جنگ جون اکيون
پُٽ جنگ جون اکيون ڳاڙهيون ٿينديون آهن
امان اسانجون اکيون آسمان جھڙيون آهن
۽ جنگ جون اکيون ڇو ڳاڙهيون آهن...!؟
پُٽ جنگ ماڻھو کائيندي آهي
ان ڪري جنگ جون اکيون ڳاڙهيون ٿينديون آهن
امان بک جون اکيون ڪھڙيون ٿينديون آهن
پُٽ بُک جون اکيون سُڪي ڏرا ڏئي ويل ٿينديون آهن
جيڪي ماڻھن کي گھٽ نظر اينديون آهن
امان بُک ماڻھو ڪونَ کائيندي آهي ڇا...!!؟
پٽ بُک به ماڻھو ئي کائيندي آهي
امان جنگ ماڻھو کائيندي آهي ته
ان جون اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن
۽ بک ماڻھو کائيندي آهي ته
ان جون اکيون ڏرا ڏئي اندر گھڙي وينديون آهن
امان جي آئون بُک ۽ جنگ کي گڏي کائي ڇڏيان
ته پوءِ منھنجون به اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون..! ؟