وصيت نامون
جڏھن ڏُڪار جا ڏينھن هئا
۽ ماڻھو لڏپلائڻ جا سانڀا ڪري رهيا هئا
بُک جو وزن ماڻھو کان وڌي وڏو ٿي چُڪو هو
امان پنجون ٻار ڄڻڻ کانپوءِ به
مٿي تي مٽيءَ جا ڏلھا کڻي
گھر راڳڻ جو ارادو ڪري رهي هئي
پاڙي جون عورتون پنھنجن مردن کي ميارون ڏئي
وطن ڇڏڻ لاء زور ڀري رهيو هيون
ان وقت به اڪيلائي جو اُڀريل سج
امان کي سھڪائي نه سگھيو هو
سُھاڳ جي وڃائجي ويل سوني چوڙي جو درد
امان ڪڏهن به ڳوٺ جي مائين سان نه ونڊيو هو
جيءَ ۾ جانڪڻ جيڏا ڏک
امان روز اسانکي ماني سان گڏ پچائي ڏيندي هئي
جن کي کائي
ڏکن جي ڏينھن تي ئي ڍئو ڪري وٺبو هو
امان بابا جي زنگيل تلوار کي روز ٻاهر ڪڍي
واپس مياڻ ۾ رکي ڇڏيندي هئي
جيڪا اُن وقت اسانجي عمر کان الاهي وڏي هئي
۽ جاري ۾ رکيل گھوڙي جا سنج به پئي صاف ڪندي هئي
آئون پنھنجي عمر جي ارڙھين سال تي مس پھتو هئس
هڪ ڏينھن صندوق کي صاف ڪندي
امان هڪ رت مان ڀريل خط مونکي پڙھڻ لاءِ ڏئي
اڱڻ کان ٻاهر نڪري اُس ۾ وڃي ويھي رهي
خط جي پھرين پني تي لکيل
بابا جو وچن نامون هو
جيڪو جنگ جي ميدان ۾ مارجي وڃڻ وقت
بابا جي ڳچيءَ مان ئي مليو هو
جيڪو وصيت موجب امان کي
مونکي ئي پارائڻو هو
هاڻ آئون به بابا جي تلوار کي
مياڻ جي موت کان ٻاهر ڪڍي آيو آھيان
۽ گھوڙي جي سواريءَ لاءِ سنج به صاف ڪري رهيو آهيان
جنگ جو هُنر مونکي ڌرتيءَ جي تتل تاريخ مان
وراثت ۾ مليل آھي
هاڻ آئون به پنھنجي پٽ لاءِ
ھڪ اهڙو ئي خط لکي ڇڏڻ ٿو چاهيان
جنھن ۾ وطن جي وارثيءَ جو رت شامل هجي
جيڪو مونکان پوءِ هر پيءُ پنھنجي پٽ کي
وصيت طور لکڻ ۾ فخر محسوس ڪري.