وقت جيڪو مونکان وڃائجي ويو آهي ...
آئون پنھنجي ٽنگيل لاش تي سوڳوار بيٺو آهيان
ڌرتيءَ تي لڳل پھرين جنگ
عورت جي حسين هُئڻ جو سڀ کان وڏو ڏوهه آهي
رت جيڪو ڪالھه به وهيو هو
رت جيڪو اڄ به وهي رهيو آهي
ماڻھوءَ جي مغز ۾ ماڻھوءَ جو پورو نه ٿيڻ
وحشت جي پھرين نشاني آ
ڪيترا ئي سال اُگھاڙو رهڻ کانپوءِ به
ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ڍڪي ناهي سگھيو
ارتقا جو آسمان ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ ڌنڌلو ٿي ويو آهي
آئون پنھنجي قبر مان پاڻ کي ڪڍڻ جھڙو به ناهيان رهيو
منھنجا سمورا سڏ
اُهو طوفاني سمنڊ کائي ويو آهي
جنھن جو خوف
ٻيڙن ۾ ويٺل مُھاڻن جي اکين مان ئي ڏسي ٿو سگھجي
دلين جي درزين کان ئي پُڇي وٺجي
ته ساھن کي سور جا ڪيڏا سيبا ڏنل آهن
آئون پنھنجي اداس لاش تي اڪيلو ئي روئي رهيو آهيان
وقت جيڪو ڪانٽن جون ڪليون
هڪ ئي جاءِ تي بيھاري ڀت کي ٽيڪ ڏئي
گھڙيال اندر گھڙي ويھي رھيو آھي
گھڙيال جيڪو هڪ ئي جاءِ تي بيٺل آهي
گھڙيال جيڪو مونکي ئي ڏسي رهيو آهي
وقت جيڪو مونکان ۽ گھڙيال کان وڃائجي ويو آهي
وقت جنھن جا ڪانٽا ڪنڌ جُھڪايو بيٺا آهن.