آئون توکي ڪجهه اهڙا گيت ڏئي وڃڻ ٿو چاهيان...
درياھ جي وهڪري جھڙا
جيڪي سُڪل ٻيلن کي به سائو ڪريو ٿا ڇڏين
۽ سمنڊ سان ملي سمنڊ ٿي وڃڻ ٿا چاهن
آئون تنھنجي لاءِ اهڙا گيت لکي ٿو وڃان
جيڪي رات ۾ به ٻرڻ جو هُنر ٿا رکن
جن کي پنھنجي گوڙ ۽ پنھنجا تجلا آهن
جن وٽ پنھنجا ڏينھن ۽ پنھنجا مينھن آهن
جيڪي ڪنھن به مُند ۾ ماڻھن مٿان وسي ٿا سگھن
آئون تنھنجي لاءِ ڪجھه اهڙا به گيت لکي ٿو وڃان
جن جي شڪل ھوبھو ماڻھن جھڙي آهي
بُک ۾ پھا ٿي ويل نسلن جھڙي آهي
هڪ ٻي کي سڏي ڀر ۾ ويھاري روئڻ جھڙي آهي
ذرو ذرو ٿي مري وڃڻ جھڙي آهي
ڳوڙهن مان ڀريل اکين جي پُسيل پاندن جھڙي آهي
ماءُ جي سُڪي ويل ٿڃ اڳيان ٻاڪاريندڙ ٻارن جھڙي آهي
صُبح کان وٺي رات ٿي وڃڻ تائين
پنھنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ جھڙي آهي
آئون اھڙا گيت توکي ڏئي ٿو وڃان
جن جو آواز ڌرتيءَ سان ملندڙ آهي
جن جي غيرت ڪڏهن به مرڻي ناهي
جن ۾ مردن جو قد جبلن جي چوٽين جيڏو آهي
جيڪي زندگي ۽ موت کي پاڻ سان گڏ کڻي ٿا هلن
جن کي ٻُڌندي ئي ماڻھن جا چھرا مُرڪيو ٿا پون
جن جا حوصلا ڳاڙهي اک جي خوابن جھڙا آهن
جن اندر طبل وڄندي محسوس ٿا ٿين
جن کي فتح ڪيل وطن جيڏو اعزاز حاصل آهي
مون تنھنجي لاءِ اهڙا ئي گيت لکي رکيا آهن
جن کي باغين جون عورتون چُميون ڏئي
پاڻ وٽ سنڀالي رکنديون آهن
جيڪي جنگ جي ميدان ۾ تلوارون ٿي وڙهندا آهن
جن ۾ واپس ڀڄي اچڻ جو ڪو به گس کُليل ناهي
جن جي للڪار دنيا کي ڌوڏڻ لاءِ ڪافي آهي
جن سان صرف آزاد ديس جا سپاهي ئي محبت ڪري ڄاڻن ٿا
جن کي مائرن پنھنجن ٻارن جي لولي بڻائي ڇڏيو آهي
جن جي گونج هاڻ گھرن کان ٻاهر نڪري
شھرن تائين پُڄي چُڪي آهي
آئون توکي ڪجھه اهڙا ئي گيت ڏئي وڃڻ ٿو چاهيان
جن ۾ تون ھميشه پنھنجو پاڻ کي زندھ ڏسندي رهين
جن سان پکي ته ڇا پر
ماڻھو به پنھنجن خيالن جا پر کولي اُڏامي سگھن
جن جو آواز ڌنارن جي اُن سينڍ جھڙو آهي
جن جي پويان ڌڻن جا ڌڻ هلي ٿا سگھن
جيڪي درياھ ته ڇا پر سمنڊ به اُڪري ٿا سگھن
آئون توسان ڪجھه اھڙا ئي گيت منسوب ڪرڻ ٿو چاهيان
جن کي ڏيئن جھڙيون اکيون آهن
جيڪي رات ۾ ئي ٻرڻ ٿا چاهن
جن ۾ ڏينھن هجڻ جو چھرو ڏسي ٿو سگھجي
جن کي هاڻ وقت جو
ڪو به ڪارو طوفان وسائي نٿو سگھي.