مون کي ماڻھو ان ڪري ناهن وڻندا..!
جو اُهي منزل طرف وٺي ويندا آهن
منزل جيڪا ماڻھو جو
سڀ کان وڏو مقصد هوندي آهي
مونکي درياھ ان ڪري وڻندا آهن
جو اُهي سمنڊ کي مٺو ڪرڻ جي لاءِ
مسلسل ئي وهندا رهن ٿا
پر پنھنجي تاثير ۾ کاراڻ ناهن آڻيندا
مونکي گل ان ڪري وڻندا آهن
جو اُهي پنھنجي عمر کان وڌيڪ
خوشبوءِ ڇڏي ويندا آهن
خوشبوءِ جيڪا مُئل ماڻھوءَ کي به
معطر ڪري ڇڏيندي آهي
مونکي پکي ان ڪري وڻندا آهن
جو وڻ سندن ٻوليون ٻُڌي ساوا ٿي پوندا آهن
۽ سندن آکيرن کي هڪ ڇانو جيڏو وطن ملي پوندو آهي
مونکي نانگ ان ڪري وڻندا آهن
جو سندن ڏنگ زهر کي ذرو به ضايع ناهي ڪندو
مونکي ڪُتا ان ڪري وڻندا آهن
جو رات جو حملا آور قافلن کي ڏسي ڀونڪندا آهن
سُتلن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن
۽ چنڊ کي ڀونڊا ڏيندڙ ماڻھن مٿان ٽنگ کڻي مُٽندا آهن
مونکي ماڻھو ان ڪري ناهن وڻندا
جو هاڻ اُنھن به مڇين جيان
هڪ ٻي کي کائڻ شروع ڪيو آهي
جيڪي هاڻ پنھنجو پاڻ ۾ ڌپ ڪري ويا آهن
آئون ان ڳالھه جي تھه تائين پھتو آهيان ته
هڪ ٻي کي کائڻ کان بھتر آهي ته
هڪ ٻي کان ئي ڌار ٿي وڃجي.