شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

اُگھاڙا خواب ....

ماڻھو آخر ڇو ڏسندا آهن اهڙا خواب
خواب جن جي شڪل
اُگھاڙين عورتن جھڙي هوندي آهي
خواب جن کي ڪپڙا ناهن پاتل هوندا
معاشري ۾ نه هلڻ جھڙا خواب
ماڻھو پاڻ سان گڏ ڇو کڻي هلندا آهن
جسم فروشيءَ جھڙا خواب
پئسن تي گھرائي رات سُمھارڻ جھڙا خواب
ڪاڪٽيل ڪري پي ڇڏڻ جھڙا خواب
سگريٽ ساڙي دونھن ڪڍڻ جھڙا خواب
الٽي مان ڀرجي وڃڻ جھڙا خواب
آخر ماڻھو ڇو ڏسندا آهن
وڏي عمر ۾ به نابالغ خواب
مصنوعي طاقت جھڙا خواب
گھٽا ڏئي ماري ڇڏيندڙ زوري زنا جھڙا خواب
پنھنجي ئي منھن تي ڏنل بُجي جھڙا خواب
مونکي هاڻ خوابن کان خوف ٿيڻ لڳو آهي
ته ڪٿ اهڙا خواب
مونکي به اُگھاڙو نه ڪري وجھن
آئون اهڙا خواب ڏسڻ نٿو چاهيان
جن کي سُٿڻ ئي پاتل نه هجي
جيڪي پيدائش کان ئي اُگھاڙا هجن.
