تون ڪٿي آهين...!؟
منھنجي سڪ جي سمنڊ کي
تنھنجي ڇڪ جون ڇوليون سُمھڻ ئي نٿيون ڏين
آئون پنھنجي مري وڃڻ جو اطلاع
پنھنجو پاڻ ۾ کڻي رُلي رهيو آهيان
دل جي دفن ٿي وڃڻ جا ڏينھن
تنھنجي وڃائجي وڃڻ کانپوءِ
مون پنھنجو پاڻ تي لھندي ڏٺا آهن
افلاڪ جي اک مان ته ڪو به ڳوڙھو ئي ناهي ڳڙيو
پر مون تنھنجي آيتن جھڙين اکين ۾
ڪيترائي خدا جھڙا خواب ڏٺا هئا
جن جي ساڀيان لاءِ تنھنجو هجڻ ئي لازم هو
تون ڪٿي آهين...!؟
اهو سوال
مونکان منھنجي ساھ جون نسون ڇڪيو الڳ ٿيو بيٺو آهي
گلن سان ڳالھيون ڪندي
آئون اڪثر توکي ئي ياد ڪندو آهيان
گُل ۽ پوپٽ مونکي تو جھڙا ئي لڳندا آهن
مُحبتن جا قافلا
مرڪن جي پيرن سان ئي سفر طئي ڪندا آهن
پر آئون تنھنجي وڇوڙي جو وڍ
جيءَ جي جُھري پوڻ تائين
پاڻ سان گڏ کڻي الائي ته ڪيئن هلي رهيو آهيان
تنھنجي هُجڻ جي ڳالھه
ڪٿ مونکان وڃائجي ته ناهي وئي!؟
جو آئون پنھنجو پاڻ ۾ به خالي ٿيندو پيو وڃان
گھر جي اُداس اکين ۾ ڏيئن ٻرڻ ڇڏي ڏنون آهي
آئون هڪ ڪرڀ ناڪ ڪاري ڪنڊ ۾
موت جھڙي شڪل کي ڀاڪر پائي روئي رهيو آهيان
سُرخ گُلن جون سُڪي ويل پنکڙيون
تو مٿان اڏامي رھيون آهن
۽ آئون ڳوڙهن کي ڳنڍيون ڏيڻ بنا ئي
تو مٿان نازبوئن جھڙا نظم لکي رهيو آهيان.
(نوٽ) پنھنجي جگر جي ٽڪڙي پنھنجي پٽ جي وفات تي لکيل.