مونکي ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن ...!
پاڻ کي دفنائڻ کان وٺي
پاڻ کي زندھ رکڻ تائين
رات کي ڏينھن ڏانھن وٺي ويندڙ رستن کان وٺي
سج ۽ چنڊ سان روبرو ملڻ تائين
مونکي مسلسل ئي ڪم ڪرڻو آهي
اخبار جي سرخين کان وٺي
پروف جي غلطي ۾ لکجي ويل
سُنڍ لفظ جي نقطن کي سڌو ڪري
سنڌ لکڻ تائين
اهو سڄو ڪم مونکي ئي ڪرڻون آهي
هاڻ مونکي پنھنجي هن افراتفريءَ مان ٻاهر نڪري
ٿوري ئي وقت ۾ گھڻون ڪجھه ڪم ڪرڻون آهي
وڻن جي واڍيءَ تي
عالمي سطح جي معيار تي پوري لھندڙ
اخبار ۾ ڪالم لکڻون آهي
پکين جا آکيرا بچائڻ کان پھرين
مونکي ننڊ ناهي ڪرڻي
درياھ هوندي اُڃ مرڻ واري ڳالھه تي سوچڻون آهي
مونکي پنھنجي ڪم جي ڳڻپ
پاڻ سان ئي گڏ کڻي هلڻي آهي
اسڪول ويندڙ ٻارن کي روڊ پار ڪرائڻون آهي
خالي ڪلاسن جي بورڊن تي
چاڪ سان استاد لکي ڇڏڻون آهي
ٽٽل پينسل جو منھن گھڙي نوڪدار ڪري ڇڏڻون آهي
مونکي ڪنھن به هڪ جاءِ تي ڄمي ناهي بيھڻون
صبح کان وٺي رات ختم ٿيڻ تائين
مونکي جاڳڻون آهي
۽ اڳتي ئي وڌڻون آهي
مونکي ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن
ان ڳالھه مونکان منھنجون
اجايون خواهشون کسي ورتيون آهن
آئون اڏاوت جي هٿن سان
پنھنجا ايندڙ ڏينھن اڏڻ ٿو چاهيان
مئلن کي زندگيءَ ڏانھن وٺي وڃڻ ٿو چاهيان
مٽي سان محبت جو ڪلمون ماڻھن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان
آئون پاڻ کي ٻيھر دريافت ڪرڻ ٿو چاهيان
وسامي ويل ڏيئن ۾ تيل ڀري
کين هميشه جي لاءِ ٻاري ڇڏڻ ٿو چاهيان
آئون مسلسل زندھ رهڻ ٿو چاهيان