رت جنھن جو نئون نالو ريحانا الجباري آهي ...!
جُبن ۾ ويڙهيل مُلڪ جا ملائڪ
فتوائن جا ڪتاب پڙهي رهيا آهن
ماڻھو جيڪو هاڻ پنھنجن هٿن سان
زهر پيئڻ جي به قابل ناهي رهيو
اڄ ايران جيڪو ستارن کان خالي لڳي رهيو آهي
امن جا اڇا ڪبوتر اڏامڻ کان اڳ پٽ تي ڪري پيا آهن
ريحانا الجباري تنھنجي ريپ جي رات
خدا لاءِ هڪ نئين سوڳ جو سفر آهي
تنھنجي رانن تان ڳڙيل رت
مراقبن جي منھن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي
عدالتن جي هٿ مان ساھمي جو تورو وڃائجي وڃڻ
انصاف جي انڌي هُئڻ جو دليل آهي
قُم نديءَ جيان تنھنجي نيڻن جو وهي پوڻ به
وقت کي ٻوڙي نه سگھيو
بند کولين ۾ لکيل تنھنجا ڏوراپا
ڏينھن جا ڏينھن ويھي پڙهي روئڻ جھڙا آهن
تنھنجي ماءُ ته ان ڏينھن ئي اُداس ٿي وئي هئي
جنھن ڏينھن تنھنجو خط
جوانيءَ جي ٽُٽل ٽارين سميت وٽس پُھتو ھو
ماءُ جيڪا ٿڃ جي اوڳاڙي به اولاد کان ناهي وٺندي
اڄ تنھنجي ماءُ تنھنجي لکيل خط مان
رت جون گُرڙيون ڀريندي ئي مري وئي آهي
رت جنھن جو نئون نالو ريحانا الجباري آهي
آئون تنھنجي رڙ کي
مٽيءَ ۾ پورجڻ کان اڳ زندھ ڏسڻ ٿي چاهيان
توسان ٿيل زوري زنا جا ڏينھن
جيڪي اڃان سُڌي ڏڪي رهيا آهن
ڪاش تنھنجي هلايل گولي ايران جي اک ۾ لڳي پوي ها
نوٽ: ايران جي ڇوڪري ريحانا الجباري جنھن سان قانون جي رکوالن زوري زنا ڪيو هو ريحانا الجباري جنھن کي آخر موت جي سزا ڏني وئي.