شاعري

تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

ھي ڪتاب نامياري شاعر اياز امر شيخ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. اياز امر جي نظمن بابت مھاڳ ۾ نواز شاھ ڀاڏائي لکي ٿو:”ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن. ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو بہ آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر بہ آھي تہ انچلاسر بہ آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات بہ آھي تہ ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ بہ آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري بہ آھي تہ غالب جي مئہ نوشي بہ آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني بہ آھي تہ امراءِ القيس جي گيتڪاري بہ آھي“

Title Cover of book تنهنجي وڃڻ کانپوءِ

اداري پاران

هن سنڌ جي مٽيءَ تي ڪيترائي ڏات ڌڻي رهن ٿا، جن جي شعور جا ڏيئا اونداهي راهُن کي روشن ڪندا پيا اچن. اهڙي ئي ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ صبح جي روشنيءَ جھڙو اجرو ڪوي اياز امر شيخ ڪيترن ئي ڪتابن جو تخليقڪار آهي. سندس سُڃاڻپ کي ڪيترائي سڏ آهن. هي سندس ستون ڪتاب آهي، جنھن کي رُوپا پبليڪيشن ڇپائي هڪ وڏي سرهائي محسوس ڪري ٿي. اُميد ٿي ڪجي ته اياز امر جو هي پورهيو ضرور پنھنجي منزل ماڻيندو.