آئون ڪيئن اهو هُن کي ٻڌايان ...!
اهو منھنجي لاءِ هڪ نئون تجربو هو
ماڻھوءَ جو ماڻھو کان پري ٿي وڃڻ ئي
سڀ کان وڏو سانحو آهي
ڀتن تي لکيل تنھنجي ۽ منھنجي نالي جا پھريان اکر
هاڻ ته بارشن به ڊاهي ڇڏيا آهن
وڻن جيان وڍجي وڃڻ
۽ وري ڪڏهن نه مورڻ
اهو تون مونکي ڏسي ۽ مونکان ئي پُڇي ٿي سگھين
اڪيلائيءَ جي آريءَ تي چڙهيل آئون اُهو ماڻھو آهيان
جنھن کي وڇوڙا واڍن جيان وڍيندا ئي رهن ٿا
آئون تو مان ٻري ۽ تو ۾ ئي وسامجي ويو آهيان
پنھنجي ملڻ جا ڏينھن
عشق جي اوڀر کان الائي ته ڪڏهن اُڀرندا
هاڻ ته آئون پنھنجو پاڻ ۾ اُٿي بيھڻ جھڙو به ناهيان رهيو
درد مونکي درياھ جيان ٻوڙي
ٻاڪارڻ جھڙو به ناهي ڇڏيو
پوءِ به مون تنھنجا واعدا
وفائن جي پوريل مُٺ ۾ پاڻ وٽ سنڀالي رکيا آهن
حقيقتن جون ٻڌل سموريون هڙون
آئون تنھنجي ئي حوالي ڪرڻ ٿو چاهيان
آئون تنھنجون ڳالھيون ڳڻي
ڳوٺ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏڻ ٿو چاهيان
ڳوٺ جيڪو تنھنجي ۽ منھنجي گڏيل سُڃاڻپ آهي
تنھنجون ڪيل ڳالھيون اڄ به مون ۾ موري رهيون آهن
اهو ڪيئن توکي ٻڌايان ته
آئون تو ۾ پناھ وٺڻ لاءِ ڪيڏو پريشان آهيان
هوءَ اڪثر مونکي اهو چوندي آهي ته
تنھنجي شاعري ۾ هاڻ توازن ڇو ناهي رهيو
آئون ڪيئن اهو هُن کي ٻڌايا ته
تنھنجي وڃڻ کانپوءِ آئون خُود به توازن ۾ ناهيان رهيو.