پنھنجي پاران:
مون جڏهن به سمنڊ تي هلڻ جي ڳالھه ڪئي آهي ته ماڻھو حيران ٿي مونکي حقارت جي نظر سان ڏسڻ لڳا آهن آئيندن جون اکيون ماڻھن کي آخر ڪڏهن ملنديون..!؟
آئون ڪيڏانھن وڃي رهيو آهيان اهو مونکان ڪير به پڇڻ جي لاءِ تيار ئي ناهي پر هو منھنجي ڳالھين کي وقت جي وڏي چريائپ ٿا سمجھن درياھ کي دلي ۾ ڀري ڇڏڻ جي ڳالھه چنڊ کي زمين تي لاهي رکڻ جي ڳالھه سج تي ماني پچائي بک کي ختم ڪرڻ جي ڳالھه آخر ماڻھن کي سمجھه ۾ ڇو نٿي اچي..!؟ آئون پنھنجي تاريخ جا تجربا آخر ڪنھن سان ويھي ورهايان پاڻ ۾ هجڻ جو حوصلو ماڻھن جي هٿن مان الائي ته ڪٿي ڪري پيو آهي آئون پنھنجي ڳولھا جي ڳالھه پاڻ ۾ کڻي رلي رهيو آهيان ڌرتيءَ جي ڌٻڻ جا ڏينھن منھنجي ڪنن ۾ واڄٽ سان وڄي رهيا آهن آئون ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ بيھي نوان سُر سرجڻ ٿو چاهيان ۽ تنبوري جي تارن جيان ٽپي وڃڻ ٿو چاهيان منھنجا سڏ جيڪي صُبح جي روشنيءَ جھڙا آھن آئون چاهيان ٿو ته ڪرامتن جي دور کي هاڻ ختم ٿيڻ گھرجي ماڻھوءَ جي مغز ۾ ماڻھوءَ جو پورو ٿي وڃڻ ئي وقت جي گھڙيال سان گڏجي هلڻ جو مضبوط دليل آهي.
آئون پنھنجا اگھاڙا پير تاريخ جي تتل زمين تي ڇڏي آيو آهيان جن کي ڇانءُ جي ضرورت آهي اها ڇانءُ جيڪا زندگيءَ جي علامت هوندي آهي آئون پنھنجون ڳالھيون پاڻ ۾ کڻي مري وڃڻ کان اڳ ۾ ورهائي ڇڏڻ ٿو چاهيان هن دنيا جي گول دائري اندر آئون هميشه زندھ رهڻ ٿو چاهيان هي منھنجي شاعريءَ جو ستون ڪتاب جنھن جا احساس پرين جي اکين جھڙا اُجرا آهن جنھن جا سمورا نثري نظم مون اوجاڳن جي آڏاڻن تي ويھي اُڻيا آهن جن جي جاڳ به جنمن تائين جيئڻي آهي.
منھنجي ھن ڪتاب ”تنهنجي وڃڻ کانپوءِ“ کي منھنجو محبوب دوست شريف منڌرو ۽ ڪريم بخش هنڱورو، امين منڌري، ميڙي مُٺ ڪري ڇپايو آهي آئون سندن تھه دل سان شُڪر گذار آهيان ۽ سائين نواز شاھ ڀاڏائي جو پڻ ٿورائتو آهيان جنھن منھنجي ھن ڪتاب تي ٿوري ئي وقت ۾ مھاڳ لکي ڏيڻ جو اعزار بخشيو آخر ۾ آئون روپا پبليڪيشن جي سموري سٿ جو پڻ احسان مند آهيان جن منھنجي ھن ڪتاب کي مڪمل ڪتاب هئڻ جي شڪل ڏني.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
اياز امرشيخ
مارئي ميڊيڪل اسٽور
مين بس اسٽاپ ضلعو سجاول
03347091595