ڪٿ توکان به ڪجھه وڃائجي ته ڪونَه ويو آهي.ٰ!؟
وڻ گل پوپٽ ۽ پکي
منھنجي لاش تي اُداس بيٺا آهن
آئون پنھنجون اڌ کليل اکيون
تنھنجي ئي انتظار جي حوالي ڪريو پيو وڃان
منھنجو تو مان مري وڃڻ ئي
منھنجو سڀ کان وڏو نقصان آهي
پاڻ عمر جا ارڙهان سال
اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ئي گذاريا هئا
تون مونکان چاليھه چنڊ وڏي هُئينءَ
تنھنجي جواني جو جھنگ
مونکان اڳ گھاٽو ٿي چڪو هو
مون ڪيترا ئي ڀيرا تو ۾
عشق جا آکيرا اڏڻ جي ڪوشش ڪئي هئي
پر هر ڀيري تو پنھنجن ڏينھن جا ڏار ڇانگي ٿي ڇڏيا
۽ آئون اُس ۾ اڪيلو ئي رهجي ٿي ويس
پاڻ کي پناھ ڏيارڻ لاءِ
مون ڪيڏا نه تولئي پنڌ ڪيا آهن
ڳوٺ جيڪو تنھنجي کل تي ئي کلي کيرو ٿي پوندو هو
سو اڄ ڪيڏو نه اُداس ٿي پيو آهي
ڪٿ مون جيان
توکان به ڪجھه وڃائجي ته ڪو نه ويو آهي....! ؟