مونکي آوارگيون وڻنديون آهن...!
جت محبتون سھڻيءَ جيان سڌيون وهنديون آهن
آئون طوفان ۽ سمنڊ جي صُلح به آخر ڪيئن ڪرايان
صحرا جيڪو مونکي معيارون ڏيندو رهي ٿو
سُڪي وڃڻ جو سڄو قصور
جيڪو سمنڊ ڏانھن ئي وڃي ٿو
هڪ صحرا جو خط
جيڪو مونکي سمنڊ کي به ڏيئڻو آهي
مونکي طوائفون ان ڪري وڻنديون آهن
جو گھر جي مسواڙ جيترا پئسه ته
رڳو پنھنجي خوشبوءِ تي ئي ختم ڪنديون آهن
سندن ايمانداري گاهڪ جي گلا کان وڏي هوندي آهي
مونکي اُهي عورتون هرگز ناهن وڻنديون
جيڪي جوانيءَ ۾ به اڌڙوٽ لڳنديون آهن
جن جا اصول عشق جي آبياري کي سمجھي ناهن سگھندا
جيڪي گھرن جي ديوارن ۾ پنھنجا چھرا ڏسي
پاڻ ۾ ئي پوڙهيون ٿي وينديون آهن
مونکي آوارگيون ان ڪري وڻنديون آهن
جو اُهي مون جيان ئي ترتيب آهن
آئون جيڪو بي ترتيب هئڻ جي ڪري
توکي به ناهيان سنڀالي سگھيو
مونکي موسمون ان ڪري ناھن وڻنديون
جيڪي ماڻھن جھڙيون ٿينديون آهن
جيڪي ڪنھن به وقت مٽجي سگھن ٿيون.