شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

  آئون چاهيان ٿو ...

آئون چاهيان ٿو ته
مون وٽ پنھنجو سج هُجي
پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجو ٻج هُجي
آئون چاهيان ٿو ته
منھنجو آسمان منھنجي ئي مٿان تارن سان ڀريو بيٺو هُجي
جنھن کي آئون جنھن به وقت چاهيان ته ڏسي وٺان
آئون چاهيان ٿو ته
مونکي پنھنجي ڌرتي جي والار جيڏو وطن ھُجي
جنھن ۾ آئون پنھنجي چنڊ کي
اکين جي اڱڻ تان ويھي ڏسي سگھان
آئون چاهيان ٿو ته
وقت جون واڳون موت جي هٿن کان ڦُري
زندگيءَ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏجن
درياھ جي ڌُن کي
سمنڊ جي سيني تي ويھي ڳائجي
آئون چاهيان ٿو ته
پيار کي نئين انداز سان پوکجي
جنھن منجھان رڳو ئي محبتون موري اچن
نينھن جي سائي نم ۾ لڱن جي لوڏ تي لُڏجي
آئون چاهيان ٿو ته
تلوار جي اک سان ماڻھو جي ڪنڌ کي نه ماپجي
انصاف جي اکين تي ٻڌل ڪاري پٽي کي کولي ڇڏجي
آئون چاهيان ٿو ته
مونکي پنھنجو وجود هُجي
پنھنجا وڻ ھُجن پنھنجا پکي هُجن
پنھنجي خزان هجي پنھنجو بھار هُجي
آئون چاهيان ٿو ته
مونکي پنھنجا ئي ڏينھن هُجن
۽ پنھنجون ئي راتيون هُجن
جن منجھان صرف پاڻ مان ئي اُڀرجي
۽ پاڻ ۾ ئي لھجي
آئون چاهيان ٿو ته
تو ۾ ئي زندھ رهجي
۽ تو ۾ ئي مري وڃجي.