ازل جي اُڃ ...
اُڃ جيڪا اکين جو پاڻي به پي ويندي آهي
اُڃ جيڪا ڪربلا ٿي ماڻھو ڪُھي ڇڏيندي آهي
گھر ۽ گھٽيءَ جي اُڃ
ڳوٺن ۽ شھرن جي اُڃ
نسلن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيل اُڃ
جيڪا هوءَ صُبح کان ڳولھيندي رهي
هُن جو پنڌ دلي جي ڀرجي وڃڻ جيترو هو
هوءَ شام جي لڙي وڃڻ کان اڳ
وري اچڻ جو واعدو
پنھنجن اڱڻن جي اُداسين سان ڪري نڪتي هُئي
پر اُڃ هن جي عمر کان الاهي وڏي هُئي
هنُ ڪڏهن به سمنڊ پي وڃڻ جي ڳالھه نه ڪئي هُئي
ڀٽائي تنھنجي سُڪار واري سنڌ
ڪيڏي نه اُڃاري ٿي وئي آهي
اُڃ جيڪا هاڻ ٻچا به کائيو ٿي ڇڏي
اُها ئي ازل جي اُڃ
هوءَ دلي ۾ درياھ وجھڻ لاءِ نڪتي هُئي
جنھن کي صحرا پاڻي سمجھي پي ڇڏيو آهي...!
نوٽ: ڪاڇي جي عورت تي لکيل جيڪا پاڻي جي تلاش ۾ نڪتل پنھنجي ننڍڙي ٻار سان گڏ صحرا ۾ رُلندي ئي مري وئي.