وقت جي بالغ ٿيڻ کان اڳ جي ڳالھه ...
مون آسمان کان به اڳ ڪيو آهي
ڪپڙن کان آجي ٿيل دنيا
جيڪا دُن جيان گول ته هئي
پر ڍڪيل نه هئي
ماڻھن ۽ پکين جو لباس هڪ جھڙو هو
نديءَ ۾ اگھاڙو ٿي وهنجڻ
وقت جي بالغ ٿيڻ کان اڳ جي ڳالھه آ
تفرقن کي مون پاڻ ئي پيدا ڪيو آ
آئون پنھنجي جنگ ۾ هارجي وڃڻ نٿو چاهيان
خدا هئڻ جو شوق
منھنجي دل تان لٿو ئي ڪٿ آ
فرعون منھنجي کاٻي اک جو خواب آ
مون پاڻ تائين اچڻ جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا آهيان
ماڻھوءَ جي سوچڻ کان اڳ
آئون ماڻھوءَ جي مري وڃڻ جو حامي آهيان
آئون اُن عيسيٰ کان به اڳ جو آهيان
جنھن جو نشان صليب آ.