آئون ڏسڻ ٿو چاهيان اُهو سج ...
سج ڳولھيندي مونکي ڪيئي سال ٿي ويا آهن
رات جيڪا منھنجي زندگيءَ جو
پاند ڇڏڻ لاءِ تيار ئي ناهي
آئون پاڻ کي ساڙي روشن ٿيڻ ٿو چاهيان
آئون پنھنجي سج کي
پنھنجي ئي اکين سان ڏسڻ ٿو چاهيان
ساھ جي سيڙهيءَ
جنھن جا ڏاڪا به هاڻ ڏڪڻ لڳا آهن
رات منھنجا پير جھلي
مونکي پاڻ ۾ پورڻ ٿي چاهي
گُھٽ جي گھري قبر ۾
منھنجا ڪيترائي ماضي مئل آهن
آئون شھرن جي اکين کان به اڻ واقف آهيان
شھر جن کي بلبن جون اکيون آهن
شھر جيڪي مصنوعي ساھ کڻن ٿا
شھر جن کي گٽرن کائي ڇڏيو آهي
اڪيلاين جي اونداهيءَ ۾ لکيل
منھنجا سڀئي نظم سج جھڙا آهن
آئون رات جو رسو پنھنجي ڳچيءَ مان ڪڍڻ ٿو چاهيان
لٺ تي هلڻ جھڙا ڏينھن به روشنيءَ ۾ رکڻ ٿو چاهيان
سج جيڪو هاڻ ماڻھن مٿان نٿو اُڀري
سج جنھن مٿان رات سُمھي پئي آهي
سج جيڪو سالن کان گُم آهي
آئون ڏسڻ ٿو چاهيان اُهو ئي سج
جيڪو هن ڌرتيءَ جيڏو آهي
جيڪو رات مٿان به هلي سگھي ٿو
جيڪو ماڻھن منجھان ئي اُڀرندو آهي.