جي تيز طوفانن اڳيان، تنهنجو قدم نه رڪڻو هو،
    توئي سامي، صوفي بنجي، اندر سنڌ جو اجاريو هو،
    ڪوڙ جٖي منهن تٖي ڌوڙ مَلٖي تو، سَچَ جو ٻيڙو تاريو هو،
    سو ته اڃان ٿو ڀڙڪا کائي، ٻارڻ جو تو ٻاريو هو،
    ڪن لئه ماکيءَ لار ته ڪن لئه، ٽهڪي نڪتل ٽوهه هيو،
    ڪن لئه آب زم زم هو ۽، ڪن لئه کارو کوهه هيو،
    تنهنجي ٻڍڙي هردي ۾ ڪو، ڏاهر وارو روح هيو.
    تند، ڪٽاري، ڪنڌ سندو هتِ، توئي ڄاتو راز آهي،
    تنهنجو فڪر سمورو سيد! پرهه ڏانهن پرواز آهي،
    تنهنجو فڪر سمورو سيد! عشق سندو انداز آهي،
    چارڻ واري سئن آ ساڳي، سرمد جو آواز آهي،
    منصورن جي مام آ ساڳي، سچل جو سُرُ ساز آهي،
    جيئي سنڌ سدائين جيئي، سنڌ سڄيءَ کي ناز آهي،
    تنهنجو عشق ۽ عظمت سيد! صدين تي ڀي ڀاري آ،
    تنهنجي فڪر منجهه فنا ٿي، سيد! سنڌڙي ساري آ،
    تنهنجي فڪر منجهه فنا ٿي، سيد! سنڌڙي ساري آ.
    ***
    سيد اعظم سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا


    سيد جي سنڌ کان موڪلاڻي

    ڇڏي سڀ بهارون، خزائون وڃان پيو،
    هڪ ڏات منهنجي، ٻيو آئون وڃان پيو.
    آزاديءَ جون تولئه، گهلن شل هوائون،
    ڪندو ديس توکي، دعائون وڃان پيو.
    نه مايوس منهنجي، ٿجان قوم ڪڏهين،
    ڪيو نانءُ تنهنجي، وفائون وڃان پيو.
    غداريءَ جا الزام، خوش ٿِي قبوليم،
    توڙي مون کي ڪافر، سڏيائون وڃان پيو.
    پيا زندان ٿڪجي، نه جذبا جهڪيا ها،
    ڪيون عشق زائل، سزائون وڃان پيو.
    ڪو زندان سان پيچ پائٖي خبر ڇا؟
    ٿيو اڄ اڪيلو جو آئون وڃان پيو.
    حَسين خواب منهنجٖي، جي پارت اوهان کي،
    ڪريو ساڀيان جون، صدائون وڃان پيو.
    مان صوفي لا ڪوفي هان حيدر جو پوٽو،
    وساري سڀن جون، جفائون وڃان پيو.
    ***

    سيد اعظم سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي تي لکيل نظم.


    روح جي ويراڳ جي تحرير

    خود خدا جي خاص هڪڙٖي،
    خيال جِي تصوير هو.
    هُو شخص سنڌ جي روح جٖي،
    ويراڳ جي تحرير هو.
    هُو شخص سنڌ جٖي درد جٖي،
    درمان جِي تدبير هو.
    هُو شخص پنهنجي ذات ۾،
    نئين سنڌ جِي تعمير هو.
    هُو شخص هو جو آجپي جٖي،
    عشق جو تفسير هو.
    ۽ خود خدا جي خاص هڪڙي،
    خيال جِي تصوير هو.
    ***


    سيد امداد محمد شاهه جي نانءُ


    هڪ صديءَ جي سيني ۾ اڄ سورهن ساله دل ٿي ڌڙڪي

    منهنجي ديس جو هڪ ليکاري،
    اٽڪي روز عقابن سان ٿو.
    آزادي جا اچڻي آهي،
    جيئي ان جٖي خوابن سان ٿو.
    جنهن جٖي قلم جٖي نوڪ منجهان هِي،
    ڦول ڦٽن پيا محبت جا ڏِسُ.
    ماروئڙن جٖي مُرڪُن جا ۽.
    آزاديءَ جٖي عظمت جا ڏِسُ.
    جنهن جٖي قلم جٖي نوڪ منجهان هِي،
    سنڌڙي پئي ٿي ساهَه کڻي.
    علم، ادب ۽ عشقِ ــ وطن جا،
    وَرَ وَرَ پئي ويساهه کڻي.
    جنهن جي آڏو ديس جو دشمن،
    ڪمان آڏو ڪانءَ جيان آ.

    ڏُور کان ايندڙ هم وطنن لاءِ هُو،
    ٿڌڙيٖ ڪوريٖ ٿانءُ جيان آ.
    ٽاڪ منجهند جٖي ٽاڻي ۾ هُو،
    نم جي ٿڌڙِي ڇانءُ جيان آ.
    هن جو ساٿ سڳنڌ سمان آ،
    جيجل جي ڄڻ هانءُ جيان آ.
    هن جي محبت کٽڻي ناهي،
    ڌرتي، ڌرتيءَ ــ ڄاين سان.
    ساميءَ جي ته سلوڪن سان ۽،
    شاهه لطيف جي واين سان.
    هُو سنڌ وطن جو ارڏو عاشق،
    سچل واري سوچ جو وارث.
    سيد واري سوچ ذهن ۾،
    شيخ اياز جٖي لوچ جو وارث.
    سنڌڙي جنهن جي جندڙي آهي،
    جنهن تان گهور ٿئي ٿو پيو.
    “عالم سڀ آباد ٿين” بس،
    فڪر لطيفي پيئي ٿو پيو.
    جنهن جو دين ڌرم آ ڌرتي،
    جنهن جي لاءِ جيئي ٿو پيو.
    هن جو تخيل عَلم اتاهون،
    چوٽ خلائن ۾ ٿو ڦڙڪٖي.
    هڪ صديءَ جٖي سيني ۾ اڄ،
    سورنهن ساله دل ٿي ڌڙڪٖي!!!
    ***


    سائين محمد ابراهيم جوئي کي سئو سالا جنم ڏهاڙي تي ڏنل ڀيٽا.


    قنديل جا قاتل

    تون ڪهڙا ڦورا ڦوليندين؟
    تون ڪهڙا پيرا ڳوليندين؟
    هُو سونهن جا قاتل، سرت جا قاتل،
    پيار جا قاتل، پرت جا قاتل،
    مهڪ جا قاتل، مرڪ جا قاتل،
    مڌ جي هرهڪ سرڪ جا قاتل،
    سهڻي هر صورت جا قاتل،
    ماڻهوءَ ڇا؟ مورت جا قاتل،
    فهم، فڪر ۽ فن جا قاتل،
    درد ڀري ڌڙڪن جا قاتل،
    نينهن جا قاتل، ناز جا قاتل،
    سوز جا قاتل، ساز جا قاتل،
    رقص جا قاتل، گيت جا قاتل،

    سونهن ڀرئي سنگيت جا قاتل،
    روح، ذهن ۽ دل جا قاتل،
    مرڪن جي محفل جا قاتل،
    جيون جي هر راز جا قاتل،
    عشق سندي انداز جا قاتل،
    ٻاراڻين ٻولين جا قاتل،
    پوتين ۽ چولين جا قاتل،
    هرڻي، ڪونج ۽ ڊيل جا قاتل،
    چمبيلي، رابيل جا قاتل،
    ڪوئل جي ڪُو ڪُو جا قاتل،
    خوشين ۽ خوشبو جا قاتل،
    چاهت، چين، چمن جا قاتل،
    ٻيو ته ٺهيو پر امن جا قاتل،
    سنڌؤَ، دجله، نيل جا قاتل،
    سي ئي ٿِئي قنديل جا قاتل،
    سي ئي ٿِئي قنديل جا قاتل.
    ***


    خوبصورت ماڊل قنديل بلوچ جي قتل تي لکيل نظم.


    ڏات اسان جي ڏيهه جِي ديوي

    ڏات اسان جي ڏيهه جي ديوي!
    مون وٽ جنهن پل ايندي آن تون،
    ڌرتيءَ جي هٻڪار کڻي،
    ۽ سانگيئڙن جي سار کڻي،
    ۽ پورهئي پيارَ ــ پَچار کڻي،
    نينهن نئين سان نواڻ کڻي،
    ۽ سونهن کڻي، سرهاڻ کڻي،
    ۽ خوشين جي ڪا کاڻ کڻي،
    ڪي چاهت چاهت چنگ کڻي،
    ڪي روح جي راحت رنگ کڻي،
    ڪي سوچن ــ سونا سنگ کڻي،
    ڪن ته اتم انسانن جا،
    ۽ آزاديءَ ــ پروانن جا،
    ۽ ڌرتيءَ جُنگ جوانن جا،
    ڪي ٻول ٻڌائي ويندي آن تون،
    مون وٽ جنهن پل ايندي آن تون.
    ڏات اسانجي ڏيهه جي ديوي!

    ***


    يار مجيد جي نانءُ

    تولحد سان جيئن ئي لانوَ لڌِي، ڄڻ شهر ــ خموشان روئي ڏنو،
    سڀ نيڻ ڪڪر ٿيا سانوڻ جا، هر شخص ڪرڀ مان روئي ڏنو.
    پرڀات پکين جٖي ٻولين ٿٖي، ڪي گيت غمن جا جهونگاريا،
    ۽ موذن جي لفظن پڄري ٿٖي، آذان چوڻ سان روئي ڏنو.
    سي آتا منهنجي آجيان لاءِ، اڄ بند ڪفن ۾ ڀاڪر ٿيا،
    ڪيئن ساءُ اچٖي ٻئي ساٿ منجهان، هر دوست مهربان روئي ڏنو.
    هر ڳل تي ڳوڙهن رم جهم ڏئي، تون ائين اچانڪ وئين به هليو!
    اڄ تنهنجي وفا جو ذڪر ڪري، هر دل آ پريشان روئي ڏنو.
    دوستيءَ جي مقدس خوشبو کي، اي دوست! دفن ٿيندي ته ڏسو!
    ڪنهن سڏڪي مون کي سڏَ ڪري، ڀاڪر ۾ مون سان روئي ڏنو.
    البم ۾ تنهنجا ڦوٽو پيل، ايئن جهير جگر کي ڏئي ويندا،
    مون کي ته مٺا آ ايئن لڳو ڄڻ وقت پشيمان روئي ڏنو.
    تربت تي گلن جي صورت ۾، اڄ لڙڪ لهوءَ جا دل هاريا،
    اي دوست! عمر لاءِ الوداع ٿو "نواز" وڃان مان روئي ڏنو.
    **


    پنهنجي پياري دوست عبدالمجيد ڏاهريءَ جي وڇوڙي تي لکيل نظم.


    واڍي جو پٽ واڍو ٿيندو

    هڪڙو ننڍڙو ٻالڪُ آهي،
    جو اسڪول پڙهڻ ٿو چاهي،
    سندس پيءُ هڪ واڍو آهي،
    وڻن وڍڻ ۾ ڏاڍو آهي.
    "غربت" جنهن جٖي "گهر جو ڀاتي"،
    خواهشن آڏو تکي ڪاتي،
    پيءُ کان جيئن موڪل گهري ٿو،
    اسڪول پڙهڻ لئه منٿ ڪري ٿو،
    پيءُ انهيءَ کي چئي ٿو، ننڍڙا!
    منهنجا پيارا پيارا ٻچڙا!
    پڙهي ڪهڙو افسر ٿيندين؟
    انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيندين؟
    جٖي پورهئي کي اپنائيندين،
    تون بک جي باهه وسائيندين،
    ڏاڏهن کان وٺي بابهن تائين،
    توکان تنهنجي پوين تائين،
    آ پنهنجٖي لئه دستور اهو،
    "واڍي جو پٽ واڍو ٿيندو".
    پيءُ سندي هيءَ ڳالهه ٻڌي،
    چپ چاپ ڇڏي ٿو لڙڪ اگهي.
    ***


    تون ئي تون

    يا خدا!
    هُو فقيرِي چوغٖي،
    سُلفيءَ جٖي سُوٽٖي،
    ۽ رت ـ هاڻين اکين سان،
    موالين جا ولرَ پالٖي،
    ڏيهه اڳيان پاڻ کي عابد، عارف ۽ مجذوب سڏائيندڙ،
    نقلي صوفي.
    هُو دعائن جا اگهه مقرر ڪندڙ،
    ۽ درگاهه جي آمدنيءَ تان وڙهندڙ،
    گادي نشين جا لاڏلا،
    ۽ هُو پاڙي وارِيءَ مسيت جو "صحتمند" ملان،
    مون کي تنهنجي ذات جو "منڪر" ٿا سمجهن.
    تن کي ڀلا ڪهڙي خبر؟
    ته "پيار" جي پاڪ لفظ،
    رنگ برنگي گلڙن جي پنکڙين،
    وڻن ۽ ٻوٽن جي گؤنچن،

    سرنهن جٖي پِيلن،
    نازبوءَ جي نيرن،
    ۽ ڪنول جٖي خوبصورت گلن،
    پرهه ويلٖي پکين جٖي ٻولين،
    ڪوئل جٖي ڪوڪن،
    تتر جٖي تنوارن،
    مورَ پکيءَ جي پڇ جي کنڀن،
    پوپٽ جٖي پرن،
    جُهڙَ جٖي بوندن،
    انڊلٺ جٖي رنگن،
    آڪاش جٖي ستارن،
    سنڌؤَ جٖي لهرن،
    صبح جٖي هوا جٖي تازگيءَ،
    ڪنهن قلندر جٖي بيخوديءَ مان ڪيل رقص دوران وڄندڙ.
    ڇيرين جٖي ڇم ڇم،
    تنبور جِي تان ... تان ...،
    سنگيت جٖي سڀني سرن،
    ڀٽ ڌڻي جٖي بيتن،
    ڪتابن جي ورقن،
    معصوم ٻارڙن جٖي مسڪراهٽن،
    ۽ هن ديس جٖي سانورين، سلڇڻين،
    اڄ جٖي موملن، مارئين، سهڻين، سسئين ۽ سورٺن،
    جٖي نوخيز نيڻ ۾،
    مون کي "تون ئي تون" نظر ايندو آهين.


    پٿر جي شڪايت

    يا خدا!
    تون ئي ٻڌاءِ،
    خوبصورت ماڻهن جٖي،
    سنين اندر،
    دل جي جڳهه،
    تون هٿان رکيل،
    پٿر جي شڪايت،
    ڀلا ڪنهن سان ڪجي!؟


    سائين محمد ابراهيم جويو جي نانءُ

    يا خدا!
    هُو جو ادب جي اڀ جو سدا جرڪندڙ سورج آ،
    جنهن جٖي روشنيءَ سان سوين ستارا،
    جڳمڳ جرڪندا ٿا رهن،
    هو جو ساهت جٖي چمن جو سدا بهار آ،
    جنهن جِي هٻڪار صدين جٖي سرحدن تائين به،
    قيد ٿيڻ جي نه آ،
    جنهن جي هڳاءَ سان،
    منهنجي ديس جي گلي گلي مهڪي رهي آ.
    هُو ادب جي ميدان جو اهو شهه سوار آ،
    جيڪو پنهنجي ارادن جٖي اجهل گهوڙن جي سنبن هيٺ،
    ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ جهالت کي،
    بي رحميءَ سان لتاڙيندو،
    هر ويل منزل طرف وڌندو ٿو رهي،
    جڏهن انڌيرن جا همراز "چمڙا" ۽ "چٻرا"،
    ماحول کي مقامن ۽ مساڻن سمان،
    بنائي رهيا ها،


    تڏهن هيءُ انڌيرن جي قوتن سان اٽڪي پيو هو،
    ۽ هاڻ،
    سندس وارن جِي "چاندي"،
    سنڌ جي نئين نسل وٽ "سون" کان وڌ مان لهٖي ٿي.
    ۽ سندس ذات،
    باغي نسل لاءِ روشني جي لاٽ آهي،
    ۽ ايندڙ صبح ڏانهن ويندڙ واٽ آهي.

    يا خدا!
    هن جي جذبي کي نت نئين جلا ۽ جوت بخش،
    هن جي آڱرين کي قوت عطا ڪر،
    ته جيئن ڪڏهن به ٿَڪ جو احساس نه ڌاري سگهن،
    يا خدا!
    هن جٖي قلم جِي مسُ کي،
    ڪڏهن به سُڪڻ نه ڏجانءِ،
    سندس زندگيءَ جو سورج
    پنهنجي آب وَ تاب سان
    سدائين جرڪندو ئي رهي ــ


    هم خيالي

    هُن جون منهنجون،
    سوچون ساڳيون، سپنا ساڳيا،
    خيال به ساڳيا،
    حال به ۽ احوال به ساڳيا،
    روز ٻنهي جٖي ذهن ۾ پيدا ــ
    ٿيندا آهن سوال به ساڳيا،
    جن جا روز جواب ٿا ڳوليون،
    شعورَ، سمنڊ ۾ اٿندڙ ڇوليون،
    پيڙا ڏين ٿيون، پور به ڏين ٿيون،
    سَچُ ته ڪيئي سُور به ڏين ٿيون،
    جن سان من وندرايون ٿا،
    ۽ پاڻ کي ڄڻ پرڀايون ٿا،
    روز ملون ٿا،
    روئون، کلون ٿا،
    ايئن وقت گذاريون ٿا!
    بس ايئن وقت گذاريون ٿا!!


    خودڪشي

    دوستو!
    اوچتو ئي اوچتو،
    توهان جٖي ٻڌو،
    ته زندگيءَ جو ڏيئو،
    ڏيئي ڦوڪ مون پاڻ آ وسائٖي ڇڏيو،
    ته تعجب نه کائجو،
    ڇو جو.
    جنون ــ محبت ۾،
    جدائيءَ جو.
    هر دور ۾ اهو ــ
    آهي انجام ٿيو.


    سنگتراش

    يا خدا!
    مون کي سنگتراش بنائي ڇڏ،
    روح جي گهراين ۾ رهندڙ،
    جنهن پرينءَ جي پرتوي کي،
    منهنجي اندر جون اکيون،
    هر ويل چمنديون ٿيون رهن،
    مرمر جي پٿر سان،
    ان محبوب جو خوبصورت مجسمو بنائي،
    پنهنجي ڪمرٖي ۾ سجائٖي ڇڏيان.
    جيئن ــ
    منهنجون هيءَ ظاهري، هي ويران،
    هي اداس، هي بدنصيب اکيون،
    ايندي ۽ ويندي،
    هر ويل جنهن جٖي،
    چرنن ۾ پنهنجي،
    نگاهن جون مکڙيون،
    ڀيٽا رکڻ جو،
    شرف حاصل ته ڪنديون رهن.


    نئين دور جو لقمان حڪيم

    يا خدا!
    مون کي توفيق عطا فرماءِ،
    جيئن مان نئين زماني جو،
    “لقمان حڪيم” بڻجي وڃان.
    ۽ اهڙي “دوا” ايجاد ڪري سگهان،
    جنهن جي واپرائڻ سان،
    محبوب ماڻهن جي دلين ۾،
    “جفا جو ڪوبه جراثيم” باقي زنده نه رهي،
    ۽ رنج، رسامن، جداين ۽ بيوفاين جٖي بيمارين جي پاڙ،
    هميشه هميشه لاءِ پٽجِي وڃي،
    جيئن تنهنجي دنيا ۾،
    رڳو “پيار ئي پيار” پلجندو رهي.


    ڏات جون ڏياٽيون

    يا خدا!
    مون کي مجاز جي مچ ۾،
    ڪندن ڪري ڇڏ،
    جيئن منهنجٖي ڏات جون ڏياٽيون،
    خواجه فريد ۽ حمل فقير جٖي،
    تسلسل کي،
    برقرار رکي سگهن.


    چنڊ جي چاهنا

    يا خدا!
    چڪور بنجي منهنجون اکيون،
    جنهن “چنڊ” کي چتائي ڏسنديون رهنديون آهن،
    ان کي،
    منهنجٖي نگاهن جي نور کان،
    ڪڏهن به اوجهل نه ڪجان.


    چند ٽڪن جي قيمت

    يا خدا!
    چند ٽڪن کي،
    ايڏو به قيمتي نه بناءِ،
    جو زخمي ديس جٖي،
    چچريل وجود تٖي،
    پَها رکندڙ هٿ به،
    وڪامجي وڃن،
    ۽ ساڻيهه سان گڏ،
    انسانيت جو زنده ضمير به سڏڪي پئي.


    غزل

    جفا جي شهر مان گذري، ڪيئي گلفام سارٖي ٿو

    جفا جي شهر مان گذري، ڪيئي گلفام سارٖي ٿو،
    انهيءَ رنگين موسم جِي، مسافر شام ساري ٿو.

    بڻيون جو چؤڪ هڪڙي ۾، صفا ٻئي با وضو اکيون،
    چمڻ سان نيڻ سجدٖي ۾، مليا انعام ساري ٿو.

    گلابِي شام ۾ جرڪِي، صراحيون ڇا ته مهڪيون هون!
    ڪوي پرڪيف محفل ۽، چپن جا جام ساري ٿو.

    پرهه ويلٖي مڌر جنهن تان، فضا ۾ سر پکيڙيا ٿي،
    ٽٽل طوفان ۾ وڻ جِي، چتون سا لام ساري ٿو.

    اڃن نيڻن اجهامڻ پل، تلاشيا ٿٖي ڪڪر اُڀَ ۾،
    ڇڏيندي ديسَ، ڌرتيءَ کي، ٿري گگدام ساري ٿو.

    ڇڏي ڪيئن عڪس اڻمٽ ويا، حسين يادن جا جيون تٖي،
    رڃن ۽ رڻ پٽن ۾ جٖي، ٿيا گمنام سارٖي ٿو.

    لکي ڪجهه شعر ڪارڊ ۾، وڌئين پتيون گلابن جون،
    نه ورتس عيد تي ڪنهن سٖي گهڙيون ماتام ساري ٿو.

    “نواز” آڇون نگاهن جون، تولئه ڀاڪر به آتا ها،
    اُهٖي خوشبو ڀريا پل ۽، اکين ــ انعام سارٖي ٿو.
    ***


    آ جواني گذارِي، غمن ڳڻتين ۾،

    آ جواني گذارِي، غمن ڳڻتين ۾،
    مگر پئي نه گهاري، غمن ڳڻتين ۾.

    ڪوهين ڏوُر خوشيون، ڇڏٖي ٿي رواني،
    هي جيون ــ سواري، غمن ڳڻتين ۾.

    اڃا درد دل ۾، پيو روز پلجي،
    عجب بيقراري، غمن ڳڻتين ۾.

    ڏٺو چنڊ آئي، ۽ وئي عيد گذرِي،
    اُڌاري سڌاري، غمن ڳڻتين ۾.

    پرينءَ لئه پياسا، سدا نيڻ رهيا،
    ڏٺي جا به ڏياري، غمن ڳڻتين ۾.

    هي ذلت جٖي ساگر جٖي موجن ۾ ڪشتِي،
    آ بيروزگاري، غمن ڳڻتين ۾.

    نديءَ جو ڪنارو ۽ تنهائي، لهرون،
    مٿان رات ڪاري، غمن ڳڻتين ۾.

    هو ڪهڙو به ماضي، ڪجي ياد ڇا ڇا؟
    ايئن عمر گهارِي، غمن ڳڻتين ۾.

    لِڪايون ڇو لوڪان، “نواز” عشق پنهنجو؟
    نڀائي سين ياري، غمن ڳڻتين ۾.
    ***


    دلڪش لمحو، جاڳي ٿو پيو،

    دلڪش لمحو، جاڳي ٿو پيو،
    هيڪل رستو، جاڳي ٿو پيو.

    لوڪ مٿان آ چپ جِي چادر،
    سُرُ ۽ سڏڪو، جاڳي ٿو پيو.

    ڀُرندڙ ڀت جي اوٽ اڪيلو،
    لٽڪيل نقشو، جاڳي ٿو پيو.

    اجڙيل جيون، پيڙا پل پل،
    ساٿِي سڏڪو، جاڳي ٿو پيو.

    رات ۽ قبرون، خاموشي، چنڊ،
    ڪتبو ڪتبو جاڳي ٿو پيو.

    مندر ۽ هي آس، عقيدت،
    دل جو ڏيئو جاڳي ٿو پيو.

    اُڏوهيءَ، کاڄ ڪتابن، ڪايا،
    صفحو صفحو جاڳي ٿو پيو.

    ننڊ پرينءَ جِي ناز نسورو،
    سپنو سپنو جاڳي ٿو پيو.
    ***


    پرين چمپا چهرو، نگاهه نُورَ، ڌارا،

    پرين چمپا چهرو، نگاهه نُورَ، ڌارا،
    سڄي سونهن ساکي، ڪتيون، چنڊ، تارا.

    اکين سان چمڻ آ، عبادت ازل کان،
    سندءِ ديس منظر، پرين کان به پيارا.

    ڇڏٖي مورُ رقص آ، ڊڪي ڊيل ڏي پيو،
    ڪيا وَرَ کي وينگس، اکين جا اشارا.

    هُو مڪلي، هُو منڇر، هُو موهن، هُو چانهون،
    ڪٿا گيت ساري، سنڌوءَ جي سمبارا.

    سچل ۽ سچائي، سڃاڻپ ٿا سمجهون،
    درازا ۾ دم دم، رُڳو نينهن ـ نارا.

    نئين دورَ جو نئون، تماچي ڪو گهرجٖي،
    سڄي جيئن ڪينجهر ٿٖي گندريءَ ـ گذارا.

    لڙيو سج لڪيءَ تان، وريا ڌڻ وٿاڻين،
    صدائون جٖي سَن جون، ڪٿي سي ڪيڏارا!

    اها مامَ سمجهڻ، مُلن کان مٿٖي آ،
    اناالحق جا نعرا، صدين کان سگهارا.

    ڀٽائيءَ ـ تنبورو، دعا ٿِي پيو آ،
    ٿين ديس دنيا جا آزاد سارا.
    ***

    نارا: نعرا


    اتر مُرڪيو پشم جهڙا، فضا ۾ سنگ جهومن ٿا،

    اتر مُرڪيو پشم جهڙا، فضا ۾ سنگ جهومن ٿا،
    پرين ڄڻ پيارَ پنهنجٖي جا، سمورا رنگ جهومن ٿا.

    ٻڏو سورج وريا ڌڻ پئي، ٻُريا پڙلاءَ پهاڙين ۾،
    سمائجي ڪل سماعتن سان، ٽليون ۽ چنگ جهومن ٿا.

    وڻن سان نانءُ سهڻيءَ جو، ڪيو محسوس ميهر ٿٖي،
    رڳي درياءَ ڇا منظر، ۽ ٻيلا، جهنگ جهومن ٿا.

    پريان ٻاجهر جٖي کيتن جٖي، موهٖي ٿو ڳوٺ جو منظر،
    شفق ۾ بيد مشڪن تي، ٻگهن سان ڪنگ جهومن ٿا.

    ايئن هي درد جيون جا، آيا ارپڻ اوتارن کي،
    اهي مستيءَ جا متولا ته پئندي ڀنگ جهومن ٿا.

    ڪٿان ڪو گيت ڇا گونجيو، ڀڄي پيا بند نيڻن جا،
    وري ورهين وڇوڙن جٖي وڄن جا ونگ جهومن ٿا.
    ***


    پرهه جي هير ۾ مهڪِي، جوئر جا سنگ جاڳن پيا،

    پرهه جي هير ۾ مهڪِي، جوئر جا سنگ جاڳن پيا،
    هوءَ آ سپنن هندوريٖ ۾، رليءَ جا رنگ جاڳن پيا.

    گجري گل، مڻين، موتين، ۽ وارن واس خوشبو سان،
    سڳيءَ جي سونهن، سجنيءَ تي، نرالا ڍنگ جاڳن پيا.

    جداين جاڳ جا قصا، صدين جِي ساک بڻجي ويا،
    سهڻي ميهار ساريندي، هي ٻيلا، جهنگ جاڳن پيا.

    هُو گهوڙي سوار آڌيءَ جو، مَٽٖي بستي ويچاري ٿو،
    جتن جِي جُوءِ آ لاشڪ، چڙا ۽ چنگ جاڳن پيا.

    حياتيءِ، پُور ٻيڙيءَ جو، وهي آخر وهي ويندي،
    مهاڻيءَ ۾ جوانيءَ جٖي، وڄن جا ونگ جاڳن پيا.

    مٺو محبوب مرليءَ سُرُ، سندس هو ساٿ جوڳين جيان،
    وڇوڙٖي، نانگ وحشيءَ جا، ڏهاڙِي ڏنگ جاڳن پيا.
    ***


    پيڙا جو بنواس گذارٖي، عشق سڏيو ته هليو آيس،

    پيڙا جو بنواس گذارٖي، عشق سڏيو ته هليو آيس،
    الميا سڀ ارمان وساري، عشق سڏيو ته هليو آيس.

    محرومين جٖي موسم آڇيا، لڙڪن جا سؤ تحفا ليڪن،
    سندر سپنن ساڀيا ساريٖ، عشق سڏيو ته هليو آيس.

    آتو اجل هو آجيان لئه پر، پيارن ساٿ ڇڏڻ نه گهريو،
    موت ــ خواهش ننڊ سمهاري، عشق سڏيو ته هليو آيس.

    ٽوليون ٽوليون من منڇر تي، آڙيون بنجي گيت لٿا ها،
    سي ورقن تي سڀ اُتاري، عشق سڏيو ته هليو آيس.

    ڪنهن جِي ياد ۾ جاڳي تڙپِي، جگنوءَ جهڙا گيت نه لِک،
    سوچَ، صلاحون ساڙي ٻارٖي، عشق سڏيو ته هليو آيس.

    تخليق رُٺي ڏَسِ ڪيئن مڃايئي؟ ڪنهن ته پڇا ڪئي ڏَسڻو پيو،
    مُرڪ پِيا ٿي ڏات نکارٖي، عشق سڏيو ته هليو آيس.

    گل تي برسيل شبنم ٿا جيئن، پوپٽ پي مدهوش ٿين،
    سرڪ ڇڏي آ سونهن پِياري، عشق سڏيو ته هليو آيس.

    پيشانيءَ تي بنديا جهڙا، شعر لکي به "نواز" اداس!،
    اهڙا ڀي پل کوڙ گذارٖي، عشق سڏيو ته هليو آيس.
    ***


    ڏسو! عشق ۾ ٿيو چريو پيو وڃي،

    ڏسو! عشق ۾ ٿيو چريو پيو وڃي،
    ۽ جهولي غمن سان ڀريو پيو وڃي.

    اُتان مس آ موٽيو، گهٽائڻ لئه غم کي،
    ڏسو! مئڪدي ڏٖي، وريو پيو وڃي.

    مٿان مينهن آڌي ۽ هانءُ ڦاڙ ڇوليون،
    اهو عشق آ جو، ترِيو پيو وڃي.

    جدائيءَ ۾ جلندي ۽ پچندي پرين لئه،
    اندر آڳ سانڍيو، ٻريو پيو وڃي.

    مورت مندر جي ڇا ڄاڻي ته وِلهه ۾،
    مري ويو ڪو ڏيئو ٺريو پيو وڃي.

    قلم، ڪاپي، سگريٽ، شيشون دوا جون،
    ڇڏي شعر يادون، مريو پيو وڃي.

    مئا ڍور رڃ ۾، ڪي چونئرا نه رهيا،
    ۽ روئندو پڪٖي ڏي ٿريو پيو وڃي.
    ***


    ايئن اُجڙي صفا وڃبو، نظارن اڳ نه سوچيو هو،

    ايئن اُجڙي صفا وڃبو، نظارن اڳ نه سوچيو هو،
    پرهه امبر به ڇڏڻو آ، ستارن اڳ نه سوچيو هو.

    وفا وارن سڏن جي لئه، ٻڌڻ جا بند در ٿيندا،
    پڙاڏا ٿِي اچي لهنديون، پڪارن اڳ نه سوچيو هو.

    نئين کان نئون نشو موکِي، اوتيندي مئه ۾ نيڻن جو،
    سخا آ پرَ به ڌاريندي، متارن اڳ نه سوچيو هو.

    سمورٖي ڏيهه کي رڃ جو، ايئن ڇا ڏيک ڏسڻو هو!؟
    سڪي مجبور سنڌوءَ جي، ڪنارن اڳ نه سوچيو هو،

    ڇڏي آگم اچڻ ڏيندو، سڪي صحرا ۾ جلندا وڻ،
    ڪڏهن تڙپي به مرندا ڌڻ، ڌنارن اڳ نه سوچيو هو.

    هوا، خوشبو، گلابي رت، جفا دوزخ ۾ دلڙي آ،
    "نواز" ايئن به ٿيڻو هو! بهارن اڳ نه سوچيو هو.
    ***


    جڏهن گيت گجرا ٿي، سجيا واسينگ وارن ۾،

    جڏهن گيت گجرا ٿي، سجيا واسينگ وارن ۾،
    اُهي رنگين راتيون هون، وڏي هئي چمڪ تارن ۾.

    جڏهن کان من جي صحرا ۾، کتا ها درد جا خيما،
    تڏهن کان نُور نيڻن جٖي، ڀري ويو ڪو نظارن ۾.

    اسان جا خواب خوشبو ٿي فضائن ۾ ڦهلجي ويا،
    انهن جٖي مهڪ سان معطر، رَسِي رنگت بهارن ۾.

    دنيا کي ڇا خبر سائين؟ اسان جٖي پيڙا پڄرڻ جِي،
    سمايل درد ڪيڏو هو، ٻَڌنِ، ٽهڪن، قطارن ۾.

    اسان مرڪن جون پنکڙيون، وکيريون جنهن ۾ چرنن ۾،
    انهيءَ ڏات جِي ديويءَ، ڏني شهريت آ يارن ۾.

    دنيا وارن کي ڏئي دوکو، کلون ٿا ۽ کلايون ٿا،
    اسان جٖي من جٖي ماتم جو، ناهي شڪ ڪو پيارن ۾.

    خدا يا! تون به عاشق آن، اسان پڻ عشق ۾ گم سم،
    وڇوڙا ڏئي بندا ڇالئه؟ رلايئي ريگزارن ۾.

    رٺل هئي ننڊ نيڻن کان، مليو ڪل وقت شعرن کي،
    "نواز" نينهن جاڳيل هو، رڳو يارن جي سارن ۾.
    ***


    اسان جو نانءُ شل پرينءَ چپن تٖي، اداس موسم جو گيت بنجٖي،

    اسان جو نانءُ شل پرينءَ چپن تٖي، اداس موسم جو گيت بنجٖي،
    صدا گذاريل سندر گهڙين جِي، سُرنِ سندو ڪو سنگيت بنجٖي.

    اوهان سان گهاريل حسين لمحا، اسان جٖي جيون جِي جوتِ رهندا،
    پرين! آ پرچڻ اوهان وساريو، رسڻ اوهان جِي ٿي ريت بنجٖي.

    جتي نه نفرت ڌرم ٿي پلجي، جتان ٿي بارش وسٖي محبت،
    بڻايو دل کٖي خدا جٖي گهر جنيئن، مندر جُڙي يا مسيت بنجٖي.

    حَسين يادن جٖي منظرن ۾، اوهان جون اکيون نمايان رهيون،
    پرين جي هڪڙو ڪو پل به وسرو، ڪڏهن نه ڪافر ڪُريت بنجٖي.

    خدا گهريو جٖي ملي به وڃبو، اڃان مقدر جدايون جاني!
    اسان سميٽيو شڪسته دل کي، اوهان جي هر جاءِ جيت بنجٖي.

    کڻي لٿي اڄ وري به آهي، حَسين گهاون جا شام تحفا،
    ڪڏهن به قاتل خواهشن جو، خدا ڪري ڪونه ميت بنجٖي .

    اُجاڙ رستن جي رڃ سفر ۾، اڪيلو ڪيسين "نواز" ويندين،
    خوشيون نه مليون ته درد ئي کڻ، سفر ۾ ساٿين پريت بنجٖي.
    ***


    گذاريل عشق ــ گهڙين جو، اڃا ساڳيو اثر آهي،

    گذاريل عشق ــ گهڙين جو، اڃا ساڳيو اثر آهي،
    وهٖي ڇا ٻيو ڀلا دل تٖي، زمانو بيخبر آهي.

    اڃان آسن، اميدن جِي، صفا بنجر بڻي ڌرتي،
    اڃا مرڪن ميلاپن جو، پَري ڪيڏو ڪڪر آهي.

    خدا يا! عشق جو رتبو، ڪيئي بيشڪ بلند بالا،
    مگر محبوب ـ سينن ۾، رکيو ڇو تو پٿر آهي؟

    حياتي: غم وڇوڙٖي جو، پڄاڻي: خودڪشي ٿيندي،
    اسان جيون سندو خاڪو، بڻايو مختصر آهي.

    اڃا مکڙيون تمنا جون، ٽڙن ها ٽهڪ ٿي ليڪن،
    خزان کي دل جٖي بستيءَ جو، وري جاڳيو فڪر آهي.

    اڃا هن شهر جِي موسم، نه ڇو "نواز" لئه بدلي!
    هوا دردن ڀري جاري، اڃا هر پل پهر آهي.
    ***


    پروڪين عشق ــ گهڙين جو، اڃا ساڳيو خمار آهي،

    پروڪين عشق ــ گهڙين جو، اڃا ساڳيو خمار آهي،
    اڃا تائين اکيون آتيون، اڃا دل بيقرار آهي.

    وري محبوب ڪو مکڙو، ويو ٿِي ڏوُر نيڻن کان،
    وڃون هر روز ٿا ليڪن، سڃي بلڪل بزار آهي.

    سمورا امن محبت جا، گهٽيا ويا سُرَ بيدرديءَ سان،
    هِتي مقدس گهرن مان ڇو؟ ڦٽي نڪتو هٿيار آهي.

    پرينءَ جي پاڪ پيشاني، پسڻ اکين ــ عبادت هئي،
    مگر وادي وفا جيءَ ۾، جداين ــ ڪوهسار آهي.

    جهالت جو هتي دستور، اڃا منصور! ساڳيو آ،
    اظهارِ عشق جرم بڻيو، نئين فتوا تيار آهي.

    اسان يادين جي مستيءَ ۾، رهون مدهوش ٿا اڪثر،
    بنا ڪنهن مئه ۽ ساقيءَ جٖي، طبيعت پُر ــ بهار آهي.

    حوَس جي ور چڙهيل لاشو، پيو جيجل جٖي جهوليءَ ۾،
    خدايا! اڄ جي واعظ تٖي، ڪيڏي وحشيت سوار آهي.

    وري ڪي تلخ لهجن جا، کتا خنجر جڏهن دل ۾،
    "نواز" هي نيڻ ڇلڪي پيا، وري تڙپيو پيار آهي.
    ***


    اڃا دردن جي موسم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي،

    اڃا دردن جي موسم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي،
    اڃا تائين منهنجي غم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي.

    پرين ڪعبو، پرين قبلو، جهڪي نيڻن ڪيو سجدو،
    اڃا چاهت جي سنگم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي.

    نمن جي ٻور کان نازڪ، ڪنول گل کان به ڪونئرو آ،
    اڃا هن پيار ــ پونم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي.

    سڀئي رستا خلائن جا، لتاڙي چنڊ تي پهتو،
    عجب آدم جٖي عزم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي.

    عجب آپيٽ جو دوزخ، ڪرڻ تي رقص مجبور آ،
    اڃا ڇم ڇم جو ترنم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي.

    بڻي دل درد جو شعلو، حياتيءَ ميڻ پگهري پئي،
    "نواز" نيڻن جي رم جهم جو، ٻڏو سورج پرين ناهي.
    ***


    هيڏو سارو ڳوٺ لتاڙي، پريمي جوڙو نڪري ويو آ،

    هيڏو سارو ڳوٺ لتاڙي، پريمي جوڙو نڪري ويو آ،
    ڳالهه هُلي وئي اوڙي پاڙي، پريمي جوڙو نڪري ويو آ.

    رسمن جٖي چکيا تي چاڙهي، ڪنوارا جذبا عمر سموري،
    ڪير ڀلا ايئن سڏڪي ساڙي! پريمي جوڙو نڪري ويو آ.

    بندوقن جي باهه ٿي نوسٖي، ڪاريءَ رات ۾ پيرا ڪنهن جا،
    جهريل جندڙي لڙڪ ٿي لاڙي، پريمي جوڙو نڪري ويو آ.

    بيجا پابندين جي سامهون، موت به ڪائي کيڏ لڳي ٿو،
    خطرا کڻندي موقعو تاڙي، پريمي جوڙو نڪري ويو آ.

    يا ته اسان جي سوچ سُڃي هئي، يا ته زمانو پاڳل ــ خانو!
    ڀڻ ڀڻ ڪئي پئي رات ڪُراڙي، پريمي جوڙو نڪري ويو آ،

    "نواز" نينهن جا نازڪ ناتا، تن جو تقدس رهي سلامت،
    سپنن رُتِ ۾ سوچ سلهاڙي، پريمي جوڙو نڪري ويو آ.
    ***


    چاهه ۾ چنچل اکيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا،

    چاهه ۾ چنچل اکيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا،
    چنڊ، تارن سان ڪتيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا.

    رات ويڙهيون وِلهه چڳون، درتٖي اڃا ٺڪ ٺڪ نه ٿي،
    پوءِ به نيڻن ڏياٽيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا.

    جنهن کي نه منهنجي چاهه جٖي، سنگهرن ڪيو سوگهو ڪڏهن،
    پوءِ به هي موڳيون مَتيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا.

    اڄ به راڳيءَ ــ سار، اڀ تي، دردن سندا سرگم لُٽيا،
    سازَ، سُرَ ۽ راڳڻيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا.

    تصور پرين جو پيو ٽٽي، شڪسته دل مصور ٿَڪو،
    برش، رنگ ۽ آڱريون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا.

    اڄ جو راوڻ راڄ پڻ آ، رِسڪ سيتا ـ رام ڪارڻ،
    هر گِهٽي گهر روشنيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا.

    سپنن جا گلدستا ڀڃي، جهومي اٿي تنهنجي اَنا،
    رات تون هي هڏڪيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا!

    هُو شڪسته دل سميٽي، آ، رُڃَ جو راهي ٿيو،
    دَرَ، دريون، گهر جون ڀتيون، ڪنهن لاءِ ٿيون جاڳن اڃا.
    ***


    الاءِ ڇو؟ من جٖي ماتم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ،

    الاءِ ڇو؟ من جٖي ماتم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ،
    اوهان طرفان مليل غم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ.

    اسان جي من جي آڳر تي، هلي آئي ڀلي آئي،
    چريءَ جي ڇير ڇم کان، دنيا اڻ ڄاڻ بڻيل آ.

    سدا نيڻن جي وستيءَ ۾، رهي ٿي مند سانوڻ جِي،
    اڃا هن عشق آگم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ.

    لڇِي، تڙپي، جلِي، سڪ مان، ڀريائين سوز گيتن ۾،
    تنهن راڳيءَ راز ـ سرگم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ.

    حسين چهرا الاءِ ڇا ڇا؟ لٽي ويا وحشي واچوڙا،
    ۽ خالِي دل جٖي البم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ.

    پرينءَ جِي پاڪ پيشاني، چمڻ اکين ــ عبادت هئي،
    ڪويءَ جٖي ذوق ــ زم زم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ.

    گناههِ عشق ۾ گم ٿي، ڪمائي ڪفر ٿو دل جو،
    انهيءَ محشر جي مُلزم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ.

    هي خودڪش دور جو عيسيٰ به دهشت جي نذر ٿي ويو،
    مسيحي مرڪ ــ مرهم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ.

    وري ڪنهن ياد ــ سرحد تي، کُتو خوابن جي بستيءَ ۾،
    پرين ان پيار پرچم کان، دنيا اڻڄاڻ بڻيل آ.
    ***


    اندر ۾ يادن جا ديپ ٻاري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪياسين،

    اندر ۾ يادن جا ديپ ٻاري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪياسين،
    اکيون ٿيو آگم اوهان کي ساري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪياسين.

    بڻيو هو لنڪا شهرِ جفا جت، اداس من کان ڪو رام وِڇڙيو،
    ستيا بڻي دل سارٖي نهاري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪياسين.

    اکين جا ڏيئا ٻريا ها راتيون، ڦٽاڪا جذبن سندا ها ڦاٽا،
    ڏٺو ٻڌو هو جو شهرَ ساري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪيا سين.

    ويران من جون هي وارتائون، ڪوئي به ڄاڻي سگهي نه ها پر،
    ڇڏيو نه پيڇو صبح جي تاري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪياسين.

    وچن ۽ واعدن سنديون مٺايون، ڏيڻ وٺڻ جو ويو وقت گذري،
    سارَ ــ مئڪدي مان پِي پياري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪياسين.

    ملي سڀن ٿي ڏنيون واڌايون، تڙپيا ها ڀاڪر پرين پرٖي هو،
    انهيءَ کي من ۾ چمي ويهاري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪياسين.

    "نواز" نيڻن جٖي بارشن جِي، ڪڏهن مقرر نه ٿي ڪا موسم،
    ڪٺن جدائيءَ گهڙيون گذاري، اسان به ڏياريءَ جشن ڪياسين.
    ***


    سموري گفتگو جنهن جي، غزل جو روپ ورتو هو،

    سموري گفتگو جنهن جي، غزل جو روپ ورتو هو،
    انهيءَ جي بيرخي ڪنهن پل، اجل جو روپ ورتو هو.

    مڌر خوشبو ڪا سپنن جِي، اوتِي سين اک، صراحيءَ ۾،
    سدا تنهن سارَ نيڻن جي، ڪجل جو روپ ورتو هو.

    سموري شهر جي جاسوس، نيڻن ڪَئي چَٿُرَ دل تي،
    تڏهن بيوس اڪيليءَ دل، بدل جو روپ ورتو هو.

    ڀٽائي! تنهنجي هر آيت، پڙهي جنهن جنهن پروڙي هئي،
    ذڪرَ ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جٖي، نفل جو روپ ورتو هو.

    هوا جٖي هوڏ تٖي هرکي، چڳن جون نانگڻيون نچيون،
    نگاهن ناز مان الجهي، بڪل جو روپ ورتو هو.

    خدايا! تنهنجي دنيا ۾، اسان لئه صرف تنهايون!
    وري محبوب رشتن پڻ، قتل جو روپ ورتو هو.

    قلم ڪنبيو پنو پرزا ٿيو، موهن ڪلپنا هٿ ۾
    جڏهن حالات جي وحشيت، عمل جو روپ ورتو هو

    سموري شهر جا رستا، کُٽا ساڌوءَ جي ست سنگ تٖي،
    جهنگل جي جهوپڙي تنهن پل، محل جو روپ ورتو هو.
    ***


    اکين ۾ سونهن ــ سپنن سان، ڪوئي گلفام رهندو آ،

    اکين ۾ سونهن ــ سپنن سان، ڪوئي گلفام رهندو آ،
    پرينءَ جٖي نانءُ جو هر پل، چپن تي جام رهندو آ.

    اسان جي دل ڪلسيا ۾، فقط مورت صنم جِي آ،
    اسان جي سوچ تي حاوِي، پرينءَ جو نام رهندو آ.

    حُسن جٖي مئڪدي مان جن، پرهه چاڙهي چُڪي چپ تي،
    انهن جي لئه امرتا جو، حسين انعام رهندو آ.

    سٽن ۾ مُرڪ، سڏڪن ۽ اندر جي ڪل سچاين سان،
    سڄي تخليق پنهنجيءَ ۾، نارائڻ شيام رهندو آ.

    سموري شهر ۾ جنهن جي، وفائن جا قصا گونجيا،
    ٽُٽي محبوب کان اڪثر، اهو گمنام رهندو آ.

    جنون، عشق۾ جيڪو، صفا پاڳل ويو بنجي،
    وري به ته بيوفائيءَ جو، مٿس الزام رهندو آ.

    دکن دردن ۾ جهومي ٿا، جلي ڏين روشني جڳ کي،
    انهن جي من جي مندر ۾، چون ٿا رام رهندو آ.

    صفا چمپا جو گل چهرو، چمڻ کي ورهيه ويا گذري،
    اڄ به انتظارن جي خوشبو سان "نواز" آرام رهندو آ.
    ***


    هي برفن جي ڀنل رت ۾، اندر ڇو آڳ ڀڙڪي ٿي،

    هي برفن جي ڀنل رت ۾، اندر ڇو آڳ ڀڙڪي ٿي،
    جدائي تنهنجي او جاني! اسان تي قهر ڪڙڪي ٿي.

    هي وهمن جٖي سمندر ۾، ٻڏي ٿي ناوَ سپنن جي،
    مگر ڪا آس آنچل ٿي، فراقن ۾ به ڦڙڪي ٿي.

    زهر گهڙيون جدائيءَ جون، سفر هو پلصراطن جو،
    رڙي ڪو روح تڙپي ٿو، چري ڪا دل به ڌڙڪٖي ٿي.

    تماشو لوڪ لئه ٿياسين، خدا ڀي خود رهيو ڏسندو،
    وفا ڪائي صليبن تي، صفا ٿي لاش لڙڪي ٿي.

    رقيبن سان به رلمل ٿي، بزم ۾ مرڪندي گهاريو،
    "نواز" آ دل يا آوي آ، ٻرٖي کامي ٿي ٻڙڪي ٿي.
    ***


    جنون رُتِ جون رقابتون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!

    جنون رُتِ جون رقابتون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!
    اسان تي گذريون قيامتون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!

    جڏهن به نيڻن جٖي برپٽن تٖي، وٺو وڇوڙو آ مينهن بنجي،
    الاءِ ته ڇو بس شڪايتون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!

    پرهه جو ڪينجهر ڪنڌيءَ مهاڻِي، اڏاڻا پنڇي تڪي ۽ سوچي،
    هل! هي هيڏيون عنايتون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!

    دلين جو ڌڙڪڻ اکين جو ڦڙڪڻ، وساريو سڀ ڪجهه آ، زر ضرورت،
    هي حسين ــ جيون مراعتون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!

    جهاڳي جهنگل هو سوچيو سڌارٿ، "حيات غم جو اکٽ سمنڊ آ"،
    سوگرُو، گروءَ جون حقايتون سڀ اسان وساري ڇڏيون پيارا!

    نديءَ ڪنڌيءَ تي ڪارنار وهنجِي، اُڏائي ڦڻگيون ڇنڊينڍي چوٽو،
    هوڏيءَ من جون حماقتون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!

    سڀيتا ــ سينو لتاڙي لشڪَر، اسان کان جن جن کسِي شناخت،
    ڪيون جٖي مسلط ثقافتون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!

    اهي ئي چنچل ادائون جن تي، ها مست پنجئي حواس پنهنجا،
    "نواز" نينهن ۽ نفاستون سڀ، اسان وساري ڇڏيون پيارا!
    ***


    اداس موسم اوجاڳا ارپيا، آرام ڪو پل نه اکين ڪيو آ،

    اداس موسم اوجاڳا ارپيا، آرام ڪو پل نه اکين ڪيو آ،
    پرينِ پڄاڻا خواهشين کي، اسان به دل ۾ دفن ڪيو آ.

    اسان ته من جٖي مندر ويهارِي، حسين صورت جِي مورتِي آ،
    پرينءَ سواءِ ٻي ڪبي نه پوڄا، چريءَ دل هي وچن ڪيو آ.

    هي رونقن جا جو روپ اجڙيا، ويران من جو ٿيو شهر آ،
    اوهان جو موڙيو آ منهن جڏهن کان، ته ڏاتِ گيڙو ڪفن ڪيو آ.

    هزارين موسم جا رنگ بدليا، ٽڙيا نه ڪي پر گلاب مَنَ ۾،
    اوهان جي ارپيل جدائي گهڙين، اداس من جو صحن ڪيو آ.

    جڏهن به نيڻن جي بارشن مان، ڪري وضو آ نماز جوٽي،
    اسان آ ڄاتو خدا کي ويجهو، پرين پرين، من، بدن ڪيو آ.

    جڏهن کان ٻوٽيئي دوار دل جا، ڪڏهن نه ڀلجي نهاريئي پٺ تي،
    ڪڏهن نه ڪنهن سان ذڪر اسانجو، اوهانجي ڀلجي چپن ڪيو آ.

    "نواز" نيڻن جا ٻوٽِ در ٻئي، سميٽي سوچون سمهار جواني،
    نه موت وِس نه سڪون حاصل، سفر سمورو ڪٺن ڪيو آ.
    ***


    نديءَ ۾ شور هي ڪيڏو! ڪنارا ڪجهه ته سمجهايو،

    نديءَ ۾ شور هي ڪيڏو! ڪنارا ڪجهه ته سمجهايو،
    وري سهڻي ٻڏي ڇا ڪا! ستارا ڪجهه ته سمجهايو.

    هوا اڌ رات سُوسٽ ۾، پڪاريا گيت ڇو غم جا؟
    وري ڪنهن خودڪشي سوچي؟ خداراڪجهه ته سمجهايو.

    اسان جي دل سندي بستي، ڪيسين ڀڙڀانگ پئي رهندي ؟
    ڪيسين نظرون ڦيري رهندئو؟ پيارا ڪجهه ته سمجهايو.

    هي برفن جي ڀنل رُت ۾، اندر ڇو آڳ ڀڙڪي پئي؟
    ڪاڏي پوهن جا پارا ويا؟ سيارا ڪجهه ته سمجهايو.

    ڪيسين "نواز" پنهنجي کان، اڃا دوريون تنهنجون رهنديون؟
    انائون ڪُل ڪڏهن ٽُٽَنديون؟، اَنارا ڪجهه ته سمجهايو.
    ***


    چمي پرين جو حسين چهرو، نگاهه ماڻيو ثواب آهي،

    چمي پرين جو حسين چهرو، نگاهه ماڻيو ثواب آهي،
    خوشين جا نغما ڇڙي پيا ڄڻ، رڳن ۾ رون رون رباب آهي.

    اڃا ته يادن ڪليون ٽڙن ٿيون، اڃا ته من جو اڱڻ ٿو مهڪي،
    پرين جي نالي سُرور بخشيو، چپن کي جامِ شراب آهي.

    ڪيم تمنا جڏهن پسڻ جِي، اکين کان اوجهل رهيو خدا جيئن،
    ڪڏهن جٖي سامهون اچي ويو بي رخين جو هن کي نقاب آهي.

    حسين سپنن خمارُــ مُند ۾، ڪڏهن نه سوچيو ڪٺن گهڙين لئه،
    تڏهن جُدا ٿي جلي جيئڻ سان، پتو پيو ڇا عذاب آهي.

    ڪڏهن ته منهنجون گهريل دعائون، خدا جو مقدس وجود چمنديون،
    ڪڏهن ته دورين جو داد ٿيندو، ٽڙيل تمنا ــ گلاب آهي.

    چون سمورا ٿا دوست ان کان، اڃا نه وسري سگهيو "نواز" آن،
    چون ٿا توکي لِڪي هو ڏسندو، اڃا به عالي جناب آهي.
    ***


    اسان خواب پوکيا، اکين جٖي صحن تي،

    اسان خواب پوکيا، اکين جٖي صحن تي،
    گهٽا ساڀيا جِي ڪا برسي نه تن تي.

    صفا اوپرا ٿي انهيءَ لئه وياسين،
    لکيو نانءُ ٿي جنهن حِنا سان هٿن تي.

    سَلو ڇو وفا جو ڪو اُسِريو نه تن مان؟
    چميون جي به پوکيون گلابي چپن تي.

    ڪيون نانءَ جنهن جٖي، اسان ڪل سچايون،
    انهيءَ لوڻ ٻرڪيو جفا جو ڦٽن تي.

    لَٽيو لاش ترسڻ اجايو "نواز" آ،
    رٺل ناهه اچڻو ڪفن ۾ دفن تي.
    ***


    قبول آهن اسان کي سڀ، پرين الزام محبت جا،

    قبول آهن اسان کي سڀ، پرين الزام محبت جا،
    ثمرُ جيون سموري جو، فقط ڪي جام محبت جا.

    جنهن جي نيڻن سنديون چميون، بڻيون جياپو ٿي جيون جو،
    وڇوڙي جا ڏنا تنهن ڪيئن، انعام اڪرام محبت جا.

    نماڻي دل اسان جي آ، جهڄي پوندي جهري پوندي،
    متان ڇيڙيو اسان آڏو، قصا ناڪام محبت جا.

    ڇهي شهريت جي سورج کي، ڏئي دستڪ دلين تي ويو،
    سندس قولن جي قيمت تي، لڳن ٿا دام محبت جا.

    سدا نيڻن ۾ ساجن جٖي، مڪو مقدس مدينو آ،
    جُهڪن ٿا ڳاٽ اُتِ اوچا، ٻڌي احرام محبت جا.

    رڳي خط ڪي، ٻه ٽي البم، ڪتاب ۽ شعر اڻپورا،
    ڪويءَ جو ڪل هو سرمايو، فقط ڪي نام محبت جا.

    ڪنهن جي روين ۽ لهجن سان، ٽُٽٖي ٿي تند رشتن جي،
    صفا اڻڄاڻ ٿيو سپنا، وڃن بي نام محبت جا.

    ڪڏهن پرچم ٿي شهريت جا، وفا وستيءَ تي ڦڙڪياسين،
    "نواز" اڄ يادگار آهيون، مگر گمنام محبت جا.
    ***


    هو ته لڇندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو،

    هو ته لڇندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو،
    نيڻ اگهندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو.

    سارَ وڇڙيل سندا، ڏيهه ٿي پيو ڏيئا،
    شعر لکندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو.

    يارَ! سپنن ــ گهٽيون، ڄڻ ته کنڊر بڻيون،
    روح رلندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو.

    ڏات تڙپي لڇي، سورَ سرگم بڻيا،
    نينهن نچندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو.

    نينهن ٿي پيو اجل ۽ نديءَ ۾ بي ڪفن،
    لاش لڙهندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو.

    ها دکي دل مٿان، واءُ وڇوڙي سندو،
    خوب گُهلندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو.
    ***


    هن دل جي حالت تي، اختيار رهيو ناهي،

    هن دل جي حالت تي، اختيار رهيو ناهي،
    جنهن دل ۾ پلبو هو، ات پيار رهيو ناهي.

    هو سُرَ ۾ گڏي سڏڪا، تنبور تي تڙپيو پئي،
    جو ڌار ڪڏهن غم کان، فنڪار رهيو ناهي.

    هر روز ڪتابن سان، الماريون سجائي ٿو،
    خود ڪنهن به ڪهاڻيءَ جو ڪردار رهيو ناهي.

    بارش جي نذر ڇا ٿيو، مصور جو ڪچو گهر هي،
    ويا رنگ سڀئي وکري، شهڪار رهيو ناهي.

    هر ڏينهن ‘نواز‘ ڏنا ڪيئن گهاوَ جداين جا،
    ته به نينهن نڀائڻ کان، انڪار رهيو ناهي.
    ***


    راتيون گهائين روح اسان جا، ڏينهن به ناهن گهٽ ڏمر کان،

    راتيون گهائين روح اسان جا، ڏينهن به ناهن گهٽ ڏمر کان،
    جيون آ تندور پچون ٿا، شڪوا ناهي ته به مقدر کان.

    تنهن وقت سمورو لهو جسم جو، لڙڪ اکين مان ٿي وهندو آ،
    چند ئي لمحن جي لئه جيڪر، پرين ٿين ٿا دور نظر کان.

    پوپٽ جهڙي نازڪ منهنجي پيار جو ٿيو احساس نه هن کي،
    يارو! واقعي مان پاڳل هان، پيار گهريو مون سو به پٿر کان.

    لڙڪ ۽ مرڪ ويا سڀ گم ٿي، محرومين تي مڪمل ماٺ آ،
    ڇو ته دعائن ۾ دم ناهي، خالي سي بلڪل به اثر کان.

    مسجد، ڪعبو ڪاشي ڇا هي! منهنجو من آ مندر جنهن ۾،
    ڪنهن جي ياد جا گهنڊ گڙن ٿا، آجو ڪن ٿا دين، ڪفر کان.

    سونهن، سڪون برابر سڀڪجهه، دولت پوءِ به وڏي ئي وٿ آ،
    بک جي نانگ جو ڏنگ ڏکيو آ، سهپ وڏي شيءِ ڪنهن به ثمر کان.

    جيسين تنهنجو ساٿ ‘نواز’ آ، هي حياتي گلشن رهندي،
    ۽ ٻي صورت ۾ هي جيون، ڪنهن ريت نه هوندو گهٽ قبر کان.
    ***


    آهون، لڙڪ سِسِڪيون، کڻي رات ايندي، مگر مان نه هوندس

    آهون، لڙڪ سِسِڪيون، کڻي رات ايندي، مگر مان نه هوندس،
    پرين پاند تنهنجا، خوشي پئي ڀَريندي، مگر مان نه هوندس.

    پکي لات لنوندا، اذان به ٻُرنديون، انهن کان به اڳ ۾،
    گهلي هير مون کي، صبح جو سڏيندي، مگر مان نه هوندس.

    ڪچهريون به ٿينديون، گونجي گيت پوندا، بهارون به اينديون،
    ڪنهن جي بي چئي دل، نه شايد مڃيندي، مگر مان نه هوندس.

    پرهه مرڪ جي ڪا، ڪنهن جي مُکَ تي شايد، وري ڪانه ڦٽندي،
    ڪاري رات ڪنهن کي، وري ڏنڀ ڏيندي، مگر مان نه هوندس.

    وڇوڙي ۾ واڪا، ڪندي ڪونج ڪائي، وطن ڏانهن ورندي،
    سندس ڪُڻڪَ ڪنهنجو، جگر ڄڻ وڍيندي، مگر مان نه هوندس.

    چُپ چاپ اداسي، ڳوڙها جام ڳل تي، ڏسي مان نه سگهندس،
    اڪيلائي ڪنهنکي به، کائڻ ته ايندي، مگر مان نه هوندس.

    \چَري جهنگ جهرمان، وري ڌڻ به واپس، ٿيندا شام ويلٖي،
    تڏهن بانسري روح، ڪنهن جو ڦٽيندي، مگر مان نه هوندس.

    ٽُٽي ساٿ ويندو، سڄي زندگيءَ جو، ته هڪ ڏينهن آخر،
    اگهي لڙڪ خاموش، ٿي نيٺ ويندي، مگر مان نه هوندس.

    کنوڻيون به کنونديون، ڪري ساٺَ سارنگ، ملهائيندا مارو،
    وري نيٺ ٿر تي، به ٿڌڪار ٿيندي، مگر مان نه هوندس.

    وري عشق مقتل ڏي، وڌڻو آ وڌندو، ته "نواز" هڪ ڏينهن،
    نوان ڏات ڏاهپ، جا رستا ڏيندي، مگر مان نه هوندس.
    ***


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 971
    ڪتابن جو مشاهدو: 3159764
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 826252
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ