هو منھنجي شاعريءَ جو قد ماپڻ چاهن ٿا....
قد ۽ بُت جي ماپ کان
ڪپڙي ۽ ڪاٺ جي ماپ کان
هو معيار جي ماپ
سُتن کان وٺي انچن ۽ ڦٽن تائين ڪرڻ ٿا چاهن
هو واڍي جيان وڍي
ماڻھوءَ کي ڪاٺ بڻائي ڇڏڻ ٿا چاهن
هو جيڪي ارتقا جي واڌاري جو ٺيڪو
پنھنجن ئي هٿن ۾ کڻيو ويٺا آهن
هو چاهن ٿا ته ماڻھوءَ جي ماپ جيان
معيار جي به ماپ ٿيڻ کپي
هو چاهن ٿا ته خيالن جون کڙهون گھڙي
معيار جي ميدان ۾ ڪو وڏو ميل ڪرائجي
هُنن وٽ ماپ ڪرڻ جي لاءِ هڪ فُٽ اسڪيل آهي
جنھن سان هو شاعريءَ جو قد ماپڻ ٿا چاهن
هو مھارت جي دعويٰ ڪندي
اها به يقين ڌياني ڪرائي رهيا آهن ته
اسان جي ڇاڙڪين سان ڪيل ماپ به
سُت برابر سوڙهي ناهي هوندي
هو منھنجي شاعري جي ماپ ڪرڻ ٿا چاهن
درياھ ۽ سمنڊ سا نه
وڻن ۽ پکين سا نه
سج ۽ چنڊ سا نه
ڌرتي ۽ آسمان سا نه
پر هو ماپڻ ٿا چاهن منھنجي شاعريءَ کي
پاڻ کان وڏي ڦُٽن واري ڦيٿ سان
هو خود جيڪي پنھنجي قد ۾ به ڄامڙا آهن
سي چاهن ٿا ته آئون پنھنجي شاعري جي ماپ
سندن فُٽ اسڪيل واري دُڪان تان ڪرايان
جت ڪيترن ئي شاعرين جي ورتل ماپ وارا ڪپڙا
اڃان تائين سبجي ناهن سگھيا
آئون پنھنجي شاعريءَ جا ڪپڙا لاهرائي
کيس اگھاڙو ڪرڻ نٿو چاهيان
آئون پنھنجي شاعريءَ جي اک تي پلڪار رکي
گول دنيا کي اڌ گول ۾ ڏسڻ نٿو چاهيان .