شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

تون ڪٿي آهين ...!؟

تون ڪٿي آهين
آئون پنھنجي افراتفري مان
هاڻ واندو ٿي چُڪو آهيان
آئون پنھنجي واندڪائي
توساڻ ئي وندرائڻ ٿو چاهيان
سج نيزي برابر اچي وڃڻ کان اڳ ۾
آئون اٺون آسمان ڏسڻ ٿو چاهيان
دريافت جي نئين ٿيوري لکڻ وقت
مونکي تنھنجي ضرورت پوندي
زميني حالتن کان تون گھڻي واقف آهين
۽ آسماني ڪتابن جا پنا
ڪجھه هاڻ مون به پڙھڻ شروع ڪيا آهن
آئون تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪتاب
توکان بغير ڪڏهن به لکي نٿو سگھان
دنيا جي ويڙھجي وڃڻ جي ڳالھه
تون سمنڊ کان مونکي پُڇي ڏي
تيسين آئون به اٺين آسمان جا آثار
مذهبن جي پوريل مٽيءَ مان کوٽي ٻاهر ڪڍي ٿو اچان
پنھنجي ڪتاب جا موضوع
ماڻھن جي عمر کان الاهي وڏا آھن
ان ڪري آئون پنھنجي ڪتاب جا سمورا باب
اڳواٽ ئي توکي پڙهائي ڇڏڻ ٿو چاهيان
تون منھنجي ڪتاب جي پھرين گواھ آهين
ڪتاب جيڪو آئون توکي ئي منسوب ڪرڻ ٿو چاهيان
ڪتاب جنھن جا پنا آسماني ته ناهن
پر تنھنجي اکين جيان آساني سان پڙهي ٿا سگھجن .
