آئون پنھنجي اکين کي زندھه رکڻ ٿو چاهيان
اُنھن ماڻھن کي ڏئي ڇڏيون آهن
جيڪي توکي ڏسڻ جي خواهش رکن ٿا
پنھنجي وڇوڙي جو هي اٺون سال
مون انتظار جي آسمان هيٺان ويھي گذاريو آهي
تو ۾ درياھ جي چاڙھ جو اچي وڃڻ ئي
منھنجي ٻُڏي وڃڻ جو سبب بڻيو آهي
تون پيار جي پني تي لکيل اهو پھريون اکر آهين
جيڪو هاڻ وضاحتن کان به وڃائجندو پيو وڃي
مون وٽ تنھنجي مُحبت جي ميڙي چونڊي کانسواءِ
ٻيو هاڻ ڪجھه به ناهي بچو
دلين جي دنگن تي لڳي ويل درد جا ڪلا
توکان سواءِ ٻيو ڪڍي به ڪير ٿو سگھي..!!؟
آئون پنھنجي من ۾ ڀريل محُبتن جا مٽ
تو مٿان ئي هارڻ ٿو چاهيان
تون جيڪا سمنڊ جي سامھون بيٺل لھر جو اُڀار آهين
آئون پنھنجا آئيندا به
تنھنجي اچڻ لاءِ پٽن تي پوکي ڇڏڻ ٿو چاهيان
تون منھنجي وجود ۾ وڻ ٿي موري پئو
آئون تو مٿان شاعري ءَ جا
صحيفا لاهڻ جي ڪوشش ڪندس
آئون پنھنجي فنا ۾ ڦٿڪي مرڻ نٿو چاهيان
تون ئي ته منھنجي دنيا جو پھريون دليل آهين
جنھن سان جياپي جي جنگ وڙهي سگھجي ٿي
آئون پاڻ مان توکي ڪيئن ٻاهر ڪڍان
تون جيڪا منھنجي تسلسل جو توازن آهين
آئون نٿو چاهيان ته تون منھنجي اکين کان پري ٿي وڃين
آئون مري وڃڻ کانپوءِ به
پنھنجي اکين کي زندھ رکڻ ٿو چاهيان
اُنھن ماڻھن ۾ جيڪي صرف توکي ئي ڏسڻ ٿا چاهين.