ڌرتيءَ ۽ آسمان تائين وڪرو ٿي وڃڻ..!
آئون زندھ نه رهي سگھان
پنھنجي ڌرتيءَ ۽ پنھنجي آسمان تي
منھنجا سڀئي چنڊ ۽ تارا
منھنجي ڳڻپ کان اڳ ئي گُم ٿي وڃن
هو چون ٿا ته
منھنجي آواز کي اکيون نه هُجن
منھنجا ڪن ٻُڌڻ جي صلاحيتن کان سُن هجن
آئون آزاد صبح جي پيشاني کي چمي نه سگھان
هو چون ٿا ته
آئون پنھنجن نسلن کي
پنھنجن ئي هٿن سان نپوڙي ماري ڇڏيان
وجود جي بقا کي باھ ۾ اُڇلي
اُن مٿان پنھنجا هٿ ويھي سيڪيان
آئون پنھنجا ٻچا جوان ٿيڻ کان اڳ ئي کائي ڇڏيان
هو چون ٿا ته
نيلاميءَ جي منڊيءَ ۾
مونکي ضمير تائين وڪرو ٿيڻو پوندو
نسلن جي ڄمڻ ۽ مرڻ تائين وڪرو ٿيڻو پوندو
ڌرتيءَ ۽ آسمان تائين وڪرو ٿيڻو پوندو
صبح ۽ رات تائين وڪرو ٿيڻو پوندو
ھو چون ٿا ته
آئون پنھنجن نظمن جي به نس بندي ڪرائي ڇڏيان
نظم جيڪي آئيندن جون اکيون هوندا آهن
نظم جيڪي جنگ ۾ سپاهي ٿي وڙهندا آهن
نظم جيڪي شاعريءَ جي ڪُک مان
ٻارن جيان ڄمي پوندا آهن
نظم جيڪي ماڻھن جي اکين جو خواب هوندا آهن
هو نٿا چاهن ته
آئون نظمن ۾ به زندھ رهان
هو چاهن ٿا ته
آئون هاڻ ئي مري وڃان...