آئون تو ۾ ٻُڏي وڃڻ جو پھريون حمايتي آهيان...
محبتن جي موسمن جي اڳڪٿي ڪري وٺندو آهيان
تنھنجون اکيون
جن ۾ مُحبتن جا ملائڪ ساھ کڻن ٿا
تنھنجون اکيون
جن ۾ زندگيءَ کي ٻوڙي ۽ تاري ٿو سگھجي
اُڀرڻ ۽ لھڻ جو احساس
مون توکان ئي سکيو آهي
تون منھنجي اڏاوت جي پھرين اوساري آهين
آئون توسان ئي مڪمل
۽ تو ۾ ئي ڊهي وڃڻ ٿو چاهيان
زمانا تنھنجي ذيعارت ڪرڻ کانپوءِ ئي
خود کي حسين سڏرائڻ لڳن ٿا
تنھنجي اکين مونکي مُحبتن جا معراج ڪرايا آهن
آئون اهو خوش نصيب انسان آهيان
جنھن جو گھر تنھنجي ئي اکين ۾ آهي
آئون ان ڳالھه تي حيران آهيان ته
وقت تو اڳيان ئي پير ڀر بيٺل آهي
تون سونھن جو اهو سج آهين
جنھن کي آئون پنھنجي شاعريءَ ۾ رکي روشن ٿيڻ ٿو چاهيان
سچ پڇين ته مون ڪيترائي ڀيرا
تنھنجي عشق جو احرام ٻڌي
تنھنجي حُسن جو حج ڪيو آهي
تنھنجون اکيون پيار جي اُها ٻيڙي آهن
جن ۾ چڙھي ستن ئي سمونڊن جو سير ڪري ٿو سگھجي
تنھنجون اکيون
جن مان مون پنھنجي به اڳڪٿي ڪري ورتي آهي
آئون تو ۾ ٻُڏي وڃڻ جو پھريون حمايتي آهيان
آئون مري وڃڻ کانپوءِ به تو ۾ ئي رهڻ ٿو چاهيان .