غيرشرعي
۽ چڪلي جي در وٽان گُذرندي
مونکي ڏسي وٺڻ کانپوءِ
بابا پاڙي جي ماسيءَ کي گھرائي
منھنجي شادي لاءِ فڪرمند ٿي پيو آھي
آئون پنھنجي جواني جي پھريئين ڏاڪي تي بيٺل
اڻ واقف ماڻھو
ڪيڏو نه اڪيلو ٿي پيو آھيان
ان ڳالھه جي ڳنڍ کولڻ جي لاءِ ته
ماڻھو چڪلي ۾ ڇو ويندا آھن
چڪلي جي در مان نڪرندڙ
ھڪ اڌ منھن ويڙھيل ماڻھو کان سوال ڪيم ته
چاچا
چڪلو ڇاکي چئبو آھي...!؟
چپن تي ڦڪي مرڪ آڻي
هلڪو ٽھڪ ڏيندي چوڻ لڳو ته
بنا دستاويز جي لکت واري عورت سان
مقرر ڪيل اگھه جا پئسه ڀرڻ کانپوءِ به
ان سان لڪ ۽ خوف ۾
اُگھاڙو سمھڻ کي چڪلو چئبو آهي
اهو هن معاشري ۾
غيرشرعي ۽ غيرقانوني ليکيو ويندو آھي
ھا تڏھن وڃي ڪجھه سمجھه ۾ آيو ته
بابا اهو هرگز ئي نٿو چاهي ته
ڪو آئون غيرشرعي ۽ غيرقانوني ٿي وڃان
تنھن ڪري ئي شايد مونکي به
شاهدن سان گڏ دستاويز تي لکت واري عورت
وٺي ڏيئڻ ٿو چاهي
جنھن سان آئون
ڪنھن به وقت اُگھاڙو سُمھي ٿو سگھان.