لاپرواهيءَ جو لباس
مونکي جيئڻ جو سليقو ناهي ايندو
لاپرواهي جو لباس
منھنجي عمر کان الاهي وڏو آھي
حيا جو لفظ واش روم ۾ وهنجڻ وقت ئي
مونکان وڃائجي ويو آھي
غيرت جي ڳاڙھي اک
ضرورتون پوريون نه ٿي سگھڻ جي ڪري
پنھنجو رنگ تبديل ڪري ڇڏيو آھي
مون پنھنجي اٺين عشق کان به
علحيدگي اختيار ڪري ڇڏي آ
آئون پيار ۾ ضايع ٿيل حمل کانسواءِ
ڪجھه به حاصل ناهيان ڪري سگھي
منھنجي عمر جو اٺيتاليھون سال
اڃان به اک ۾ قُرب جو ڪجل ڀرڻ ٿو چاهي
آئون تنھنجي پيار جو پھريون تجربو آھيان
۽ تون منھنجي جسم ۾ رهجي ويل
رت جو اُهو لوٿڙو
جنھن کي آئون تنھنجو ٻيو جنم ئي چئي سگھان ٿي
پنھنجي ضرورتن جا ڏينھن به
هاڻ پوڙھپڻ تي اچي پڳا آھن
پنھنجي ملاقات جا ڪيترا ئي اڻ مڪمل ٻار
شھر جي گٽرن گم ڪري ڇڏيا آھن
محبت ماکيءَ جيان مٺي هوندي به
الئي ڇو زهر وانگر ضايع ڪريو ٿي ڇڏي
تون منھنجي خواھش جو مري ويل آخري موضوع آھين
آئون پنھنجي اُگھاڙپ تان
تنھنجي عياشيءَ جا هٿ اُگھي ڇڏڻ ٿي چاهيان
۽ جڏھن به توکان اڌ رات جو اُٿي
گھر پھچي پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو اٿم ته
منھنجي آخري رات وارا ڪپڙا ته
تنھنجي ئي ڪمري جي
ڀت ۾ لڳل ڪلئيءَ تي ئي رهجي ويا آهن