شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

سج ڪٿي آهي ...!؟

سج ڪٿي آهي....!؟
هيءَ هيڏي وڏي ڪاري رات جنھن جا ڇيڙا
منھنجي ٻانھن جي اوچائي کان به مٿي ٿي ويا آهن
مونکي ننڊ جي نيئرن ۾ ڪير ٻڌي ويو آهي..!؟
ڪٿ آئون
تاريخ جي انڌي اک جو خواب ته ناهيان ٿي ويو..!؟
هاڻ مونکي منھنجي معصوميت تي به ترس نٿو اچي
غم جي گلاس ۾ ٻڏل
آئون پنھنجي زندگيءَ جي زهر جا ڍُڪ پي
ڍئو ڪرڻ نٿو چاهيان
پر آئون مسلسل هلڻ ٿو چاهيان
هن رات جي پنڌ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ
سج ڪٿي آهي...!؟
اها ڳالھه مونکي ڌرتيءَ تي بيھي
آسمان جي اوچائيءَ جيڏي آواز سان ڪرڻي آهي
هاڻ مونکي به درياھ جيان وهندڙ
پنھنجي اکين کي سُڪائي ڇڏڻون آهي
ماڻھن جي ڪنن ۾ موري ويل وارن کي ورائي
کين صدين تائين ساھ کڻڻ جي ڳالھه ٻڌائڻي آهي
هن رات جي ڊگھي سفر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ
ڏيئن جي لشڪرن سان اڳتي وڌڻون آهي
سج ڪٿي آهي
اها ڳالھه هاڻ مونکي رات جي اکين مٿان بيھي
هجومن جي آواز سان گڏجي ڪرڻي آهي
سج ڪٿي آهي
ان ڳالھه کي پنھنجو پاڻ ۾ اُڀاري رکڻون آهي
سج اڀرڻون آهي
ان ڳالھه تي ئي قائم رهڻون آهي
سج اڀري رهيو آهي
ان ڳالھه تي ئي گڏجي رقص ڪرڻون آهي
