شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

زبان جيڪا گھڻون ڪجھه ڳالھائڻ ٿي چاهي ..!

هُنن کي منھنجي زبان تي ڪو به ڀروسو ناهي رهيو
ڪيترائي ڀيرا
پنھنجو پاڻ کي عذاب ۾ اڇلائيندڙ زبان
مون سان به ڪاوڙ ۾ مخاطب ٿيڻ لڳندي آهي
آئون وات تي هٿ رکي
کيس پاڻ ۾ پوري به ڇڏيندو آهيان
پر زبان جيڪا واڇن مان وهي گگون ڳاڙييندي به
ڪيتريون ئي ڳالھيون ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪندي آهي
مون زبان جا ذائقه مٽائڻ جي لاءِ
ڪافي طريقا به استعمال ڪيا آهن
ڪيترن ئي بورچيخانن ۾
کيس وٺي وڃي طعام به چکرايا آهن
پر سندس ذائقو اڃان تائين تبديل ناهي ٿي سگھيو
زبان جيڪا زمانن جا داستان بيان ڪرڻ ٿي چاهي
زبان جنھن جي ٻوليءَ ۾
سچ جو سج اکين جي سامھون بيٺل ٿو نظر اچي
جنھن کي برداش ڪرڻ جي لاءِ
مونکي ڪيترين ئي قيامتن مان گذرڻو ٿو پوي
سندس ڳالھيون ايتريون ته کاريون آهن جو
خلق جا خُدا به کين کائيندي ئي کارا ٿيو پون ٿا
زبان جنھن ۾ کاراڻ جو ذائقو ڪجھه زياده ئي وڌو ويو آهي
زبان جيڪا هاڻ منھنجي وس ۾ به ناهي رهي
زبان جيڪا صالح آخوند جيان
قتل ٿيڻ جا قصا ورجائي رهي آهي
زبان جيڪا رت ڳاڙائي زخمي ٿيڻ کان به نٿي ڊڄي
زبان جيڪا سُتل ماڻھن کي وڏا سڏ ڪري اٿارڻ ٿي چاهي
زبان جيڪا
زندگيءَ جا چڳيل زخم چٽي سُڪائڻ ٿي چاهي
زبان جيڪا
وات مان ٻاهر نڪري گھڻون ڪجھه ڳالھائڻ ٿي چاهي.
