ارپنا
ارپنا:
(پنھنجي پياري پُٽ ننڍڙي بابا سائين نظير احمد جي نانءُ، جنھن جي وڇوڙي جو وڍ ڪڏھن بہ ڀرجي نٿو سگهي)
تون پکيءَ جي اک جھڙو
ايئن اچانڪ پَرَ کولي
بي مندائتو اڏامي ويو ھلئين
ھي وڇوڙو وڍ جھڙو
روز ساھن ۾ ڀريو سڏڪا ڇڏي
آئون تنھنجا ٽھڪ ڳولي
روز ٽاريون ٿي ٽُٽان ٿو
تون ٻڌائي ڪيئن توکي
پاڻ مان آئون ٽوليان
رات ڪاري ڏينھن اڇي ۾
توکي ئي پيو ڳولھيان
تنھنجي سائيڪل جي اھا
سيٽ خالي آ پئي
مون مٿان غم جي گهَٽا
ٿي جهڙالي آ پئي
مون مان تنھنجون ڳالھيون
روز ڳوڙھا ٿيو ڳڙن
سڪ جون سارون سڌون
توکي ساريون ٿيون سڙن
آئون تنھنجي مُرڪ جا
موتيا ۽ سڀ گلاب
روح جون بيچين بستيون
۽ رڙين سان گڏ آب
مون خدا اڳيان رکي ڇڏيا تڏھن
تو اکين جي ماڻڪين مان
لڙڪ لاڙيا ھا جڏھن
سڀ ملائڪ موت جا
توساڻ ئي بس ھا مخاطب
منھنجي دانھن جي درن تي
ڪونہ پھچي ڪو سگهيو رب
ماءُ تنھنجي جي اکين جا پاند آلا
ڪونہ ٿا ڪا ڀي سُڪڻ جي ڳالھ ڪن
آئون توکي پاڻ ۾ روز ڳوليندو رھان ٿو
گهر گهٽي ۽
ساري ڪمري جون ديواريون
درد بڻجي ھن ويون
مونکان تنھنجي خواب جون
سڀ تعبيرون اڄ وڃائجي ھن ويون
آءُ ھٿوراڙيون ڏئي
منھن ڀر اچي پَٽ تي ڪري آھيان پيو
مونکان منھنجي ڪائنات
۽ سموري ھي حيات
ڏس ڀُري آھي ڀَڄي پئي
چاھ جون ساريون چُميون ۽
ڀاڪرن جا ڀَرم سارا
ڪيڏا خالي ٿي ويا ھن
مون مٽيءَ جي موسمن ۾
ڄڻ دفن خود کي ڪيو آ
ھي تنبورو تن ۽ من جو
پيو ٽُٽي آ تار کان
پل نہ واندو پوءِ بہ آئون
آھيان تنھنجي سار کان
تون پکيءَ جي اک جھڙو
مون ڏٺو ھو توکي پنھنجو پاڻ ۾
جهٽ اڏامي وئين ھليو تون
آسمانن ڏانھن اڪيلو
ھڪ اھڙي ئي اُڏار سان ... !
آءُ توکي روز ڳولھيان
ڪيئن توکي خود مان ٽوليان
تون رھين ٿو منھنجي سيني تي سُتل
اوچتو اڄ ڪيئن کڻي ويو
مونکان توکي آ اجل
تون پکيءَ جي اک جھڙو
بيخياليءَ ۾ اچي پئي
ھا انھين ئي ٻَک جھڙو
جيءَ جا جهوپا جا جهوري
ھا انھيءَ جهڪ جھڙو
جو سڌو دل ۾ لڳي
ھا انھيءَ ڌڪ جھڙو
تون پکيءَ جي اک جھڙو ... !
ڪتاب جا حق شاعر وٽ مَحفوظُ
ڪتاب جو نالو: تنهنجي وڃڻ کانپوءِ...
موضوع: شاعري
شاعر: اياز امر شيخ
ڇاپو پهريون: جنوري 2020ع
ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: اشرف سولنگي
ڪمپوزنگ: ماجد علي جوڻيجو
ڇپائيندڙ: روپا پبليڪيشن - سجاول
ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
قيمت: 300 روپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com