شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

مون توکان ئي سکيو آهي

منھنجي ٻُڏي وڃڻ جي ڳالھه ٻڌي
تنھنجو درياھ تي نڪري اچڻ
اها ڳالھه منھنجي لاءِ ڏاڍي حيرت ناڪ هئي
آئون پنھنجي وڃائجي وڃڻ جو سبب
پاڻ کان ٻاهر ئي ڳولھي رهيو هئس
پراڻي ڊائري ۾ رهجي ويل
منھنجو پھريون نظم
شاعريءَ جي فني حوالن کان ته ڪافي اڻڄاڻ هو
پر پيار جي احساس جي گواهي جو
مضبوط دليل ضرور هُئو
ماڻھو جو ماڻھو مان ئي دريافت ٿيڻ
مون توکان ئي سکيو آهي
مون پنھنجي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب
ٻُڏي ويل ماڻھن جي اکين کي ارپي ڇڏيو آهي
۽ پنھنجو پاڻ کي مون
تو ساڻ ئي منسوب ڪري ڇڏيو آهي
آئون پنھنجي زندگيءَ جا سمورا سال
عمر جي اک جي انڌي ٿي وڃڻ کان پھرين
توکي ئي ڏئي ڇڏڻ ٿو چاهيان
آئون پاڻ ۾ جيئرو رهڻ جي لاءِ
صرف تنھنجي جواني جي جاگرافي پڙهي ڇڏڻ ٿو چاهيان تون پيار جو اهو لامڪان آهين
جتي محبتن جا فرشتا نينھن جي نماز پڙهڻ ايندا آهن
ڌرتي ۽ آسمان جا ٻئي پُڙ
تنھنجي مُرڪ جي توازن سان ئي توري ٿا سگھجن
اهو اندازو مون ان وقت ئي لڳائي ورتو هو
جڏھن تون درياھ تي اچي نڪتي هئينءَ
۽ آئون تنھنجي ئي اکين ۾ ٻُڏي ويو هئس.