شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

خط جيڪو گھڻون اُداس آهي...

آئون پاڻ کي سگريٽ جيان ساڙي
رات ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئس
ڪاٺ جي پراڻي بينچ
جيڪا منھنجي اڪيلائيءَ کان گھڻي واقف آهي
چرس جي چلم پيئڻ کانپوءِ موسو موالي
کنگھه سان واهجو نڀا ڪندو آهي
اڄ سندس هٿ ۾ هڪ خط آهي
خط جيڪو ريلوي اسٽيشن تان کيس مليو آهي
خط جي شڪل ته ميري ٿي چڪي آهي
پر خط جيڪو اڃان به ساھ کڻي رهيو آهي
خط جيڪو کولڻ وقت به
اکيون کولي ڏسڻ جھڙي حالت ۾ آهي
خط جيڪو عشق جي ڳولا ۾ نڪتل ماڻھوءَ جيڏو آهي
سندس حالت حادثاتي طور تي ته زخمي ٿي چُڪي آهي
پر سندس لفظ ڪٿ به ٿيڙ نٿا کائن
خط جنھن ۾ محبت جو مينھن ڀريل آهي
جيڪو ڪنھن مھل به ماڻھوءَ مٿان وسي سگھي ٿو
خط جو پھريون پنون
محبوب ڏانھن اُماڻيل چميءَ جھڙو آهي
جنھن کي پڙهي پاڻ سان گڏ کيسي ۾ رکي سگھجي ٿو
خط جو ٻيو پنون
جيڪو پنھنجو پاڻ سان ڪيل گفتگو ۾ گُم ٿيل آهي
جنھن کي پڙهندي مانهو پاڻ به وڃائجي وڃي ٿو
خط جو آخري پنون
جيڪو گھڻون اُداس آهي
جنھن تي پڙهڻ وقت ئي روئي سگھجي ٿو
خط جنھن کي اڃان گھڻون سفر ڪرڻون هو
خط جيڪو ڪنھن جي انتظار ۾ آهي
خط جنھن مٿان ڪا به ايڊريس ناهي لکيل
خط جنھن کي
موسي موالي پنھنجي کنگھه سان گڏي رکيو آهي
خط جيڪو اڄ به مون جيان
اُداس ريلوي اسٽيشن تي رلي رهيو آهي.
