شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

تجربن جي تک ۾ ٻڏي ويل ماڻھو

آئون تنھنجن واعدن مان وڃائجي ويل پھريون شخص آهيان
محبت جي مم منھنجي زندگي جا گوڏا چٽي
مونکي هڪ ئي جڳاءِ تي ويھاري ڇڏيو آهي
پيار جي ڪتاب جو پھريون سبق مون توکان ئي سکيو هئو
منھنجي عمر جي اک
تنھنجي تجربن جي تاريخ کان ڪافي ننڍي هئي
آئون پنھنجي معصوم محبت کي
ڪيئن ٿي سمجھائي سگھيس ته
تجربن جي تک ۾ ماڻھو ٻانھن تائين به ٻڏي ويندو آهي
جنھن جي واپسي ضايع ٿيل زندگيءَ کانسواءِ
ٻيو ڪجھه به ناهي هوندي
سج سان اکيون ملائڻ جي عمر
آئون تو وٽ ئي وڃائي آيو آهيان
پر مون تو مان هڪ تجربن جي تاريخ هٿ ڪري ورتي آهي
جيڪا عشق جي اک کان الاهي وڏي آهي
جيڪا ماڻھو کي کائي وڃڻ جي سگھه رکي ٿي
جنھن اڳيان احساس ۽ ارادن جون اکيون انڌيون ٿي وڃن ٿيون
هاڻ مون به پنھنجا انڌا ڏينھن
واندڪائي مھل توکي ئي ڏئي ڇڏيا آهن
هاڻ آئون به تنھنجي عمر جي اک جيڏو ٿي ويو آهيان
۽ هاڻ آئون به تجربن جي تاريخ کي سھيڙڻ لڳو آهيان....