آئون تنھنجي اک ۾ ئي ڦڙڪندو رهان ...
کاٻي اک جي ڦڙڪڻ کي نڀاڳ چوندي آهي
سندس ڳالھيون
ڳوٺ جي پوڙهين جي پوتين جي پاند ۾ ٻڌل
ڳنڍين کان به گھڻيون مضبوط آهن
هوءَ شاعريءَ ۾ آيل ان تشبيھه جيان آهي
جيڪا شاعرن مٿان نئين نازل ٿيندي آهي
هوءَ پنھنجي دؤر جي هڪ اهڙي ته دنيا آهي
جنھن کي ڏسي زمانا ڪڏهن به ضعيف نٿا ٿي سگھن
درياھ هُن جي دلي ۾ سڄو ڀرجي وڃڻ ٿو چاهي
هوءَ چاهي ته پنھنجي حُسن جي هوڏ تي
سمنڊ مٿان به هلي ٿي سگھي
مون سندس پير
ساحل تي هلندي سمنڊ کي چُمندي ڏٺا آهن.
سندس معجزا مون.
جيڪي رڳو محبتن مان ئي ڀريا پيا آهن
هُن جي کلڻ جون تعريفون
ڪنھن تاريخي ڪتاب ۾ ئي لکي ٿيون سگھجن
آئون هُن جي سونھن جو پھريون ثناگر آهيان
عشق جي اوڳاڙيءَ ۾ مون رڳو توکي ئي گھريو آهي
تنھنجي ڪيل ڳالھه کانپوءِ
مون پنھنجي کاٻي اک تي هٿ رکي ڇڏيو آهي
شال آئون تنھنجي ساڄي اک ۾ ئي ڦڙڪندو رهان.