ڇا اهو معجزو گھٽ آهي ..!؟
اهو اندازو آئون
توکي ڏسڻ کانپوءِ ئي لڳائي سگھندو آهيان ته
تنھنجو هن دنيا ۾ پيدا ٿيڻ ئي
خوبصورتيءَ جي لاءِ هڪ اهڙو اعزاز آهي
جنھن جي گواهي خوشبوءِ سان ڀريلِ گلن کانسواءِ
ڪو ڏئي به نٿو سگھي
پاڻ ٻنھي جو هڪ ٻي سان گڏجڻ
ڏينھن کان وڌيڪ رات کي روشن ڪرڻ جي برابر آهي
مونکي تنھنجي حسين هئڻ جا آثار
تنھنجي اکين جي ادائن مان ئي نظر اچي ويندا آهن
مون تنھنجي تعريف جي تحريرن کي
هن صديءَ جو سڀ کان وڏو سچ ڪرار ڏئي ڇڏيو آهي
پنھنجو هن دنيا ۾ هڪ ٻي جي لاءِ ڄمڻ
عشق جي اهميت کي
اُجاڳر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي
آئون تنھنجي پيار جو پاند جھلي
دنيا جو ڪو به درياھ اُڪري سگھان ٿو
مونکي اها پڪ آهي ته
تون تاريخ جي سڀ کان وڏي سونھن آهين
جيڪڏهن ماڻھو توکي مون جيان
دل جي اکين سان ڏسي وٺن ها ته
شايد منھنجو تو تائين پھچڻ
ڪيڏو نه مشڪل ٿي پوي ها
هاڻ آئون تنھنجن اکين ۾
پنھنجو پاڻ کي اڪيلو ڏسي
هڪ وڏي اطمينان ۾ اچي ويو آهيان
مون رات جي تاريڪن ۾ به تنھنجي حُسن جا تجلا ڏٺا آهن
جن کي بيان ڪندي
مونکي وڌيڪ فخر محسوس ٿيندو آهي
ڇا اهو معجزو گھٽ آهي..!؟
جو توکي ڏسڻ کانپوءِ
مونکان ڏيئا ٻارڻ ئي وسري ويندا آهن.