نظم جيڪو لکجڻ کان رهجي ويو آهي ...
اُن نظم کي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
جيڪو مصروف هئڻ جي ڪري
لکجڻ کان رهجي ويندو آهي
نظم جنھن جون ڳالھيون شروع ٿيڻ کانپوءِ
کُٽڻ جي ڳالھه ئي نٿيون ڪن
آئون سندس وات تي هٿ رکي ٿڪجي پوندو آهيان
نظم جنھن جون ڳالھيون
صبح کان شروع ٿيندي
رات تائين به هلنديون ئي رهن ٿيون
مون جڏھن به اڻ لکيل نظم کي
ويجھي کان ويھي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ته اڪثر هو پاڻ کي مصروف رکڻ ۾ لڳي ويندو آهي
بارش ڏسندي ئي ڪپڙا لاهي اُگھاڙو وهنجڻ لڳندو آهي
پاڙي جي عورتن جي اکين جا خواب چورائي
سندن مڙسن کي وڃي ڏيکاريندو آهي
نظم جنھن جون ڪيتريون ئي اُگھاڙيون ڳالھيون
آئون لکڻ وقت به لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان
نظم جيڪو هاڻ
پنھنجي موضوع کان ڪافي وڏو ٿي ويو آهي
نظم جيڪو مونکي وقفن ۾ لکڻو آهي
نظم جيڪو شھر جي گٽرن جيان پلٽي پيو آهي
جنھن کي سنڀالڻ جي لاءِ
مونکي ميونسپل ڪميٽي سان رابطو ڪري
ڪي نوان ڀنگي ڀرتي ڪرائڻا آهن
نظم جيڪو پنھنجو پاڻ ۾ به ڌپ ڪري ويو آهي
مونکي نظم کي لکڻ وقت
انتھائي گھڻون احتياط به ڪرڻون آهي
نظم جنھن جون عادتون
ڀِتن تي ڇاپيل ڀونڊن جھڙيون آهن
جيڪي ڪنھن به وقت ڪاوڙ ۾ اچي سگھن ٿيون
نظم جيڪو مونکي جوانيءَ جي عمر ۾ لکڻو هو
نظم جيڪو مڪمل پوڙهو ٿي چڪو آهي
نظم جيڪو هاڻ لٺ تي به هلڻ جي قابل ناهي رهيو
نظم کي لکي پورو ڪرڻ کان پھرين
مونکي هن نظم کي
ڪنھن اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾
داخل ڪرائڻو آهي
سندس منھن تي گيس جو ٻوٿارو چاڙهائي
زوري به ساھ کڻائي
کائنس ڪيتريون ئي رهجي ويل ڳالھيون پُڇي لکڻيون آهن
مري وڃڻ کانپوءِ به سندس اکيون
سندس ئي وصيت موجب کولي ڇڏڻيون آهن
هڪ نئين مشاهدي جي لاءِ
جيڪي ڳالھيون مونکي وري به
ڪنھن ٻي قسط ۾ ئي لکڻيون آهن
نظم جيڪو پاڻ کي هڪ ڀيرو ٻيھر لکرائڻ ٿو چاهي
نظم جيڪو مرڻ کانپوءِ به زندھ رهڻ ٿو چاهي.