پوڙهي اک جو خواب ...!
ڇوڪري جيڪا جوان آهي
آئون پنھنجي پوڙهين اکين ۾
اُن ڇوڪريءَ کي آخر ڪيستائين سنڀالي رکان
ڇوڪري جيڪا گھوڙي جي ٽاپ جيان ٽھيل آهي
آئون خواب ۾ آيل پنھنجي اڌ عمر جيڏي ڇوڪريءَ کي
آخر ڪيڏانھن ڪريان
هوءَ جيڪا پڪل ڏاڙهون جھڙي
منھنجي وجود جي وڻ جا سمورا ٽار ٽوڙڻ ٿي چاهي
منھنجي ڏينھن جا ڏند
جيڪي هاڻ کاٽونبا کائڻ جھڙا به ناهن رھيا
آئون پنھنجي اکين مان
اُن ڇوڪريءَ کي آخر ڪيئن ڪڍان
جيڪا روز رات جو مون سان گڏ سمھڻ ايندي آهي
۽ اک کُلڻ کان اڳ بستر کي ڀنل ئي ڇڏي ويندي آهي
آئون پاڻ کي سُڪائيندي به
آلو ئي رهجي ويندو آهيان
جوان ڇوڪري جيڪا روز منھنجن خوابن ۾
کڏا کوٽي پاڻ کي پناھ ڏيڻ ايندي آهي
پيار جي اک ۾ پوري ڇڏڻ جھڙي ڇوڪري
پنھنجي گھر جي سُتل سموري ننڊ کي
گُھٽو ڏئي ماري ڇڏيو آهي
هوءَ جيڪا هاڻ منھنجي ئي اکين ۾
گھڙي گھر ڪري ويھي رهڻ ٿي چاهي
آئون خوف جو ماريل ماڻھو
پاڻ ۾ ئي مس پورو ٿيو ويٺو آهيان
ڪٿ اها جوان ڇوڪري
منھنجي عمر جي پوڙهي اک تي هٿ رکي
مون منجھان به ڀڄي نه وڃي...!